سچي محبت يا ٽيمپريري
پيار
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
هن دور ۾ جيڪي ماڻھو
محبوبه جهڙي نعمت کان محروم آھن، اهي ڏاڍا خوش نصيب آھن. ڇاڪاڻ ته هن دجالي دور ۾
في محبوبه رکڻ، زال رکڻ کان به مشڪل ڪم آھي.
۽ محبوبه جيڪڏھن
سهڻي هوندي ته اڃا وڌيڪ مٿي جو سور ثابت ٿيندي. ان همراھ جا ته ٻئي جهان ويا، جنهن
جي سهڻي محبوبه هوندي. سڄو ڏينهن اهو محبوبه جي گهٽيءَ ۾ لامارا پيو ڏيندو.
پريشانيءَ ۾ رات جو هن کي ننڊ ئي ڪو نه
ايندي هوندي. بار بار پيو پاسا ورائيندو.
