قسمتي ملاقات
”ٽوٽڪا“ ڪتاب ٻيو
ڪمپوزنگ: وھاب سھتو
ٽوٽڪو نمبر
پھريون.
ڪنھن وڏيري وٽ ھڪ
نوڪر ھيو. ماني کارائڻ لاءِ ھٿ ڌئارڻ لڳو. ڪوزو پورو صفا ٿيل نه ھيو. وڏيري نوڪر
کي جھڻڪيو. آئنده لاءِ ھدايت ڪيائينس ته؛ ”ڪوزو يا ٻيا ٿانءَ ھميشه صفا ڪري پوءِ آڻجن.“
ھڪ دفعي، وڏيري وٽ
چار پنج مھمان آيا. مھمانن لاءِ ماني آڻڻ کان اڳ ۾، ياددھانيءَ طور، وري به وڏيري
صفائيءَ جو تاڪيد ڪيس. نوڪر ماني ٺاھي، پاڻ کائي، ٿانءَ صفا ڪري، ڍڪي رکيا. ماني آڻڻ
لاءِ حڪم ٿيس. سڀ خالي ٿانءَ، صفا ٿيل، ڪپڙي سان ڍڪي، کڻي آيو. سڀيئي ھٿ ڌوئي کڻي
کولين ته ڪاريءَ وارا ڪک. وڏيرو گرم ٿيو ۽ نوڪر کان سبب پڇيائين. نوڪر عرض ڪيو ته؛
”حضور جن جو اڌ ڪلاڪ اڳ، اھڙو حڪم ٿيو ته جيڪو ٿانءُ آڻين سو صفا ھجي.“
وڏيرو ۽ مھمان کلي
پيا ۽ ٻي ماني تيار ڪرائي، اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ کاڌائون.
