Showing posts with label آسماني ٺڪاءُ، مختصر ڪھاڻي، حليم بروھي،. Show all posts
Showing posts with label آسماني ٺڪاءُ، مختصر ڪھاڻي، حليم بروھي،. Show all posts

Thursday, December 26, 2019

آسماني ٺڪاءُ - حليم بروھي

آسماني ٺڪاءُ
مختصر ڪھاڻي
حليم بروھي
ڇوڪراٽ واري زماني ۾، مون کي هڪڙي ڇوڪري وڻندي هئي. پر هن جي ويجهو وڃڻ جو چانس وغيره نه مليو. سو اهو رومانس هڪ طرفو ئي پيدا ٿيو. جنهن کي اردوءَ ۾ چئبو آهي ته هڪ طرفو ئي پروان چڙهيو يا وري جنهن کي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته هڪ طرفو ئي ختم به ٿي ويو.