Saturday, December 7, 2019

وجود جي ڳولا ۾ نڪتل ڪھاڻي ۽ فرزانه - ضراب حيدر


وجود جي ڳولا ۾ نڪتل ڪھاڻي ۽ فرزانه.
ڀيڻ فرزانه شاهين جي جنم ڏينهن جي حوالي سان اسڪيچ خاڪو
ضراب حيدر
ستين جي آستان سامهون اُتر ۽ اُتر اولهاوين ڪُنڊ تي هڪڙو شهر آباد آهي. پارسين جي دؤر کان به آڳاٽو شهر. جنهن جي ڪڙ کان جڏهن درياهه وهندو هو ته اُن جا ڌڌڪا ۽ گُرگاٽ پيا روهڙي ۽ بکر جي ڪاٺ مڏين ۾ ٻڌبا هئا. ڪاٺ مَڏيون، جيڪي سنڌوءَ ڪناري پساريون پيون هونديون هيون.


ڪاٺ جنهن جي خوشبوءِ رندي لڳڻ ۽ پُسي وڃڻ کانپوءِ الڳ الڳ ڏسائن جهڙي محسوس ٿيندي آهي. اُن ڪاٺ جي خوشبوءِ سندل ۽ سُهاڳي جهڙي به هوندي آهي. مان جنهن شهر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، اُن شهر جي خوشبوءِ رندي لڳل سُهاڳي جهڙي آهي ۽ اُهو ئي شهر ته منهنجي جنم ڀومي آهي. ها مان شهر سکر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. جنهن جو هُڳاءُ مون کي پنهنجي روح ۾ محسوس ٿيندو آهي. هونئن ته هِن شهر جا قصا ڪهاڻيون گهڻيون آهن. هن شهر سان منهنجا رابطا ۽ سنٻنڌ به گهڻا آهن. پر ڪي هن شهر جا ماڻهو آهن، جيڪي منهنجي من ۾ اروڙ جو قلعو بڻيل آهن.
جنهن شهر ۾ منهنجي اورَ پُوريل آهي، تنهن شهر سان منهنجي واسطو ملير ۽ ڀالوا وارو آهي. هن شهر جا ماڻهو مون لاءِ مارو آهن، منهنجا مارو.
ڪهاڻي جيڪا منهنجي سرتي به آهي ته ادي به، جيئن اديون شاهه لطيف چئي تيئن مون ڪهاڻيءَ کي پنهنجي وجود ۾ ڀٽائي جي بيتَ جيان، تنبوري ۽ وائي جيان ورنائجندي محسوس ڪيو آهي. ڪهاڻي جنهن جا سڏ پڙاڏا مون مُهين جي دڙي کان ويندي ڀنڀور تائين ٻُڌا آهن. تنهن جون نِسبتون ۽ سِلسلا به مون سان ڏاڍا پراڻا ۽ آڳاٽا آهن. مان اُنهن نِسبتن ۽ سِلسلن جي جيڪا تسبيح سوريندو ۽ وِرد ڪندو رهيو آهيان، تنهن ۾ پوئيل داڻا، ٻانگا ۽ شاهد، جيتوڻيڪ نوانوي جي ڏهاڪي واري صورت صفا سبحان بڻيل آهن. پر اُنهن داڻن ۽ شاهدن کي سوريندي، منهنجو ورد، جتي کن پل لاءِ رُڪجي وڃي ٿو، جنهن شاهد جي گواهي منهنجي دل ڏيڻ لڳي ٿي سا فرزانه شاهين آهي.
فرزانه شاهين، جيڪا ڪهاڻي واري سفر ۾ منهنجي ڀيڻ به آهي ته سرتي به. هُن جون ڪهاڻيون، منهنجون ۽ منهنجي ڪهاڻين جون جيڏيون اِن ڪري به آهن جو منهنجين توڙي فرزانه شاهين جي ڪهاڻين، ساڌ ٻيلي جي ويرانين ۾ صدين جون رياضتون ڪيون آهن ۽ اروڙ جي بربادي جيڏا سُور پرايا آهن. سندس ڪهاڻيون، کڻي ڪهڙي به دؤر ۾ آشڪار ٿيون هجن، پر اُهي مُهين جي دڙي جي ڪمال واري دؤر ۾ به ٻين ڪيترين ۽ منهنجي ڪهاڻين سان گڏجي ناچڻيءَ جيان امن جون، پيار جون، تهذيب جون ڌمالون هڻنديون رهيون آهن. ها شايد جڏهن اڃا مُهين جو دڙو ڪمال کي نه رسيو هو، تڏهن به سندس ڪهاڻيون هڪ سنڱي unicorn جي سنڱ جيان، پنهنجي بي مثال خوبين سان هماليه جي ميدانن مان سنڌو بڻجي، وهنديون رهيون هيون. اِهو ان لاءِ به چوان پيو جو فرزانه جي ڪهاڻين جي ٻولي ۽ بڻاوت، سماج جي سمورين بُرائين ۽ زهرن کي چُهي وٺندي آهي. سندس ڪهاڻيون يونيڪارن جي سِنڱ جيان هڪ ترياق آهن.
ڪهاڻيڪار يا ليکڪ، جڏهن اوڳاڇيندو آهي ته اُن ۾ ڀانت ڀانت جا زهر مُهرِيا نسري پوندا آهن. پر فرزانه جي ڪهاڻين جا رنگ ئي نرالا آهن. زندگيءَ جي رنگن جهڙا رنگ، ٻار جي مُرڪ جهڙا رنگ.
سنڌ جا قديم شهر، جن مان سکر به آهي، سي مون کي پَرين ۽ ديوَن جا شهر لڳندا آهن. جتي راڪاسن جا پڻ پاڇا هوندا آهن. سکر شهر جا تڙ هُجن يا نيم ڪي چاڙهي وارا ور وڪڙ هُجن يا وري سکر بئراج وارا در هُجن؛ ڪنهن سحر يا جادو جيان لڳندا ۽ وهندا آهن. ڏات جي ديوي، هن شهر تي راتين جو لهندي آهي ۽ وڃي اُنهن دلين تي واسو ڪندي آهي، جيڪي ڳيري جي دل جيان نازڪ ۽ حساس هونديون آهن.
مون کي خبر آهي ته ڏات جي ديوي، ڪهڙي هوندي آهي. اها ڪيئن دلين تي واسو ڪندي ۽ هر احساس کي پڪڙي قابو ڪندي آهي. فرزانه جي دل، جيڪا ستين جي آستان جيان احساسن جي سَتي چڙهيل آهي، اُن دل ۽ لکڻيءَ جو هر ڏانءُ حضوري بابا جي نياز جهڙو آهي، جنهن ۾ سچائيءَ ۽ سادگيءَ کانسواءِ ڪجھه به ناهي هوندو. مانيءَ ٽُڪر تي مڇيءَ ذرو، اِهو ئي ته حضوري بابا جو نياز هوندو آهي جيڪو هڪ مختصر، پر گهري درد سان اسان جي سموري سنڌي معاشري جي عڪاسي ڪندو آهي. ’جيها جا تيها‘ کان ويندي ’ڏُٿ ڏهاڙي سومرا‘ ۽ پوءِ ڪاري پوشاڪَ ’درد جي اوڍيل پوشاڪَ، درد جي علامت‘ ۽ هڪ انوکو احتجاج. فرزانه جون سموريون ڪهاڻيون، لڳ ڀڳ حضوري بابا جي نياز وانگي هڪ وڏي درد ۽ هڪ وڏي ڪٿا سان هڪ وڏو احتجاج آهن، جن ۾ سادگي بي مثل آهي.
شروع شروع ۾ جڏهن مختلف رسالن ۾ فرزانه شاهين مڱڻيجو، بانو محبوب جوکيو، رحمت ماڃوٺي، علي ڀاءُ، تسليم منگي، حميرا نور، ساحر پريمي، منهنجون ۽ ٻين جون ڪهاڻيون ڇپبيون هيون ته هڪ عجيب قسم جا تصور ذهن ۾ اُڀرندا هئا. ڪهاڻيڪار، جيڪو پنهنجي خيال ۾ هڪ وڏو آرٽسٽ ۽ ڪئمرامئن هوندو آهي، اُنَ وٽ لفظ، جملا ۽ لکڻيون پنهنجي خيالن سان جڙي عڪاسيون به ڪنديون آهن. اڻ ڏٺل ماڻهو، سامهون رکيل چند لفظن ۽ جملن ۾ زندهه ٿي پوندا آهن. تِن جون تصوراتي تصويرون، سامهون اچي بيهنديون آهن.
اُن زماني ۾ رحمت ماڃوٺي جو تصور، مون وٽ ايئن هو ته ڪو سيلاني ماڻهو آهي جيڪو شاهه بندر، ڪيٽي بندر يا وري ڀڳڙا ميمڻ کان زيرو پوائنٽ واري سمنڊ ڪناري ويٺو آهي. وڏا وکريل وار اٿس، جيڪي سندس سنهڙي جسم تي وکريا پيا آهن. ايئن اهڙي انداز ۾ ويٺو آهي، جيئن ’لڳي لڳي واءُ، ويس انگڙا ڍڪجي‘. سامونڊي هوائون، سندس جهوليءَ ۾ ايئن لهن ٿيون، جيئن پکي چُڳڻ لاءِ پوٺن تي لهندا آهن. واهوندا سندس ڪنن ۾ ڪنهن محبوبا جيان، سرگوشيون ڪري، ڪنهن چُنريءَ جيان وڇائجيو وڃن. سامونڊي وڏا ٻيڙا ۽ بتيلا، سندس سامهون سندس چرنن ۾، ڪجهه لاهي روانا ٿيو وڃن. ۽ هو اُهي سڀ شيون مِٽيءَ جي چپٽيءَ جيان ڀري، سُفيد ڪاڳرن تي ٻُرڪي ٿو. پوءِ سفيد ڪاڳرن تان ڪي ٽانڊاڻا ۽ جگنو آڪاس ۾ تارن جيان پکڙجيو وڃن ... پوءِ نظر ايئن ٿو اچي ته سُفيد ڪاڳر، انيڪ ڪهاڻين ۽ آرٽ جا سرچشما بڻجيو پون. گهڻو پوءِ جڏهن رحمت روبرو مليو ته لڳو ’ها ٻيلي هي آهي رحمت، سُر سامونڊيءَ جهڙو دردناڪ، جنهن ۾ اوهري جيڏو درد انيڪ ٽهڪن سان ڀريل آهي.‘
مون کي لڳندو هو ته علي ڀاءُ روپا ماڙيءَ واري دڙي هيٺان ويهي ڪجھه لکي پيو. ٺيٺ لاڙي چهرو، جنهن ۾ دودي جهڙي حشمت آهي. مون جيڪا تصوير ذهن ۾ تخليق ڪئي هئي، سا ڏسڻ کانپوءِ ڪو ذري جي فرق سان ساڳي هئي.
ائين ئي بانو محبوب جوکيو جو جيڪو تصور ذهن ۾ جڙيو هو، سو اڳتي هلي صحيح ثابت ٿيو. مان ڏسندو هوس ته هڪ ڪمري ۾ بانو ويٺي ڪجھه لکي پئي، ستارن ڀريءَ رات مان ڪا روشني سندس کڙڪيءَ مان گذري، سندس ورقن کي چانديءَ جهڙو ڪري رهي آهي ۽ پوءِ الائي ڪهڙو هوا جو جھوٽو هَلي ٿو ۽ اُها کڙڪي بند ٿيو وڃي ۽ بانو وارو ڪمرو سمورو تاريڪ ٿيو وڃي. اڄ تائين شايد اُهو تاريڪ آهي ۽ بانو محبوب ۽ سندس ڪهاڻيون الائي ڪٿي گم آهن.
مون وٽ هڪ بنهه سمپل ڪهاڻيڪارا جو تصور به جُڙندو رهيو، جنهن جو نالو حميرا نور هو. ايئن لڳندو هو ته هوءَ گُڏين جي هڪ نگريءَ ۾ پشم جهڙي گُڏي آهي جيڪا ناسي چاڪليٽي پينسل سان ڪهاڻيون لکندي آهي شاعريءَ لاءِ سندس پنسل جو رنگ ٻيو هوندو آهي. ان ڪري سندس ڪهاڻيون ساديون ۽ بنهه الڳ هونديون هُيون. گهڻو وقت پوءِ جڏهن حميرا کي ڏٺم ته حيرت ٿي پشم واري گُڏي پنهنجي ڪهاڻين سميت گُم ٿي چُڪي هئي ۽ ’گڙيا ڪي آنک سي دنيا ڪو ديکو‘واريون سموريون ڪهاڻيون سندس عينڪ جي ڪمانين ۾ ڪٿي لِڪي بيهي رهيون هُيون.
ايئن ئي هڪ ڪهاڻيڪارا تسليم منگي به هئي جنهن جو تصور به عجيب لڳندو هئم. منهنجي پنهنجي ڪهاڻي ’ٽائيٽينڪ لمحي‘ جهڙو. هوءَ، جيئن سماج ۾ مِس فِٽ هئي، تيئن ئي زندگيءِ ۾ به مِس فِٽ هئي... سندس روح، ڪٿي هن سنسار ۾ وندري سگهيو هو؟ زندگيءَ جو طوق هُن ڳچيءَ ۾ پائڻ بدران، ڪنهن هار جيان لاهي، بند پيتيءَ ۾ رکي ڇڏيو. تسليم، جنهن جون ڪهاڻيون خبر ناهي ڪهڙي وبا جي نظر ٿي هميشه لاءِ هي جهان ڇڏي هليون ويون. جيڪي ڪهاڻيون هِتي رهجي ويس، تن شايد اندر چيري لفظن جي سازن کي سُر ڏيڻ جي ڪوشش هئي. ڪيڏي نه عجيب ڪوشش هئي تسليم جي..... جڏهن کان کيس لفظن سُک ڏيڻ ڇڏي ڏنا ته هُن اُنهن اڳيان پانڌ ڦهلائڻ بدران پنهنجو ئي پانڌ ڪفن ڪري ويڙهي ڇڏيو. جنهن تسليم، احساسن لاءِ چيو هو ته احساسن کي ڪاما ته آهي پر ڪو به فُل اسٽاپ ڪونهي. تنهن زندگيءَ جهڙي نج ۽ سچي احساس کي به فُل اسٽاپ ڏئي ڇڏيو ۽ سموري ڪهاڻي ختم ٿي وئي.
ايئن ئي سنڌيا شاهه به ڪا شاهڪار ڪهاڻي بڻجي، زندگيءَ جي شاهراهه تان گُم ٿي وئي.
هڪڙو ساحر پريمي هو جيڪو ’پريم پتر‘ جهڙيون ڪهاڻيون لکندو هو سو به هوا جي دوش تي اُڏامي الائي ته ڪهڙي آسمان ۾ گم ٿي ويو.
اسانجو الميو اِهو آهي ته تمام سُٺيون ڪهاڻيڪارائون ۽ ڪهاڻيڪار، وقت جو راڪاس ڳڙڪائي ويو. ڪِن کي روايتن جي ديوَ، قيد ڪري ڇڏيو ته ڪِن کي وري غم ِ روزگار جي غيبات غائب ڪري ڇڏيو. مون جهڙا جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪهاڻيڪار ڪِوِلين جيان چُرن پيا، تن تي به حالتن جا هاٿين جيڏا پير، ايندي ايندي رُڪجيو وڃن.
الائي ڇو مونکي لڳندو آهي ته کجين ۽ ٽڪرين جا ديس ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن. اُتي وسندڙ جيوت به بنهه ڪٺور هوندي آهي. شايد ماحول جي سختي، کين ڏاڍو ڪري ڇڏيندي آهي. ڪو شڪ ڪونهي ته فرزانه به ساڳئي ئي جوءِ ۾ رهي پلي آهي. پر هوءِ به ٻين ڪيترن ڏات ڌڻين جيان ڏاڍي نفيس آهي. شايد اُچي ڳاٺ واريون، بنا ڇانوري واريون، اُهي کجيون کيس اِها رمز سمجهائي چُڪيون آهن، جنهن جو ذڪر ڪڏهن ڀڳت ڪبير به ڪيو هو. اِهو ئي ڪارڻ آهي، شايد جو هوءَ ساهتي ذات واري ڇوڪري، ننڍپڻ کان گُڏين راند کان ويندي کجين جي اڇاتري ڇانءَ جي سيڪ ۾ به ننڍڙين رنگ برنگي فِراڪن جهڙيون ڪهاڻيون سوچيندي هئي، جن ۾ سماٽڪو رومانس هو. سماٽ ماڻهن ۽ قبيلن جو رومانس ’بجر هيدر‘ جي ٺِڪرين تي اڄ به نقش آهي، جيڪي ڀنڀور مان مليون آهن. يا وري اُن رومانس جو عڪس، اڄ به مُهين واري اسٽوپا تي نچي رهيو آهي. ها ته هوءَ ساهتي ڇوڪري، جيڪا رسالا ۽ ڊائجسٽ به جام پڙهندي هئي، سا ڪنهن به ريت، پنهنجو پاڻ، اُنهن رومانس وارن افسانن ۽ عشقيه ناولن سان اوري نه سگهي، نه وري ڀيٽي سگهي. سندس اندر ۾ جيڪي رنگ برنگي ڪهاڻيون ساهه کڻي رهيون هُيون، سي اسڪولي بستي کان ويندي ڪاليجي رستي تي وڇايل هُيون. جن کي هوءِ، پوپٽن ۽ ڀنڀورين جيان پڪڙيندي رهندي هئي. پوءِ هڪ وقت آيو جو هُن اُنهن پوپٽن ۽ ڀنڀورين جهڙين ڪهاڻين جا رنگ، ننڍڙين گُڏين جي فِراڪن جي عڪس ۾ اسان آڏو رکيا... واهه واهه ٿي وئي... پر... هوءِ ساهتي پرڳڻي جي مٿانهين ڪُنڊ واري ساهتي ڇوڪري، ڪنهن غيبات گُم ڪري ڇڏي.. پر هوءَ اسڪول کان ڪاليج، ڪاليج کان يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي کان نوڪري تائين هڪ تسلسل ۾ سوچيندي رهي. هوءَ به مون توهان ۽ هر ماڻهوءَ وانگي زندگيءَ جي ٽِمجهڻ ۾ ڏاڍو هلاڪ ٿي، معمول واري وهڪري ۾ ڏاڍو وهي ۽ لُڙهي. پر ٻُڏي ڪين سگهي... ڪچو گهڙو ئي سهي، کڻي پنهنجي ڏات جي ميهار سان لِڪي ملندي رهي. هوءَ شهر سکر مان ويهي به ڪهاڻيءَ جي ڪوهه قاف جون ياترائون ڪندي رهي. هماليه جي چوٽين تي وڃي شعر و سُخن جون حاضريون ڀريندي رهي. ۽ هڪ خاموش ندي جيان ٽيپو ٽيپو، ذرو ذرو ٿي وهندي رهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هوءَ سالن پُڄاڻان به پنهنجي گَندي ۽ پلوَ مان جيڪو ڪجهه ڇوڙي رهي آهي، سو سرکنڊ جيان آهي. اُن جي خوشبوءِ ۽ واس، اُنهن ڪاٺ مڏين جهڙو آهي، جيڪي ڪي زمانا اڳ، سکر ۽ بکر ڪناري، پٿاريون پيون هونديون هُيون.
هڪ آرٽسٽ جي نگاهه سان ڏسجي ٿو ته هوءَ مُهين جي دڙي، آمري، اروڙ ۽ ڀنڀور جي اُها خاموش صدا آهي، جيڪا اڄ به کنڊرن ۽ آثارن ۾ هڪ احساس سان جاڳي پئي. ڪلراٺيل پنهنجو وجود، وڃايل کنڊرن جي تاثير ۾ ڇَلڪي پئي. اُن وجود جي ڳولا ۾ جيڪو مُهين جي دڙي، آمري، اروڙ ۽ ڀنڀور جو به ته آهي ۽ سکر جي اُنهن ويران رستن جو به آهي جن تي ٽُٻڙاڪ ٽُٻڙاڪ جا آواز، رات جي سناٽن ۾ فاعلاتُن جي سرگم سان گونجندا هئا ۽ عجيب طلسم برپا ڪندا هئا.
فرزانه به جيڪا ڪيئي سال، الائي ته روايتن جي ڪهڙي ديوَ وٽ قيد هئي يا وري غم ِروزگار جي غيبات کيس غائب ڪري ڇڏيو هو، سا هڪ صدا ۽ پُڪار سان ظاهر ٿي آهي. سندس ڪهاڻيون به اُنهي ساڳئي تسلسل جو حصو آهن، جنهن ۾ ڪائنات جون ٻيون اربين کربين ڪهاڻيون ڊوڙن پيون. ۽ ’سڌا توري ڪُڌا توري‘ کان وڃي ’ڀنڀي زميندار‘ وٽ بيهن ٿيون. ’اروڙ جي مست‘ کان ويندي ’پهرين مُراد‘ جو پنڌ ڪن ٿيون. پوءِ سکر بئراج جي ’چوٽيهين در‘ مان لڙهندي ’ڪارونجهر جو قيدي‘ بڻجن ٿيون ۽ ’پنجين موسم کانپوءِ‘ بازار حُسن جي سوڙهين گهٽين واري اُن کٽولي تي ويهي ساهي پٽين ٿيون، جيڪو سواءِ ڪنهن پوڙهي ڪمزور نائيڪا جي، ڪنهن جو به بار سهي نه سگهندو آهي. اُتي ئي ته ’اي درد هلي آءُ‘ جو پڙاڏو گونجندو آهي ۽ ڪنهن ’پيراڻيءَ‘ جي پهلو ۾ گم ٿيڻ چاهيندو آهي. پر گُم ٿي نه سگهندو آهي، جو درد جو اِهو تسلسل ۽ ڪاروان سدائين هلڻو آهي. ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻو، ڪڏهن به پوڙهو ناهي ٿيڻو. درد، سدائين جوان ۽ ڦڙتيلو آهي. جڏهن ڏس، ناڪيليءَ ۾ اٽڪيو بيٺو آهي. ناڪيليءَ جي مُهاڙ، جيڏانهن ڇِڪ، درد به ساڳئي شدت سان اوڏانھن ڇڪبو اچي. سو ته سَلڻ به ڏکيو آهي نه!؟
اُن درد کي سلڻ لاءِ، الائي ڇو پنهنجي ئي وجود ۾ لهڻو پوي ٿو. وجود، جيڪو اڳي ئي گمنام آهي. وري اُن جي ڳولا شروع ٿيو وڃي. جنهن جي شروعات به فرزانه ڪئي آهي. پر هوءَ ڏاڍي ڊنل آهي، هيسيل آهي. هوءَ ’وجود جي ڳولا ۾‘ ڪنهن انت کي رسي آهي يا پاڻ به وڃائجي وئي آهي؛ اُن جو اندازو ڪرڻ، هن لمحي ڏاڍو ڏکيو آهي. پر منهنجو اُهو تصور، جيڪو ڪي ورهيه اڳ، سندس لاءِ جُڙيو هو، سو اڃا وکريو ڪونهي. مون کيس پراسرار شهر سکر جي طلسم آويز منڊل ۾ عجيب رنگن سان ڏٺو هو. مون کيس مصر جي ديوي سيشت (Seshat goddess) جي روپ ۾ ڏٺو هو، جيڪا لکت ۽ ڏاهپ جي ديوي آهي. مون جڏهن فرزانه شاهين جي ڪهاڻين واري مجموعي ”وجود جي ڳولا“ جي بئڪ ٽائيٽل تي رحمت ماڃوٺي جو مختصر نوٽ پڙهيو ته مونکي پڪ ٿي وئي ته هوءَ ڏاهپ سان همڪنار آهي. اُها ڏاهپ، جيڪا ماڻهوءَ کي ڊيڄاريندي به آهي. ڏاهپ جون ديويون هجن يا آيتون؛ ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، ڊنل هونديون آهن. چاهي پوءِ اُهي شاهه جي رسالي ۾ هجن يا ايران واري شهر طبس ۾ هجن. هن سنسار جي شهر سکر ۾ هجن يا اڃا به ”وجود جي ڳولا“ واري سفر ۾ هجن.

No comments:

Post a Comment