مچ ڪچھري
طنز و مزاح
دريا خان شنباڻي
گذريل رات سيءَ جي
شدت ۾ ايترو ته واڌارو آيو جو مچ ڪچهري اصل دوست دشمن به گڏائي ڇڏيا. ان مچ ڪچهري
۾ اوطاق جا مالڪ ته آھستي آھستي کسڪي گهر وڃي بسترن ڀيڙا ٿيا پر هڪڙا ٽي همراهه ويٺا
رهيا، جيڪي ظاهري طور تي ته هڪٻئي جا دوست رهيا آھن پر اندر ئي اندر هڪٻئي تي سڙندا
آهن.
