ڪھاڻيءَ جو نئون جَھان
(ڪجهه نوَن ڪھاڻيڪارن بابت - حصو پھريون)
ضراب حيدر
ڪھاڻي شايد لابارو ڪندڙ
ڇوڪريءَ جيان آهي.
جنھن لاءِ وليم ورڊس
ورٿ، solitary reaper
نظم چيو هو. ’جِهرڪيون ماريندڙ‘ سڏجندڙ هِن شاعر کي فطرت سان بي انتها پيار هو.
اُن ڪري هُن پنهنجي سموري زندگي گهر جي ٻاهران واري هڪ باغ ۾ گُذاري ڇڏي. ائين ئي ڪھاڻيءَ
جا عاشق ۽ چاهيندڙ به پنھنجون عمريون ڪھاڻيءَ جي صحرا ۾ سفر ڪندي، صرف ڪري ڇڏيندا
آهن. يا وري ڪو نخلستان ڏسي اتي ئي، ڪنھن چشمي جي ڪناري ۾ نيلام ٿي ويندا آهن.
