Sunday, November 29, 2020

نئين زندگي - علي احمد بروهي

نئين زندگي

علي احمد بروهي



خيراتي اسپتال جي وچين وارڊ ۾، لوهي چارپائيءَ تي ليٽندي، ظفر سوچيندو رهيو. بيماريءَ کي اچي ٻه هفتا کن گذريا هئس. علاج معالجو به ڪافي ڪجهه ڪيو ويو هو، ليڪن الاجي ڇو، ڪنهن به ڦڪيءَ فرق نه ٿي ڪيو. ڊاڪٽرن طرفان دوا سان گڏ دستوري دلداري ۽ ڏڍ به ڏنو ٿي ويو، ليڪن ظفر کي بخوبي ڄاڻ هئي ته سندس زندگي ۽ موت جي دنگل جو آخرين نتيجو ڪهڙو نڪرڻو هو۽ آخرين فتح ڪنهن کي حاصل ٿيڻي هئي ليڪن ان لاءِ کيس ڪابه ڳڻتي يا فڪر هرگز نه هو.


آخر موت ڪو مهڻو ته نه آهي، ۽ نه وري ظفر ڪو پهريون انسان هو جو موت جي منهن چڙهيو ٿي. ازان سواءِ، ظفر کي زياده جيئڻ جي به ڪا خاص خواهش نه هئي. هن ڌوڙ ۽ ڌڌڙ جي گولي تي ڳچ عرصو گذاريو هئائين. گهڻو ڪجهه ڏٺو وائٺو، گهميو گهتيو ۽ کاڌو پيتو هئائين. عيش عشرت، ڏک ڏاکڙا، سرديون گرميون، خواهه دنيا جون لاهيون چاڙهيون، سڀ طئي ڪري چڪو هو. هاڻ چند گهڙين بعد سندس زندگيءَ جي ڊرامي جي آخرين ڊراپ سين ٿيڻي هئي. ’ترت کيس موت جو منهن ڏسڻو پوندو‘ اهو ڄاڻي کيس هڪ قسم جي مسرت محسوس ٿيڻ لڳي، جئن کيس ننڍپڻ ۾ ڪنهن نئين ملڪ ڏسڻ باعث حاصل ٿيندي هئي!

ظفر سوچيندو رهيو، ۽ سندس خيالات جي دنيا وسيع ٿيندي رهي. پنهنجي گذشته زندگيءَ جو جائزو وٺندي، ظفر ڏٺو ته سندس گذريل عمر، جا ستر سالن جي لڳ ڀڳ هئي، درجي بدرجي فلمي تصويرون جيان، تصور جي پردي تي نمودار ٿيندي رهي. ظفر نهايت متعجب ٿيو جڏهن ڏٺائين ته سندس زندگي هڪ ظفر جي مسلسل زندگي نه هئي، بلڪ هزارها ’ظفرن‘ جي مختلف عارضي زندگين جو مجموعو هئي.

ظفر ڏٺو ته سندس زندگيءَ جي شروعات هڪ اهڙي ’ظفر‘ سان ٿي جو فقط گوشت پوست جو لوٿڙو هو، ۽ جنهن کي نه سمجهه هئي ۽ نه ٻوجهه. هو فقط ماءُ جي ٿڃ تي پلندو رهيو ٿي. بعض اوقات مشڪيو ٿي يا رنو ٿي. کيس نه هو فڪر معاش، نه هو عشق بتان جو سوداءُ ۽ نه ياد خدا. ان بعد هڪ ٻيو ظفر نمودار ٿيو جو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهيو ٿي. هن پنهنجن مٽن مائٽن کي سڃاڻڻ ۽ ’امان بابا‘، نقل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، يا ڪڏهن ريڙهيون پائڻ ترڪ ڪري کٽ جي سهاري پير پير جي پرئڪٽس ٿي ڪئي. ظفر نمبر ٽيون، کڙو تڙو ۽ ڦڙت ڇوڪراٽ هو، جو زندگيءَ جي نئين دور ۾ گامزن ٿيڻ لاءِ آتو ٿي ڏٺو. هي طفل مڪتب هو ۽ دنيا جي غم فڪر ۽ جهنجهٽن کان آزاد. هن جو اڪثر وقت راند کيڏڻ، هل بکيڙو ڪرڻ ۽ طوطي جيان سبق يا ڪرڻ ۾ صرف ٿي ٿيو. ان بعد جنهن ظفر منهن ڪڍيو سو نهايت سهڻو ۽ شڪيل نوجوان هو ۽ هزارها خوبين خصلتن جو مجموعو. هن ظفر ۾ جواني هئي، جوش هو ۽ امنگ هئا. قسمت سانگي، جي سندس پلاند ڪنهن ٻٿڻيءَ سان اٽڪي ٿي ويو، ته سندس سموري جسم ۾ سيسراٽيون اڀري ٿي ويون. هي ظفر دنيا جي ڄار ۾ چوکنڀو ڦاٿل هئڻ گڏ، هڪ نئين قسم جي بيماريءَ ۾ مبتلا نظر ٿي آيو، جنهن کي ڪن عشق ٿي سڏيو ۽ ڪن محبت. هي ڪڏهن هرڻ جيان رڃ جي ريب ۾ ڊوڙندو ٿي رهيو ۽ ڪڏهن سرد آهون ۽ شوڪارا ٿي ڀريائين. ليڪن هي ظفر به اڳين ٻين ظفرن جيان چند پلڪن جي جهلڪ بعد نظر کان غائب ٿي ويو، ۽ سندس جڳهه والاريندڙ ظفر نهايت سنجيده مزاج ۽ بردبار ٿي ڏٺو. هن ظفر جو گردن دنيوي ٻوجهي سبب جهڪيل هو ۽ سندس قدم ۾ نه اها تيزي هئي ۽ نه گرمي. کيس اهل عيال، ٻارٻچا، مٽ مائٽ ۽ سوين ٻيون جوابداريون هيون. هي ڪرڙوڍ ظفر زمانه ساز ۽ آزمود گار انسان هو. هرهڪ ڪم ٿڌي سيني ۽ سوچ ويچار سان ٿي ڪيائين.

آخرين ظفر هڪ عمر رسيده، ضعيف ۽ خدا ترس شخص هو، جنهن جو جسم هيڻائيءَ ۽ خوف خدا کان ڏڪندو ٿي رهيو. هي زاهد، متقي ۽ پارسا هو، جنهن جو سمورو وقت ٻين کي نصيحتن ڪرڻ ۽ سجدن ڏيڻ ۾ صرف ٿي ٿيو. هن جا وار سفيد، ڏند عدم پيدا، ۽ قدم نهايت سست ۽ ڪمزور هئڻ سبب ٿڙڪيا ٿي. هيءُ ظفر خيراتي اسپتال جي وارڊ ۾ لوهي چارپائيءَ تي ليٽندي ڪجهه سوچي رهيو هو.

ظفر سوچيندو رهيو، حالانڪ فلم جو عڪس سندس دماغي اسڪرين کان اوجهل ٿي چڪو هو. آخر اهي سڀ ’ظفر‘ ڪٿي هئا؟ هو ٻار ڪٿي هو، جنهن ٿڃ ٿي پيتي ۽ تنجڻن ۾ ٻڌل رهيو ٿي. هو ڇوڪراٽ ظفر ڪٿي هو، جنهن ٽپا ٺينگ ٿي ڏنا. هو نوجوان عاشق ڪيڏانهن ويو، جنهن عشق ٿي پچايا ۽ ٽڪر کي مٿو ٿي ڏنو؟ هو ڪرڙوڍ ظفر ڪٿي غرق ٿيو، جنهن سياست ٿي کيڏي ۽ آدم جو اولاد ٿي وڌايو؟ ۽ هي ٻڍڙو قريب المرگ ظفر ڪير هو! هرهڪ ظفر کي پنهنجي زندگي هئي- ۽ هڪ ٻئي کان مختلف نوعيت جي! هرهڪ جي شڪل شبيهه، اٿڻي ويهڻي، خيالات ۽ خواهشون، علحده علحده هيون. ڇا هيءَ حقيقت هئي ته اهي سڀ ظفر مري چڪا هئا، ۽ سندن قبرستان لوهي چارپائيءَ تي ليٽيل ظفر جو بيمار جسم هو؟

ظفر انڌيري ۾ ڪجهه روشنائيءَ جا ڪرڻا پسي رهيو هئو هن محسوس ڪيو ته هرهڪ ظفر جي زندگي عارضي ۽ محدود هئي. هرهڪ پنهنجو وارو وڄايو. هرهڪ جي فطرت، وضع قطع ۽ عادت نرالي رنگ ڍنگ جي هئي. هرهڪ جي عمر ۽ سمجهه مختلف هئي. اهي سڀ ظفر موت جي زد ۾ اچي چڪا هئا ۽ هاڻ انهيءَ ظفر جو به انت اچڻو هو، جو لوهي چارپائيءَ تي ليٽي سوچي رهيو هو.

ظفر کي هي احساس ٿيڻ لڳو ته موت ۽ زندگي ڪي ٻه مختلف يا متضاد چيزون نه هيون بلڪ هڪ ساڳي وستو. ظفر کي هيءَ حقيقت روشن ٿيندي رهي ته موجوده دنيوي زندگي بذات خود هڪ موت جي زندگي هئي ۽ انسان هرگهڙي، هر ساعت، هر ڏينهن مرندو ٿي رهيو ۽ هر دفعي هڪ نئون انسان سندس خال ڀريندو ٿي رهيو. جئن ڪو انسان نديءَ جي ڪناري تي بيٺل هجي ۽ سندس پاڇو وهندڙ پاڻيءَ تي پوندو هجي ۽ هرساعت سندس پاڇي هيٺان نئون پاڻي ايندڙ هجي!

ليڪن، انسان جي موت جي زندگي، مستقل نه هئي: ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت بعد، انسان جو جسم بيڪار ۽ بيجان ٿي زمين تي ڪريو ٿي، تڏهن اهو موت انسان جي موت واري زندگيءَ جو آخرين موت ٿيو ٿي، ۽ جنهن بعد انسان جي هر ڏينهن واري موت جو خاتمو آيو ٿي، ۽ انسان بعد ۾ خيالات ۽ احساس جي نئين زندگيءَ ۾ داخل ٿيو ٿي.

موت ڪو جن ڀوت يا ديو نه هو، جنهن کان خوف يا خطرو ڪيو وڃي. هر گز نه. موت هڪ فطري قانون هو، ۽ دنيوي زندگيءَ جو ضروري پهلو هو، ۽ اهڙو ئي سلسلو جئن ٻج مان ٻوٽو، ٻوٽي مان مکڙي ۽ مکڙيءَ مان ٽڙيل گل ٿئي ۽ بعد ۾ گل خوشبوءِ ۾ تبديل ٿي فضا ۾ جذب ٿي وڃي ۽ باقي گل جا مادي حصا بيڪار مرده پتن جي حالت ۾ هيٺ ڪري زمين دوز ٿي وڃن.

ظفر سوچيندو رهيو ۽ هاڻ هن پاڻ کي نهايت هلڪو محسوس ٿي ڪيو. سندس پيشانيءَ تي اڳ جي فڪرات جا اهڃاڻ هئا سي ميٽجي چڪا هئا. ظفر جي چپن تي مسڪراهٽ نمودار ٿي.

هو مري چڪو هو، ۽ کيس اها خبر ئي نه هئي.....

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment