Showing posts with label ابت ڪنڊڙي، طنز و مزاح، معراج خالد نظاماڻي،. Show all posts
Showing posts with label ابت ڪنڊڙي، طنز و مزاح، معراج خالد نظاماڻي،. Show all posts

Monday, December 23, 2019

ابت ڪنڊڙي - معراج خالد نظاماڻي


ابت ڪنڊڙي
طنز و مزاح
معراج خالد نظاماڻي
خبر ناهي ڪنهن هنيو، پر پويان کان مغز ۾ چنبو لڳو الاءِ ڏنڊو، پر اهڙو لڳو جو ڪاڪڙو ٻاهر نڪري آيو. دماغ بولاٽيون پئي کاڌيون ۽ ڳالهايان ته آواز ئي نه نڪري. بس غرڙ غو غرڙ غو لڳي پئي هجي. ايئن پئي لڳو، جهڙو ڪبوتر چوڳو پيا کائين. ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڇا ٿيو. جيڪا ڳالهه ڪريان سا ابتي. جيڪي ڪم ڪريان سي ابتا. قميص پيرن ۾ پايو ويٺو هجان، ڪانچ مٿي تي. گهران موڪلين ڀاڄي وٺي اچ، آئون صوف ۽ ڪيلا وٺيو اچان. بس ايتري خبر پئي ٿي ته پنهنجا ڪهڙا آهن، پرايا ڪهڙا. باقي نالا به ابتا پئي ورتم، دانش کي ظهير ۽ ظهير کي دانش. شعيب کي پنهل ۽ پنهل کي شعيب پئي چيم. مطلب دماغ جا ٽپڙ ٽيشڻ تي لڳا پيا هئا. منهنجي حالت ڏسي گهر وارن کي اچي پريشاني ٿي ته هن کي الاجي ڇا ٿيو آهي. اوڙي پاڙي جي ٻارن به چريو چريو ڪري چيڙائڻ شروع ڪري ڇڏيو! گهر وارا ماني آڻيو اڳيان رکن، آئون ڊوڙيو وڃي، ٻڪرين سان گاهه يا مينهن سان گڏ آهوري ۾ ڪتر چران. شڪر ٿيو گهر ۾ ڳجهون پاليل ڪو نه هيون، نه ته انهن سان ڍونڍ تي به گڏ ويٺو هجان ها!