Showing posts with label سنڌي ڪھاڻي ھڪڙي ھنڌ بيٺل آھي، منوج ڪمار،. Show all posts
Showing posts with label سنڌي ڪھاڻي ھڪڙي ھنڌ بيٺل آھي، منوج ڪمار،. Show all posts

Tuesday, December 31, 2019

سنڌي ڪھاڻي ھڪڙي ھنڌ بيٺل آھي


سنڌي ڪھاڻي ھڪڙي ھنڌ بيٺل آھي
منوج ڪمار
Image may contain: 1 personسنڌي ڪھاڻيءَ جو سفر ۲۰۱۹ع ۾ به جاري آھي. اڳي کان لکندڙ ڪھاڻيڪارن کانسواءِ ڪيترا ئي نوان ليکڪ به ڪھاڻي لکي رھيا آھن. ھن سال ڪيترن ئي نون ڪھاڻيڪارن جا مجموعا شايع ٿيا آھن. انھن ۾ اختر حفيظ جو “ٽيھه منٽ”، حميد ابڙي جو “مٽي جو مان”، نور نبي راھوجو جو “خواب مرندا ناھن”، مجيب اوٺي جو “بارش کان بارش تائين”، مرتضى ناريجي جو “ضمير جو موت”، جعفر شاھاڻي جو “ڪائنات جو موت” ۽ امداد رند جو “ٽيون نسل” قابل ذڪر آھن. انھيءَ کانسواءِ سينيئر ليکڪن جيئن منور سراج، طارق قريشي ۽ رسول ميمڻ جا به ڪھاڻين مجموعا شايع ٿيا آھن.