Thursday, November 14, 2019

ھوٿل پري کان موڪلاڻي - علي بابا


ھوٿل پري کان موڪلاڻي
مختصر ڪھاڻي
علي بابا
صبح جو سويري، سنڌباد ۽ سندس ساٿي، ھوٿل پريءَ جي محل ۾ وھنجي سھنجي، نوان وڳا پھري، نيرن جي دسترخوان تي آيا. جتي ھوٿل پريءَ ۽ ڪامڻڪور پدمنيءَ سان گڏجي ماکي، مکڻ ۽ ڦلڪن سان نيرن ڪيائون ۽ مٺا شربت پي تن تازا ڪيائون. جڏھن کائي پي ڍءُ ڪيائون ته ھوٿل پري سنڌباد کي چيو؛ 
”آئون نويڪلائيءَ ۾ تو سان ڪجھه ڳالھائڻ ٿي چاھيان. مھرباني ڪري منھنجي پٺيان اچو.“


سنڌ باد ھوٿل پري جي پٺيان ھلندو، ھوٿل پريءَ جي خاص سمھڻ واري ڪمري ۾ آيو، جنھن ڪمري ۾ اھا جادوئي آرسي رکيل ھئي. ھوٿل پري سون ۽ چانديءَ جي تاڪن واري ڪٻٽ جو دروازو کولي، ھڪ گول ھيرن مڙھيل ننڍڙي آرسي ڪڍي، سنڌباد کي ڏيندي چيو:
سنڌباد! دنيا مشڪلاتن ۽ حادثن جو گھر آھي. آئون چوان ته تو کي ڪوسو واءُ به نه لڳي. تون جتي به ھجين، آئون تو سان گڏ ھجان. دل ته گھڻو ئي ٿي چوي، پر آئون تو سان ھلي نٿي سگھان. ڇو ته ننگر پارڪر مٿان سدائين بدنيت ڌاريا خون خوار ڏئوت ۽ راڪاس حملا پيا ڪندا آھن. ھي منھنجو ملڪ آھي، وطن آھي، آئون ان جي حفاظت نه ڪنديس ته ٻيو ڪير ڪندو؟ ان ڪري تو کي چاھڻ جي باوجود به آئون تو سان گڏ نٿي ھلي سگھان. مون کي خبر آھي، کارو کيڙيندي تو کي الائي ڪھڙيون ڪھڙيون مشڪلاتون آڏو اچن، انھيءَ ويل ھي ننڍڙي جادوئي آرسي تو کي ڏاڍو ڪم ايندي. انھيءَ وقت تون ھن آرسيءَ کي ھيئن حڪم ڏيندين:
آرسي ڙي آرسي
او ٽڪل ٻڌل آرسي
سمونڊ جي تري جيڏي آرسي
ھن آر، ڪي ھن پار
ڪير اچي پيو، ڪير وڃي پيو
ڪھڙا ٿين پيا ٿا واپار
سڀ ڏيکار ...
نه ته ٽڪرا ٿيندين چار
آرسي ڙي آرسي
او ٽڪل ٻڌل آرسي
سمونڊ جي تري جيڏي آرسي
ڪھڙا دشمن، ڪھڙا دوست،
ڪھڙا مانگر، ڪھڙا ڪن،
ڪھڙا وڙھندا، ديو ۽ ڪوراڙ
سڀ ڏيکار ...
نه ته ٽڪرا ٿيندينءَ چار
آرسي ڙي آرسي
او ٽڪل ٻڌل آرسي
سمونڊ جي تري جيڏي آرسي ...‘
پوءِ انھي ۾ تو کي مان ڏسڻ ۾ اينديس. تو کي منھنجي جيڪا به مدد گھربي آئون ھڪدم حاضر ٿي، تنھنجي مدد ڪنديس.“
سنڌباد ھوٿل پريءَ کان اھا آرسي وٺي ڏاڍو خوش ٿيو.
ٻاھر، اٺن جي دڪي تي گوڪل ديو، خوبصورت ڪجاون سان سجايل اٺن جي قطار، دڪي آڏو اچي ھشائي ھئي. گوڪل ديو جو منھن لٿل ھو. ھن جي دل پئي چاھيو ته سنڌباد ڪجھه ڏينھن ترسي پوي ته ھو سندس خدمت ڪري، ڪچھريون ڪري ۽ کيس ڪارونجھر جبل جا سير ڪرائي، پر اڄ سنڌباد پنھنجي سفر تي روانو ٿي رھيو ھو.
اٺ جون قطارون دڪي لڳ ھشائي گوڪل ديو تڪڙو تڪڙو دالان ۽ ورانڊا لتاڙيندو، ھاٿي جيان ڌم ڌم ڪندو، شاھي محل ۾ ھوٿل پريءَ آڏو آيو ۽ ڪورنش ڪندي چيائين:
“شاھي مھمانن جي سواري تيار آھي!”
گوڪل ديو جي ڳالھه تي سنڌباد ۽ سندس ساٿي، ھوٿل پري ۽ ڪامڻڪور پدمڻيءَ کان موڪلائي محل کان ٻاھر آيا ۽ ھلندا اچي، ھشيل اٺن جي ڪجاون مٿان وڏي ٺٺ ۽ اڊمبر سان ويٺا. جتن، اٺ کڙا ڪيا. ھاڻ سندن قافلو پاراشر رشيءَ جي اسٿان ڏانھن ھلندو ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment