ڪجهه ڳالهيون ’لِحاف‘ افساني
بابت
ضراب حيدر
ڪڏهن ڪڏهن مرڻ تي
دل چوندي آهي. اِن لاءِ نه ته ڪو زندگيءَ مان بيزاري آهي پر بس ڪنھن ننڍڙي رومانس
خاطر.
منھنجي محبوبائن جھڙي
آپا عصمت!
تو کي محبوبائن جھڙي
آپا اِن ڪري پيو چوان جو اِها به هڪ وڏي ڪھاڻي آهي، جو زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنھن آپا سان
به عشق ٿي ويندو آهي. مان جڏهن اڃا اسڪولي زماني ۾ هوس ته مون اهڙي ئي هڪ عشق جي ڪھاڻي
پنھنجي اکين سان ڏٺي ۽ پِرائي هئي. اڄڪلهه ته اسان جي سنڌي معاشري ۾ ادا/ اديءَ جي
عشق جون اهڙيون ڪھاڻيون جام آهن، سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ته اصل کوڙ پر شھرن ۾ به اُن جو
رواج پئجي ويو آهي. منھنجي محبوب طارق قريشيءَ اِن موضوع تي هڪ شاندار ڪھاڻي ”فريم
ٿيل چِتائون“ لِکي هئي.
