Thursday, December 26, 2019

آسماني ٺڪاءُ - حليم بروھي


آسماني ٺڪاءُ
مختصر ڪھاڻي
حليم بروھي
ڇوڪراٽ واري زماني ۾، مون کي هڪڙي ڇوڪري وڻندي هئي. پر هن جي ويجهو وڃڻ جو چانس وغيره نه مليو. سو اهو رومانس هڪ طرفو ئي پيدا ٿيو. جنهن کي اردوءَ ۾ چئبو آهي ته هڪ طرفو ئي پروان چڙهيو يا وري جنهن کي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته هڪ طرفو ئي ختم به ٿي ويو.


شايد پنجٽيهن سالن کانپوءِ، مون ان ڇوڪريءَ کي گذريل مهيني ڏٺو ته مان ڊڄي ويس. اها ڇوڪري اهڙي ٿلهي مائي بنجي وئي هئي جو ڪا مينهن به ڏسيس ته اچرج ۾ پئجي، ڪنڌ ورائي ٻيهر ڏسيس. مون هڪدم اتي ئي سجدو ڪري خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنهن اهڙي خوفناڪ محبوبه کان بچايو هو.
ايتري ۾ هڪڙو غئبي آواز آيو ته؛ ”اي انسان! سجدي مان اٿي ڏس ته اها ٿلهي مائي به سجدي ۾ ڪري، خدا جو شڪر ادا ڪري رهي آهي. جنهن کي تو جهڙي سنهڙي، سڪل، مئل ۽ سيپڪ جهڙي محبوب کان پناھ ۾ رکيو!“

حليم شو ڪتاب تان کنيل

No comments:

Post a Comment