Sunday, November 29, 2020

زندگيءَ جي ڪنارن تائين....! - سراج الحق ’بسمل‘

زندگيءَ جي ڪنارن تائين....!

سراج الحق ’بسمل‘



دريا جي ڪناري تي، مٽيءَ ۽ ريتيءَ جون ڍڳيون ڍڳيون ٺاهنيدي، ڦٽائيندي، هو سوچي رهيو هو: ’ڇا منهنجي لاءِ زندگيءَ جي جهولي ايڏي خالي ٿي چڪي آهي، جو مون کي ڪجهه به نه ٿو ملي، يا زندگي ايڏي ڪوتاهه بين ٿي چڪي آهي، جو منهنجي هر ڪنهن تقاضا، هر ڪنهن ضرورت کي ڪا اهميت ئي نه ٿي ڏيئي سگهي؟‘ دريا جون لهرون ڪناري تائين اچي، وري موٽي وڃڻ لڳيون. هو سوچڻ لڳو: ’ڇا زندگيءَ جو اهوئي جواب آهي ته آءٌ به پنهنجي گذريل زندگيءَ ڏانهن موٽي وڃان!‘ ۽ هو وري به انهن لهرن جي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪئين لهرون آيون ۽ واپس موٽي ويون.... هن جي ذهن ۾ به ڪئين سوال اڀريا ۽ واپس موٽي ويا!


سج جا آخري ڪرڻا، دريا جي پريئن ڀر عجيب رنگ اڀاري رهيا هئا. شفق جي لالائي، لهرن جي نيلاهٽ ۾ گڏجي اهڙو منظر پيش ڪري رهي هئي، ڄڻ ته ڪائنات جي نيرين نيرين اکڙين ۾ ننڊ جي خمار جا ڳاڙها ڏورا اڀري رهيا هجن. ڪائنات جي انهيءَ خمار ۾ الائي ڪيڏيون گهرايون سمايل هيون، ڪهڙيون وستعون لڪل هيون، جي ڪرڻن جي اوٽ ۾ چمڪندي نظر اچي رهيون هيون. ۽ هو سوچڻ لڳو: ’ڪائنات جو هي حسين منظر، زندگي ۽ حيات جا هي ڪرشما، انسان جي ذهن کي هن کان اڳ به ڪافي تڙپائي، ڦٿڪائي چڪا آهن، هن کان پوءِ به هن کي ڀٽڪائيندا، ڀنڀلائيندا رهندا- پر ڪيستائين؟.... جيسين هو زندگيءَ جو سمورو زهر پي، انهيءَ ڪائنات جي حسن کي، پنهنجي نگاهه جي حسن ۾ جذب نه ڪري ۽ ڪائنات جي پاڪيزگيءَ کي پنهنجي فطري پاڪيزگيءَ جي تابع نه آڻي! ڇا مون ۾ اها فطري پاڪيزگي انهيءَ حد تائين موجود آهي، جا ڪائنات جي پاڪيزگيءَ کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جاءِ ڏيئي سگهي؟ اهو سوال پنهنجي پاڻ کان پڇندي، هن کي ڄڻ ته ڪو صدمو رسيو ۽ هو ائين سمجهڻ لڳو ته هن جو اهو ويچار به هڪ گناهه کان گهٽ نه هو....!

۽ هن کي پنهنجي پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو ته هو اهو سڀ ڪجهه ڇو سوچڻ لڳو جڏهن هو انهيءَ لائق ئي ڪونهي، تڏهن هن کي اهو حق ئي ڪونهي ته هو پاڪيزگيءَ جي لفظ کي به پنهنجي ذهن ۾ آڻڻ ڏئي. هو ته پاڪيزگيءَ جو قاتل هو، حسن جو دشمن هو، زندگيءَ کي ذبح ڪندڙ هو.... هن جي دماغ ۾ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون. خيالن جي انهيءَ طوفان هن جي ذهن کي عجيب حالت تي پهچائي ڇڏيو. هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون جيئن آس پاس کي ڏسي، وري نه هن جو ذهن ڀٽڪڻ لڳي!

پوءِ هن جي ذهن جي پردي تي ڪي سوال، ڪي جواب ۽ ڪي ڪردار اڀرڻ لڳا. چتائي، هو انهن کي جانچڻ لڳو: هي ته هن جوئي ڪردار آهي.... هن جو پنهنجو، جو چئي رهيو آهي ته ’آءٌ چور آهيان، آءٌ شرابي آهيان، آءٌ جواري آهيان ۽ آءٌ زاني آهيان. هن کي اعتبار ته ڪرڻو ئي پيو! فلم ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو ائين سمجهندو آهي ته انهيءَ ۾ نوي فيصد ته ڪوڙ آهي حقيقت کان هميشه پري- پر هيءَ ته هن جي پنهنجي ماضيءَ جي فلم هئي، گڏذريل زماني جي تصوير جنهن ۾ هن جو هرفهم جرم هو، هر عمل ڏوهه هو، هر ڪم قانون شڪني هو... ڪاش، ڪو هن کي ٻڌائي ته ائين ڇو ٿيو؟ هو مجرم ڇو ٿيو، هن ڏوهن ۾ پاڻ کي ڇو ڦاسايو، قانون شڪنيءَ جو ڏوهاري هو ڇو ٿيو؟

ڇا انهيءَ جو سبب فقط هن جي اڻڄاڻائي هئي، يا ٻيو ڪجهه؟ هن جي ذهن جي پراگندگي ڪهڙين ڳالهين جي ڪري پيدا ٿي؟ اها سوچ ۽ اهو احساس هن کي وري ماضيءَ جي ديارن ۾ گهلي وٺي ويو. ماضيءَ جي ڪجهه روشن ۽ ڪجهه تاريڪ خلائن ۾ ماضيءَ جي بيابانن ۾، جتي ڪي ٿورا خيابان، ٿوري ساوڪ به هن کي نظر آئي، جتي هو هڪ ٻار جي حيثيت ۾ دنيا کان بي پرواهه ۽ بي خبر ڊوڙون پائي رهيو هو.

هن ماضيءَ جي ڌنڌلڪي ۾ ڏٺو ته هو هڪ ڪچي جاءِ جي اڱڻ ۾ راند ڪري رهيو آهي. وراڻي هٿ ۾ کڻي اڱڻ جي مٽي کوٽي رهيو آهي، ۽ سندس ماءُ، سندس ننڍي ڀاءُ کي  ٿڃ ڏيئي رهي آهي. سندس پيءُ سامهون کٽ تي اخبار پڙهي رهيو هو. هن کي ياد آيو ته هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن هن پٽي پڙهڻ شروع ڪئي هئي. هن کي اسڪول ۾ رڳو انهيءَ لاءِ اماڻيو ويو هو، جو هو گهر ۾ گهڻو گوڙ ڪندو هو. انهيءَ اسڪول جي ديوارين جي اندر هو وڏو ٿيڻ لڳو. هن ۾ ان وقت جي حالتن کي فقط لفظي طرح سمجهي وڃڻ جي قوت پيدا ٿيڻ لڳي هئي. هن کي ياد آيو ته جڏهن هو ٽئين درجي ۾ هو، تڏهن هڪ ڏينهن اسڪول ۾ هڪڙو زبردست جلسو ٿيو هو، جنهن ۾ سڄي اسڪول کي سينگاريو ويو هو جهنڊيون، گل ڦل ۽ الاجي ڇا ڇا آڻي گڏ ڪيو هئائون وڏين وڏين تختين تي لکيل هو: ”اتحادي زنده باد،“ ”جرمن مرده باد“ هن کي ياد آيو ته هنن کي اهي نعرا هڻڻ لاءِ چيو ويو هو ۽ زور زور سان نعرا هڻندي هن جي نڙي ويهي رهي هئي. هن جي ماءُ سندس نڙي گهگهي ٿيڻ جي سبب پڇڻ کان سواءِ هن کي مارڻ شروع ڪيو هو، فقط انهيءَ ڳالهه تان جو اسڪول مان مليل جلسي جي مٺائي کائي هن پاڻي پيتو هو. هن کي اهو به ياد آيو ته اهو سندس حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو هو، جو هن مٺائي کاڌي هئي ۽ ان کان پوءِ هو هميشه مٺائي کائڻ جي تمنا دل ۾ رکي ماءُ کان پئسا گهرندو هو، پر پئسن جي بدران هن کي چماٽون ۽ ٿڦڙ ملندا هئا ڇو؟ اهو هن کي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو، ۽ نه ئي هن کي ڪڏهن سمجهايو ويو.... البته جڏهن سندس ماءُ ۽ پيءُ جي وچ ۾ ڪو جهيڙو ٿيندو هو تڏهن پيءُ کي اهي لفظ چوندو ٻڌندو هو ته ’مون وٽ پئسو نه هوندو ته آءٌ ڌاڙو هڻي ڪونه اوهان کي کارائيندس‘ اهي جهڳڙا ته گهر ۾ عام ۽ اڪثر ٿيندا هئا، ۽ سمورن ٻارن تي موچڙا پوندا هئا. خواهه مخواهه ۽ بنا ڪنهن سبب جي! هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن پهريون ڀيرو چوري ڪئي هئي. اسڪول ۾ رسيس ملڻ مهل هن جي هڪ ساٿيءَ هن کي مٺائي کارائي. مٺائي واقعي ڏاڍي لذيذ هئي ۽ هن جي ساٿيءَ هن کي ٻڌايو ته سندس پيءُ کيس روزانو اٺ آنا خرچي ڏيندو هو، جنهن مان هو مٺائي وٺندو هو. هن کي به خيال آيو ته امان ته پئسا هونئن ئي ڪانه ڏيندي، بابي کان گهري ڏسان. پيءُ کان هن رڳو ٻه آنا گهريا هئا. ۽ هن کي ياد آيو ته انهيءَ جي بدلي ۾ هن کي سخت مار پيئي هئي. روئڻ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ هو وري پيءُ جي ڪوٺيءَ ڏي ويو. هن ڏٺو ته بابو ستو پيو آهي. سندس ڪوٽ ڪليءَ تي ٽنگيو پيو آهي. هن جي معصوم دل ۾ هڪ معصوم گناهه پيدا ٿيو ۽ هن هري هري ڪوٽ ۾ هٿ وڌو ڪوٽ ۾ ڪل ساڍا ٽي آنه پيل هئا، ٻه آنه پنهنجي نڪر جي کيسي ۾ وڌائين ۽ ڇهه پئسا وري ڪوٽ م وجهي ڇڏيائين. ۽ اتان سڌو پيرو حلوائيءَ جي دڪان تي پهتو. هن کي محسوس ٿيو ته پنهنجي پسند جي مٺائي کائڻ ۾ ڪيڏو نه لطف آهي. هن جي معصوم دل بار بار انهيءَ نتيجي تي ئي پهتي ته مٺائي لذيذ آهي، انهيءَ ڪري هاڻ پئسا ضرور چوري ڪبا، ٻيو ته ڪوبه وسيلو ڪونهي. گهر واپس اچڻ تي هن ڏٺو ته هن جي پيءُ ٻارن ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهي ڏنو هو. ٻه آنا گم هئا ۽ هن جي پيءُ جي ڪاوڙ جو پارو چوٽ چڙهيل. هو سهمجي، هيسجي ماءُ جي پاسي ۾ اچي ويهي رهيو. هن جي معصوم دل ۾ اهو خيال آيو ته هيتري گوڙ جو سبب فقط اهوئي آهي.هن کي ان کان اڳئين ڏينهن تي ماستر جي پڙهايل سبق جي يادگيري آئي. جنهن ۾ جارج واشنگٽن پنهنجي پيءُ کي سچ ٻڌايو هو ته سندس پياري وڻ جا ڇوڏا هن ئي لاٿا هئا ۽ انهيءَ سچ ڳالهائڻ جي ڪري هو پنهنجي پيءُ وٽ وڌيڪ پيارو ٿي ويو... هن يڪدم چئي ڏنو: ’بابا، ڪوٽ مان ٻه آنا ڪڍي، مون مٺائي وٺي کائي ڇڏي.‘ هن کي اڄ تائين اهو ڏينهن ياد آهي. پڻس هن کي پيار ڪرڻ جي بدارن آپي کان ٻاهر نڪري ويو. ’اٺ جا پٽ! پڻهين به عمر مٺائي کاڌي آهي، جو هي پٽ سڄن سارن ٻن آنن جي مٺائي ٿو کائي ۽ وري سينو تاڻي ٿو چوي ته ٻه آنا مون کنيا آهن!“ ۽ ان ڏينهن هن کي بيحد مار ملي. جنهن جو نشان اڄ تائين هن جي نڪ جي چوٽيءَ تي موجود هو. هن جو هٿ، بي اختيار نڪ تائين پهچي ويو. هن جي دل مان هڪ هلڪو سڏڪو نڪري چپن جي هلڪي جنبش تي ختم ٿي ويو. انهيءَ واقعي ڪن ڏينهن لاءِ هن جي خيالن ۾ اٿل پٿل مچائي ڏني هئي. ان ڏينهن ته هن جارج واشنگٽن کي ٻاراڻيون گاريون دل کولي ڏينون هيون، جنهن جي مثال هن کي سچ ڳالهارائي هيڏي مار ڏياري هئي. هن يا عمر سچ ڳالهائڻ کان بان ڀري ڇڏي!

دريا مان هڪ لهر اُٿي ۽ ڪناري تي ٿيل اڳين جهڪن جهڪن ليڪن ۽ نقشن کي پنهنجي دامن ۾ سميٽي وري موٽي ويئي. هن جي ذهن تي وري به هڪ نظارو نمودار ٿيو، جتي هو اهو سڀڪجهه ڪري رهيو هو، جنهن کي اوباش ڇوڪرن جو ڪردار سڏيو وڃي ٿو. هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن، جئن هو اسڪول مان گهر ڏي واپس اچي رهيو هو ته ڪي ڇوڪرا هڪ هنڌ گڏجي ڪجهه ڪري رهيا هئا. ويجهو ٿي ڏسڻ سان هن ڏٺو ته هڪ ڇوڪرو آنڪ هٿ ۾ اڇلائي ٻين ڇوڪرن کان لڪائي، هٿ جي هيٺان، پٽ تي لڪائي پڇي رهيو هو: ”اکر ڪي ڀوري“، ۽ هن ڏٺو ته صحيح واڪ ڏيڻ واري کي ٻيڻا پئسا ٿي مليا. هن کي عجب ٿي ته هي چڱو پئسن ميڙڻ جو رستو آهي، جيڪڏه ائين هو پئسا ميڙي سگهي ته شايد هو گهر ۾ روز روز جي ڪل ڪل کان ڇٽي پوي، هن پنهنجي آنڪ وچ تي اڇلائي واڪ ڏنو ۽ هن جو واڪ صحيح نڪتو، هن کي ٻي به آنڪ ملي. انهيءَ طرح سان هڪ ڪلاڪ بيهڻ کان پوءِ هن ڏٺو ته هن وٽ ٻن آنن جي بداران چوڏهن آنا هئا ۽ ان کان پوءِ اسڪول مان موٽي اچي اها قسمت آزمائي ڪرڻ هن جو معمول ٿي ويو. رفته رفته هو ”آگل ڇڪو“ جو منتر سکيو، جنهن تي مشق ۽ محنت ڪرڻ سان پيسي مان ٽڪو، آنو، ۽ رپيو ٿيو ٿي پيو. جڏهن هن وٽ گهڻا پئسا گڏ ٿيندا هئا، تڏهن پهريون ڪم اهو ڪندو هو ته پيرو حلوائيءَ جي دڪان تان مٺائي خريد ڪندو هو. ڪجهه پاڻ کائيندو هو، ڪجهه وري پنهنجي ننڍن ڀائرن ڀينرن لاءِ کڻي ويندو هو. جڏهن کانئس پڇيو ويندو هو ته هن پئسا ڪٿان آندا، تڏهن کلي، حرفت سان جواب ڏيندو هو ته مون ڪمائڻ سکيو آهي. آءٌ ماڻهن جو ڪم ڪار ڪري انهن کان پئسا وٺندو آهيان. انهيءَ ڪوڙ مان نه رڳو هن جي پنهنجي دل کي هڪ نامعلوم خوشي ٿيندي هئي، پر پڻس به هن جي مٿي تي هٿ ڦيري چوندو هو ته منهنجو هيءُ پٽ سڀني کان وڌيڪ هونهار آهي. ۽ اهو سڀاڳو پٽ سڄو ڏينهن پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان طرح طرح جي مشغولين ۾ مصروف هوندو هو. ڪڏهن ڇڪي تي طبع آزمائي ڪندو هو، ته ڪڏهن پتي سان نصيب لڙائيندو هو. هن کي ياد آيو ته هن جي انهن ڳالهين جي ڪري هن جي پڙهائيءَ کي سخت نقصان پهتو ۽ نيٺ هڪ سال جڏهن هو ٻئي انگريزيءَ م هو، هن کي ناپاس ڪيو ويو. هن جي پيءُ کي سخت صدمو رسيو. هن کي خود به ٿورو ڏک هو، پر اهو ڏک جلدئي دوستن جي محفلن ميٽائي ڇڏيو.

هاڻ ته هو ڪامياب جواري هو، جنهن کي پتي جي ٻاونجاهه پتن جيتريون ئي رانديون ياد هيون. شهر ۾ هن جي ناموس وڌڻ لڳي ۽ هن جي پيءُ کي به خبر پئي ته هن جي سڀاڳي پٽ ڪيڏو نه معقول ڌنڌو اختيار ڪيو هو. ان ڏينهن هن جي پيءُ هن کي ڇت سان ٽنگي بيد جي لڪڻ سان اڌ مئو ڪري ڇڏيو، جيسين هن توبه نه ڀري ته هو آئينده جوا کي ويجهو به نه ويندو. انهيءَ مار کي ياد ڪري هن جي بدن مان سيسراٽ نڪري ويا، هن جو سمورو بدن ڪانڊارجي ويو. دريا جي لهرن ۾ نهاريندي هن کي پنهنجي پيءُ جو چهرو ياد آيو، جنهن جي نراڙ تي ان وقت پگهر جون بوندون وهي اکين ۾ پئجي رهيون هيون.

پر هن پنهجي ڌنڌي کي نه ڇڏيو. مارون کائيندو رهيو. ڇڪا هڻندو رهيو، پتا اڇليندو رهيو ۽ پتا اڇليندي هن کي هڪ ڏينهن جيل جي زيارت ڪرڻي پئي. هي نئون ماحول ۽ اجنبي حالتون ڏسي هن کي ڪجهه پريشاني، ڪجهه ندامت ٿي. هن ۾ ڪي احساس پيدا ٿيا، پر گلو مڪرانيءَ جي پهرينءَ گوليءَ سان هن جا احساس الائجي ذهن جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ هڄي ويا. آهستي آهستي ان ماحول سان هو مانوس ٿي ويو ۽ هن محسوس ڪيو ته جيل هن جي لاءِ بهترين درسگاهه آهي. هتي هو اهو سڀڪجهه سکي سگهي ٿو، جو هن کي پيٽ ڀرڻ جي قابل بنائي سگهي ٿو، ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لائق ڪري سگهي ٿو ۽ جڏهن گلو مڪراني سلفي هٿ ۾ جهلي هن کي چوندو هو: ’اچي!‘ تڏهن هو مرڪي چوندو هو: ’ڀلي ڀلي اچي، سر سيد جو بچي.‘ سيد جو سر بچندو رهيو، سلفي ايندي رهي. پتا اڇلبا رهيا، ڇڪا ۽ تريون لڳنديون رهيون. تالا ٽٽندا رهيا، ڇريون چمڪنديون رهيون ۽ هو جيل بار بار ايندو رهيو.

هن دور افق ڏانهن نهاريو. رات ڪائنات کي پنهنجي هستيءَ ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ۾، دريا جي لهرن تي ترندي، لڙهندي، هن کان به اڳتي پهچي چڪي هئي، دور، دريا جي هن ڀر، ملاح پنهنجي ٻيڙين جا ونجهه کولي رهيا هئا ۽ زندگيءَ، رات وانگر ڪاري ۽ خاموش بنجي، هن جي ذهن ۾ چهنڊڙيون پائيندي رهي. هن کي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن آخري بار لنبي سزا ڪاٽي، جيل مان ڇٽي آيو هو. هن پنهنجي گهر جي حالت ڏسي روئي ڏنو هو. سندس پيءُ لاڳتين مصيبتن جو شڪار ٿي گذاري ويو هو. سندس ماءُ جي حالت، ٻارن جي پرگهور لهندي لهندي اهڙي ٿي وئي هئي، جو اول ته هو کيس سڃاڻي نه سگهيو سندس ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀينرون چيٿڙن ۾ ملبوس، ايترا ڏٻرا ۽ ضعيف هئا، جو ائين ٿي محسوس ٿيو. ڄڻ ته هنن کي ڪن مهينن لاءِ ماني نصيب نه ٿي هئي. سندس ماءُ روئي روئي کيس ٻڌايو ته هن جي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، هن تي ڇا ڇا نه ٿي گذريوهو. هن کي ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ ته هن جي ذهن ۾ ڪو لڳاتار چهبڪ وسائي رهيو هو ۽ هر چهبڪ تي هن جي وات مان هلڪي دانهن نڪريو ٿي ويئي. هن اوڏي مهل ئي انجام ڪيو ته هو هنن يتيم ٻارن ۽ ضعيف ماءُ جي لاءِ پنهنجي رت جو آخري قطرو به وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. هو اهي حرڪتون ڇڏي ڏيندو ۽ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪري، پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پاريندو. هن سماج جي بازار ۾ پنهنجو پگهر نيلام لاءِ پيش ڪيو، پر هن ڏٺو ته هن جي محنت ۽ پگهر جا خريدار تمام ٿورا آهن، بلڪل نه هئڻ جي برابر ۽ جيڪي آهن، سي به واڪ ايترو ٿا ڏين، جنهن مان هن جي پسيني جي بوءِ جي به قيمت ادا نه ٿئي. هن ڪوشش ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي ڪو اهڙو پورهيو ملي وڃي، جتي هن کي ايترو ملي، جو هو رکي سکي کائي سگهن. انهيءَ جي بدلي ۾ جيڪڏهن هن کي رات ڏينهن محنت ڪرڻي پئي، ته ڪندو. هن پنهنجي ضعيف ماءُ ۽ ڏٻرن ڀائرن ڀينرن کي وڌيڪ ضعيف ۽ بيمار نه ٿي ڏسڻ گهريو. هن کي اهو به احساس هو ته انهيءَ جي قربانيءَ ۾ هن کي اهي عادتون ڇڏڻيون پونديون، جيڪي قريب قريب هن جي فطرت بنجي چڪيون آهن. پر انسان جي حيات جي فطري پاڪيزگيءَ هن ۾ اها جرات پيدا ڪئي. هن هر قسم جي محنت ڪئي. پنڻ کان سواءِ، ٻي جيڪا به محنت هن جي امڪان ۾ هئي، سا هن ڪئي پر ان هوندي به هن ڏٺو ته هن جي ماءُ وڌيڪ صعيف ٿيندي ويئي،هن جا ڀائر ڀينر وڌيڪ ڏٻرا ٿيندا ويا. هو بيمار ماءُ جي دوا نه ڪري سگهيو، پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي تعليم نه ڏئي سگهيو. هن ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو ته ڪو هن جي ماءُ ڪا نرم ۽ گداز بسترن تي آزام ڪري، نفيس ڪپڙا پائي ۽ ست رڇيون کائي نه ئي ڪڏهن هن ائين چاهيو ته هن جا ڀائر ڀينر سندس پاڙي جي سيٺ طاهر جي ٻارن وانگر موٽرن ۾ چڙهي سڪول وڃن، ولائتي ڪپڙا پائين هن ته فقط هنن لاءِ زندگيءَ جون ضرورتون ٿي مهيا ڪرڻ گهريون، پر اهي به ته هو ميسر نه ڪري سگهيو.

هن ڪارخاني ۾ مزوري ڪرڻ شروع ڪئي. صبح جو پنجين بجي کان شام جو پنجين بجي تائين باهه جي کوري اڳيان بيهي هن کي ڪم ڪرڻو پوندو هو. پر هن جو پگهار مهيني جي ويهين تاريخ کان پوءِ چئلينج ڏيڻ لڳندو هو. هن سوچڻ شروع ڪيو ته آخر ائين ڇو آهي؟ ٻارنهن ڪلاڪ باهه جي مٿان بيهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ به هنن کي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نه ٿيون ملن. هن پنهنجي ساٿي مزورن جي حالت به ڏٺي هئي. انهن جي حالت به هن کان گهڻو مختلف نه هئي، سڀني جي قريب قريب ساڳي حالت هئي. صبح جو پنجين بجي، جڏهن ڪارخاني جو گهگهو وڄندو هو، تڏهن سمورا مزور پنهنجي ڪم تي چڙهڻ لڳندا هئا ۽ هو ڏسندو هو ته سڀني جي منهن تي اهڙي ويراني ۽ مردني ڇانيل هوندي هئي، ڄڻ ته زندهه لاش آهن، جي مرڻ کان پوءِ به، بک جو تاثير ياد ڪري ڪفن ڦاڙي اچي مزوري ڪرڻ لڳا آهن. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ ته زندگي مزور لاءِ بدنصيبيءَ جو گهنج بنجي رهجي ويئي آهي. ۽ اهو گهنج ايڏو وسيع آهي، جنهن ۾ ملڪ جا ڪروڙها مزور بکيا، اڃيا، اگهاڙا ۽ بيمار مزور تڙپي رهيا آهن، ڇڙيون هڻي رهيا آهن ۽ انهن جي مٿان هي سماج هڪ ڪاريهر نانگ وانگر ڦوڪون ڏيئي رهيو آهي. انهي نانگ جي اها ڦوڪ، ڪارخاني جي گهگهوءَ ۾ تبديل ٿي، هن جي ذهن کي ايڏو ڇرڪ ڀرائيندي هئي، جو هو ائين سمجهندو هو ته واقعي ڪنهن نانگ تي هن جو پير اچي ويو هو. ۽ جڏهن هو، اهي ڳالهيون پنهنجي ساٿي مزرورن کي ٻڌائيندو هو، تڏهن سندس حيرت جي حد نه رهندي هئي ته سڀني مزورن کي اهو احساس اڳئي آهي ته واقعي هنن جي زندگي ڪتي جي زندگيءَ کان به بدتر آهي. جيڪڏهن هو انهيءَ احساس کي عمل جو رنگ چاڙهين، ته اهو احساس ئي هڪ زهري خنجر بنجي، انهيءَ ڪاريهر کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي.

هن کي ياد آيو ته انهيءَ احساس ئي هنن کي مجبور ڪيو ته هو ڪارخاني ۾ هڙتال ڪري پنهنجون پگهارون وڌائڻ لاءِ آواز اٿارين. هنن هڙتال ڪئي ڪارخانو بند ٿي ويو. اخبارن هنن جي فائدي ۾ لکيو. حڪومت هڙتال کي بي قاعدي ٺهرايو ۽ ڪاريهر نانگ جي زهر کي وڌيڪ خونريز بنائي ڇڏيائين. مزدورن جون گرفتاريون ٿيڻ شروع ٿيون، پر مزور باز نه آيا ڪاريهر نانگ چپ ڪري ويهي رهيو. ڪارخانو بند رهيو. مزورن جي هڙتال جاري رهي. ڪاريهر فقط مرڪندو رهيو. هن کي يقين هو ته هن جي ئي پيدا ڪيل ٻئي اصيل نانگ کان مجبور ٿي، مزور خود بخود ڪم تي ايندا. اهو اصيل نانگ انسانن جي جسم جو رت چوسڻ لڳو، ۽ جڏهن مزورن جي گهرن مان، اناج جو آخري داڻو ختم ٿيڻ لڳو، تڏهن اصيل نانگ خوشيءَ ۾ ڦوڪون ڏيندو، پنهنجي آقا ۽ خالق کي اها خوشخبري ڏيڻ لاءِ پهتو ۽ ان ڏينهن هري هري ٿي مزور ڪم تي اچڻ لڳا. هو به ڪم تي ويو، پر هنکي چيو ويو ته ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ”رازق“ جي شان ۾ سڀني کان وڌيڪ گستاخي ڪئي هئي، ان ڪري هن جو روز بند آهي!

دريا تي مڪمل اوندهه، مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي هئي. هو ذهن جي اوندهه ۾ ڀٽڪڻ لڳو. انهيءَ اوندهه ۾ هن کي ڪي ترورا به نظر آيا، جتي انسان جي پاڪيزگي بک جي باهه ۾ جلي رهي هئي. انسان جي فطرت سڙي رهي هئي. جتي مزورن جون هڏيون سڙي رهيون هيون ۽ انهن جي ڦلهيار مان ڪارخانن جون چمنيون، محلن جا گنبذ ۽ محراب اُڀري رهيا هئا. هو اٿيو ۽ پنهنجي واپس ورتل نيڪيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کي انهيءَ باهه جي نذر ڪري، تبرڪ طور ڦلهيار جي چپٽي کڻي، دريا جي اونداهين کي پنهنجي ذهن ۾ سميٽيندو ان طرف نڪري ويو، جتي انسان چور آهي- ڌاڙيل آهي- ۽ خوني آهي....

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment