Showing posts with label طبقاتي اڻ برابري، زوجياتي ادب، مختصر ڪھاڻي، طارق قريشي،. Show all posts
Showing posts with label طبقاتي اڻ برابري، زوجياتي ادب، مختصر ڪھاڻي، طارق قريشي،. Show all posts

Saturday, December 7, 2019

طبقاتي اڻ برابري - طارق قريشي

طبقاتي اڻ برابري
زوجياتي ادب
طارق قريشي
ٻنھي ٻارن يعني سراج الدين ۽ قمرالدين، ماءُ کي تپايو ته اڄ فاسٽ فوڊ واري ڪنھن پڪوان خاني تي ھلڻو آھي. مسمات قمرالنساءِ، پنھنجي رڍ جھڙي غريب مڙس، ميان بدرالدين کي چيو: ”اڄ ڇا به ٿي پئي، شام جو جيئن ئي آفيس مان اچين ته گاڏي گيريج ۾ پارڪ نه ڪجانءِ، آئون ۽ ٻار تيار ويٺا ھونداسين، ٻاھر ھلي ٻارن کي ڪٿي فاسٽ فوڊ کارائينداسين.“
ميان بدرالدين، چيو؛ ”سرڪار! توھان کي ته خبر آھي ته لاسٽ ٽائيم مون کي فوڊ پوائزننگ ٿي پئي ھئي، ٽي ڏينھن لوڙيو ھئم، سو مون فاسٽ فوڊ کائڻ کان توبنھن ڪري ڇڏي آھي.“