Sunday, November 29, 2020

پاشا - جمال ابڙو

پاشا

اصل، مئڪسم گورڪيءَ جو، روسي زبان ۾ لکليل

انگريزي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ آڻيندڙ: جمال ابڙو



روز صبح ساڻ گگهوءَ جو ڀوائتو آواز لهرون هڻندو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. ڳوٺ جي گريءَ ۽ تيل هاڻيءَ فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو هو. سڄو ڏينهن هڏ هڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو، ڪنڊن ۾ ڪريا پيا هوندا هئا. ننڊئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ هئي! گگهوءَ جي بي وقتو ۽ بي هودو حڪم کين اڌ ننڊ مان ڇڪي اٿاريندو هو. اکيون مهٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا هئا. بس ڄڻ ته ڪئا ٻرن مان نڪتا. اوندهه، پوسلو ۽ ٿڌ ڪرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گهٽيءَ مان گڙڪندا ايندا هئا پيا هڪ ٻئي جي مٿان ڊهندا ۽ ٿاٻڙندا هئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀتيون لاپرواهيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون هونديون هيون. مزور ويندا هئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن هيٺان پي چڪ چڪ ڪندي هئي. گوڙ ۽ شور ويندو هو وڌندو. ڦٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا هوندا هئا. لوهي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو هو زور وٺجندو. دونهي جا ڪڪر اٿندا، وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇانئجي ويندا هئا.


پاشا به اتيئي رهندو هو. سندس سڄو بدن شوخ گهنڊيدار وارن سان ڀريو پيو هوندو هو. سندس ٿلهن وڏن ڀِرُن هيٺيان ننڍڙيون اکيون پيون چمڪنديون هيون. هن جي شڪي نگاهن مان نفرت پئي اڇلون ڏيندي هئي. اکيون اهڙيون تيز جو ڄڻ ته ڪرڻا پيا نڪرندا هئس کاڏي ۽ چپ مٿي ڪري، ٻوٿ بڇڙو بڻائي، حقارت مان ٿڪ کڻي اڇليندو هو ۽ چوندو، ”ڪتي جو ڦر!“



هو راٺوڙ لڳو پيو هو ٽنگون ڄڻ ته ٿنڀا، ٻانهون وڏيون ۽ وار ٿلها. ڪاريگر به واهه جو هو. سڄو ڏينهن پيو وهندو. شوخ ۽ ڪڙڪ. سڀني کان ڏاڍو هو. مالڪن کي به کتيون ٻڌائيندو هو. ڊٺ هڻندو، ته ڪم کان جواب، پيسي جي وٽس جهٽ ٻاڙائي ٿيو وڃي. پوءِ خار ۾ هٿ پيو مهٽيندو ۽ پيو هيٺ مٿي ٿيندو.

ڪنهن کي ڪونه وڻندو هو. سڀ کانئس ڇرڪندا هئا، جي کڻي ڪو خارباز جوان سامهون ٿيس، ته عمر لاءِ سبق سکي ويندو هو. موڪلن ۾ ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن سان وڙهي ويهندو. هڻي هڏ گڏ ڀڃي رکندس. ٻڌي ڪري، ٽولا ٺاهي ساڻس وڙهندا هئا. پاشا کي به جيڪي سٽ ۾ آيو، کڻي بيهي رهندو. وڏو شاهي پٿر يا لوهو ڏنڊو مٿي ڪري، ٽنگون ڦاڙي، اُڀو ٿي بيهي رهندو. وارن سان سٿيل، مروٽيل سروٽيل ٻانهون، ٿلهي بي ڊولي ڏاڙهي، وڏو اڀو منهن: ڍڳي وانگر ويڙهه لاءِ تيار، ڦوڪون پيو ڏيندو. گڦ پيئي وهنديس. نظر اهڙي تيز ڄڻ ته ڪات آهن. پڙي هڻي بيهي رهندو. ڪير جو ساڻس نظر ملائي! هيبت وٺي ويندي هئي ڄڻ ته ڪو جهنگلي جانور ڇتو ٿيو کائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. اوچتو وٺي رانڀاٽ ڪندو، ٿڪ اڇليندو ۽ چوندو ”ڪتي جا ڦر!“ سندس وڏا پيلا ڏند کڙڪندا، ڏاڙهيءَ مان ظاهر ٿي پوندا هئا. ازغيبي ڀوء ڇانئجي ويندو. سڀ وٺي ڀڄندا. پري بيهي کيس گاريون ڏيندا. سندس نڙيءَ مان گڙ گڙ جو آواز نڪرندو. زور سان کڻي ٿڪ ڦٽي ڪندو ۽ چوندو ”ڪتي جا ڦر!“ سندس اکيون پيون ٻرنديون هيون. ڏنڊو مٿي جهلي، اڳتي وڌندو ۽ ڀڪوڙيل چپن ۾ چوندو، ”ڪير آهي جو اڄ مرندو؟“ ڀلا ڪهڙو سر تان تتو هوندو! سڀ ٽڙي پکڙي ويندا.

هو اصل ڪونه ڳالهائيندو هو. پوليس لاءِ، ڪامورن لاءِ ڪارخاني وارن لاءِ بس وٽس اهوئي هڪڙو جملو هو: ”ڪتي جا ڦر“. زال کي به چوندو هو ته ”ڪتي جي ڌيءُ! ڏسين نٿي، منهنجي سٿڻ ڦاٽي پئي آهي!“

کيس هڪڙو چوڏهن سالن جو پٽ هو. وارن کان وٺي، کڻي مٿي ڪندو هوس. پٽس به هڪ ڏينهن سٽ ڏيئي، هٿوڙو کڻي بيهي رهيو. چي، ”اڳتي وڌندين ته خير نه هوندئي!“ پاشا دنگ ٿي ويو. چپ ڀڪوڙي، اکيون چنجهيون ڪري، هوريان وک کنيائين. پٽس به هٿوڙو تيار ڪري چيو ته ”متان آيو آهين، مون گهڻوئي سٺو آهي. هاڻي نه ڇڏيندوسانءِ“. پاشا بيهي رهيو. رڇ جهڙا هٿ کڻي پٺيان ڪيائين. پاسيريون اکيون ڪري پٽ کي ڏٺائين. ساهه روڪي بيهي رهيو. نرڙ ۾ گهنج وجهي ڪنڌ لوڏيائين، ڄڻ ته ڪا ڳالهه سمجهي ويو! وٺي ٽهڪ ڏنائين، چي، ”واقعي تون ڪتي جو ڦر آهين!“

انهيءَ ڏينهن، زال کي چيائين ته ”مون کان هاڻي پائي به نه گهرجانءِ. پٽهين توکي پاڻهي پاليندو.“

جوڻس ويچاري چئي ويٺي ته ”باقي تون سو سڀئي پئسا نشي ۾ وڃائيندين.“

”ڪتي جي ڌيءُ، مان کڻي يار کي ڏيان، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟

پاشا ڪابه يار ڪانه رکي، پر پٽ جو ڪڏهن به اونو ڪونه ڪيائين: مرڻ گهڙيءَ تائين نه کانئس ڪجهه پڇيائين، نه ساڻس ڳالهايائين.

کيس هڪڙو ئي دوست هو. سندس وڏو ڪتو! پاشا جهڙوئي بي ڊولو ۽ شوخ. ساڻس گڏجي ڪارخاني ڏي ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن در تي سندس انتظار ڪندو هو. شام جو اُٿي، ڪر ڀڃي، اکيون پيو مچڪائيندو، جيستائين پاشا ٻاهر نڪري، چپ چاپ پاشا جي پٺيان لڳي پوندو. پاشا نه ڪڏهن کيس گار ڏني، نڪو ڌڪ هنيو ۽ نه وري ڪڏهن مٿانئس پيار جو هٿ گهمايائين. ٻئي خاموش هئا ۽ هڪ ٻئي جي طبيعتن کان چڱيءَ طرح واقف.

موڪل جي ڏينهن پاشا وتندو هو ڌڪا کائيندو. ماٺ ميٺ ۾ هڪ گتي کان ٻئي تائين. پنهنجي ليکي ايندڙ ويندڙ جي منهن کي پيو جاچيندو. ڄڻ ته ڪنهن کي ڳولي پيو. ڪتو به سندس پٺيان ٿلهو وارن وارو پڇ لٽڪائيندو، سهڪندو، نوسيندو ايندو هو. ماڻهو نفرت مان چوندا هئا ته ”ٻئي ڪتا!“

پاشا، شام جو نشي ۾ ٽاٽ ٿي، ٿڪجي ٽٽجي، اچي مانيءَ تي ڪرندو. ڪتي کي به پنهنجي ٿانو مان گڏ کارائيندو. ويندو هو گرهه ڳڙڪائيندو. هڻي ڏاڙهي مڇون ڀري ڇڏيندو. جوڻس، جي ذرو به دير ڪئي ته ٿانو کڻي اڇليندو. چري پري، سولو ٿي، ڦاٽل سوٽ جي کيسي مان دارونءَ جي بوتل ڪڍي، کڻي اڳيان رکندو. ٽنگون ٽيڙي، ڀت کي ٽيڪ ڏيندو، اکيون بند ڪري، وٺي راڳ شروع ڪندو. سندس ٿلهو ۽ گگهو آواز مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيندو. بي سُرا ۽ بي وقتا آواز سندس منجهيل ڏاڙهيءَ ۾ پيا اٽڪندا هئا. سندس ڳتيل ڏاڙهيءَ مان مانيءَ جا ڀور ڇنڊجي وڃي پري پوندا. ٿلهين ۽ گهرين آڱرين سان ڏاڙهيءَ کي ڇنڊڪو ڏيئي، وري کڻي راڳ شروع ڪندو. سندس راڳ جا اکر اصل سمجهه ۾ نه ايندا هئا. ڄڻ ته سياري ۾ گدڙن جون اونايون. ڪتو به سندس ڀرسان اکيون بند ڪيو، پيو ڍڪر کائيندو هو. پاشا جي اوچتي ۽ ڏاڍي آواز تي وٺي زور سان پڇ لوڏيندو. بس جيستائين بوتل ۾ دارون هوندو هو، تيستائين سندس راڳ پيو هلندو، ۽ پوءِ ويندو هو ڍرڪندو. ٻئي ڄڻا اتي ئي سمهي پوندا.

پاشا جو موت تري ڦاٽڻ جي ڪري ٿيو. سڄا سارا پنج ڏينهن پئي هنڌ ۾ لڇيو. منهن ڪاراٽجي ويس. اکيون بند، ڏند پيو ڪرٽيندو هو. ڪڏهن ته مٺيون ڀڪوڙي، زال کي چوندو هو ته .ڪجهه سنکيو ڏينم. زهر ڏيم، ڪتي جي ڌيءُ!“

ڊاڪٽر مٿانئس پلستر رکيو، چي، ”آپريشن ٿيندي، کيس اڄ جو اڄ اپستال ۾ آڻيو.“ پاشا ٻڌي ورتو. چيائين ته ”اسپتال ۾ يا توسان گڏ جهن ۾!“ وٺي ڏند ڪرٽيائين، چي، ”تون الڪو نه ڪر، مان پاڻهي مري ويندس.“ ڪنڌ ڦيرائي چيائين ”ڪتي جو ڦر“. ڊاڪٽر هليو ويو. جوڻس کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. کيس آپريشن لاءِ منٿ ڪيائين، پر پاشا هنڌ مان ئي ٺونشو ڪڍي ڏيکاريس. چي، ”مان چڱو ڀلو ٿيس ته توسان وڌيڪ تعدي ٿيندي.“

صبح جو پاشا مري ويو. ٺيڪ انهيءَ وقت جڏهن گگهو وڳو! هو سفيد ڪفن ۾ سڌو سنئون پيو هو. سندس وات کليل هو ۽ نرڙ ۾ اڃا به بي آراميءَ وارو شور ۽ گهنج لڳا پيا هئا. سندس جنازو کنيو ويو. هن جي جنازي سان گڏ سندس زال هئي، پٽ، سندس ڪتو ۽ ڳوٺ جا ٻه چار پينو فقير ۽ هڪ پراڻو چور ۽ شرابي جنهن کي ڪارخاني مان نيڪالي ملي هئي. سندس زال ماٺ هئي. پٽس اصل ڪونه رنو. جنهن جنازي کي ڏٺو، بيهي رهيو. چي، ”جوڻس جي جند ڇٽي“. ”جهڙو هو، اهڙو ڪتو ٿي مئو.“

پاشا کي قبر داخل ڪيو ويو. سڀ هليا ويا. سندس ڪتو بيٺو رهيو. تازيءَ نڪتل مٽيءَ تي ويهي رهيو. خاموشيءَ سان قبر کي پئي سنگهيائين. ڪنڌ مٿي ڪري ڪوڪر ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪتي کي به ڪنهن ماري وڌو!

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

 


No comments:

Post a Comment