Showing posts with label سچائيءَ جو انعام، اخلاقي سبق، درسي ڪتاب، سبق آموز، نصيحت آموز،. Show all posts
Showing posts with label سچائيءَ جو انعام، اخلاقي سبق، درسي ڪتاب، سبق آموز، نصيحت آموز،. Show all posts

Tuesday, December 31, 2019

سچائيءَ جو انعام

سچائيءَ جو انعام
هڪ ناليوارو چور، هڪ ڏيھاڙي ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ ٻَڌي چوڻ لڳس ته؛ ”سائين مان ڏاڍو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪريو ته خدا منهنجا ڏوھ بخشي.“
درويش چيس؛ ”اي مورک! جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکڻ اجائي اٿئي. اڄ کان ئي پنهنجي بڇڙن ڪمن کان توبھ ڪر ۽ سنئين وات تي اچ ته ڌڻي تو تي مهربان ٿيندو.“