Showing posts with label نمازَ جو وَقفو، ڪهاڻي، ناصر قاضي،. Show all posts
Showing posts with label نمازَ جو وَقفو، ڪهاڻي، ناصر قاضي،. Show all posts

Friday, December 20, 2019

نمازَ جو وَقفو - ناصر قاضي


نمازَ جو وَقفو
ڪهاڻي
ناصر قاضي
ميرن جي دورَ جي اَڏايَل اها ’ڪپڙي بازار‘ به خوبصورتيءَ جو هڪ نادر نمونو هوندي هئي، جو اوائلي ارڏن شھتيرن سان ڪنڊي تي ٺھيلَ مضبوط ڇَتَ هيٺان اها ڍَڪيَلَ ’ڪپڙي بازار‘ شروع ته ’درزي بازار‘ کان ٿيندي هئي ۽ ٿورو اڳتي هلڻ سان ’ڪپڙي بازار‘، اڃا اڳتي هلڻ سان ’پنسار بازار‘ ۽ پوءِ ’مائي بازار‘ ۾ تبديل ٿي ويندي هئي..!! انھن چئني ڍڪيل بازارن جي منڍَ ۾ شھر جو ’وڏو علم پاڪ‘ واقع هو، جڏهن ته انھن چئني بازارن جو ڇيھه جتي ٿيندو هو، اتي وري شھر جو ’وَڏو ٽڪاڻو‘ هوندو هو. مطلب ته ’وڏي علم پاڪ‘ کان ’وڏي ٽڪاڻي‘ تائين، اندر چار ئي ڍڪيل بازارون به ڇا ته بازارون هونديون هيون، جو اوائلي طرز تي ٺھيل ڪاٺَ جي پراڻن مضبوط شاندار درن سان سجايل دڪان ڀرسان دڪان، وري دڪان ۽ دڪان ئي دڪان..!!