گِرهڻ
ڪهاڻي
فرح ديبا چنگيزي
هُن کي پهريون ڀيرو
يونيورسٽي ۾ ڏٺو هيائين. پهرين جهلڪ ۾ کيس هُن جون اکيون ميگهه ملهار محسوس ٿيون
هيون، هوءَ پهرين جهلڪ ۾ ئي کوئجي وئي هئي.
هوءَ جيڪا شروع کان
نهايت سُلڇڻي ۽ سٻاجهي هئي، تنهن پنهنجي اسڪولي وهيءَ کان ويندي يونيورسٽيءَ تائين،
پنهنجو پاڻ رڳو ڪتابن ۾ محوَ رکيو هو. هُن ڪڏهن به ڀُلجي ڪنهن اک ۾ نه نهاريو هو،
نه وري ڪنهن جي نيڻن ۾ پنهنجو پاڻ پسڻ جي ڪوشش ڪئي هيائين. اِهو ڪارڻ هو جو سندس
اکيون وڏيون، سهڻيون، عقابي هوندي به سندس نهٺا نيڻ ڄڻ رِڻ بڻيل هوندا هئا. جن ۾ ڪنهن
جو به نِهارڻ بي سُود هوندو هو.