Monday, November 30, 2020

گل نرگس جو جنم - قادر بخش نظاماڻي

گل نرگس جو جنم

(يوناني ديو مالا جو هڪ ورق)

قادر بخش نظاماڻي



]گل نرگس جي پيدائش بابت يوناني ديو مالا ۾ دلچسپ قصا آهن، جن مان قديم روم جي مشهور  شاعر اوويد جي قصي جي بنياد تي ٻڌل ڪهاڻي هيٺ پيش ڪجي ٿي.[

قديم زماني ۾، ”نرگس“ جي نالي سان هڪ بيحد حسين، خوبرو ۽ نو عمر جوان هوندو هو. نرگس اهڙو ته سهڻو ۽ سوڀياوان هو، جو جيڪا به نوجوان ڇوڪري کيس ڏسندي هئي ته هڪدم مٿس ڇڪن ٿي پوندي هئي، ۽ سندس محبوبه بنجڻ لاءِ پئي تڙپندي هئي. مگر هن نو عمر نينگر جي دل ۾ ڪنهن لاءِ به جاءِ نه هئي: هن جي ڪنهن تي اک ئي نه ٿي ٻڏي. پنهنجي حسن تي کيس ڏاڍو ناز هو. سهڻي کان سهڻيون ڇوڪريون پاڻ ڏي سندس ڌيان ڇڪڻ لاءِ وس ڪنديون هيون، پر هو نيڻن جي نگاهه کان کين سڪائيندو، ائين سندن اڳيان لنگهي ويندو هو، ڄڻ هنن جو ڪو وجود ئي نه آهي. هنن دل ڀڳل ۽ بيقرار ڪمارين لاءِ هن کي ڪا به ڪشش ڪا نه پئي ٿي.


هن جي فراق جي اهڙين ڦٽيلن ۾، ”ايڪو“ (پڙلاءَ) نالي هڪ جل پري به هوندي هئي. ايڪو جي دکدائڪ حالت تي ”نرگس“ کي ڪڏهن ڪو ڪهڪاءُ ڪونه ايندو هو. جهنگلن ۽ جهنگلي جيون جي ديوي ”آرتيمس“ جو جل پري ايڪو تي ڏاڍو راز هوندو هو. پر خود ”آرتيمس“ ويچاري وري کانئس وڌيڪ جبري ۽ بااثر ديويءَ، ”زيئس“ جي رفيقه حيات ۽ محبوبه، ”هيرا“ جي ڏمر هيٺ هئي – ڇاڪاڻ ته ”هيرا“ کي شڪ هو ته ديوتا ”زيئس“ کانئس لڪي وڃي جل پرين سان عشق جي پنگهن ۾ عيش ماڻيندو رهندو آهي.

چنانچه جڏهن پنهنجي شوقين مزاج خاوند ۽ آڪاشن جي سڀ کان طاقتور ديوتا ”زيئس“ جا پيرا کڻندي، هيءَ زوراور ديوي سندس تلاش ۾ سرگردان ڦري رهي هئي، ته ڪنهن مهل اوچتو هن جل پريءَ ”ايڪو“ کي ڏٺو، جا کل ۽ خوشين ۾ محو هئي. هن کي هينئن چهڪندو ٻهڪندو ڏسي، ”هيرا“ برداشت نه ڪري سگهي ۽ بدنصيب ”ايڪو“ تي سندس ڏمر وڄ وانگر نازل ٿيو. ”هيرا“ چڙي کيس پاراتو ڏنو ته هوءِ پنهنجي ان تيز زبان کي آئيندي فقط ٻين جي آخرين لفظ دهرائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهندي. مگر ان سان پنهنجي دل جون خواهشون يا ٻين جا اوائلي لفظ ڪڏهن به نه چئي سگهندي!

”ايڪو“ لاءِ هيءُ عذاب بيحد ڳرو هو. خاص طرح جڏهن هوءَ به ڪيترين ئي ٻين بي نصيب ڇوڪرين وانگر ”نرگس“ جي برهه ۾ بيمار هئي.

هاڻي هوءَ هن سوڀيا جي پتلي جي پٺيان ڦري ته سگهي ٿي، مگر ساڻس ڳالهائڻ يا دل جي ورونهه ونڊڻ کان بيوس ٿي چڪي هئي. هن حالت ۾ هڪ اهڙي جوان جو ڌيان هوءَ پاڻ ڏانهن ڪيئن ڇڪائي سگهندي، جيڪو ڪيترين ئي سهڻين کي روهه ۾ رلائي چڪو هو!

مگر خدا جي ڪرڻي ڏسو، جو هڪڙو ڏينهن اهڙو آيو، جنهن ۾ ائين پئي لڳو، ڄڻ هن جي ڀاڳ ڀڙايو آهي.

”نرگس“ پنهنجي ساٿين کي سڏي رهيو هو. هن رڙ ڪئي، ”آهي ڪو هتي“ ۽  ”ايڪو“ هدڪم دهرايو ”هتي – هتي“!

جل پري وڻن ۾ لڪل هئي، ۽”نرگس“ جو کيس ڏسي نه سگهيو، تنهن وري به هڪل ڪئي، ”هيڏي اچو“! بس، اهو ئي اکر هو، جنهن جي اچارڻ لاءِ ”ايڪو“ تڙپي رهي هئي. هن پنهنجي روح جي اونهاين مان ان ”اَچو“! کي وراڻيو، ۽ ٻانهون کولي وڻن مان ٻاهر نڪري آئي.

هٺيلو ”نرگس“ هن کي ڏسي ڪاوڙ ۽ گهمنڊ مان ٻئي طرف مڙيو. ”ائين هرگز نه ٿيندو،“ هن چيو. ”فقط موت کان پوءِ مان تنهنجي اختيار ۾ آهيان!“

”ايڪو“ ليلائي ”تنهنجي اختيار ۾ آهيان“ جا اکر دهرايا؛ مگر ”نرگس“ وڃي چڪو هو. ڦوڙائي جي ڦٽيل ۽  عشق جي ماريل ”ايڪو“ پنهنجي اداسي ۽ نراسائيءَ جا سور پيڻ لاءِ وڃي ڪنهن نويڪلي غار ۾ پاڻ کي لڪايو، جو هن لاءِ هاڻي سک ۽ راحت جو ڪو به امڪان ڪو نه هو. اهڙين سڃين ۽ نويڪلين جاين ۾ هوءِ اڃا تائين زندهه آهي ۽ چون ٿا ته ڏکن ۽ وڇوڙي جي وڍن کيس ايترو ته ڏتوڙي ڇڏيو آهي، جو هاڻي سندس فقط
آواز وڃي بچيو آهي.

ان طرح ”نرگس“ عشق ۽ محبت کي ٺوڪريون هڻندو پنهنجي راهه تي هلندو ويو، هڪ ڏينهن سندس گهايلن گڏجي ڌڻيءَ در ٻاڏايو – دعا هئي ته ”شل هيءُ هٺيلو حسن، پاڻ به عشق جي آزار ۾ اڙجي!“ ۽ سندن اها دعا قبول پئي.

”نرگس“ هڪوار هلندي هلندي ٿڪجي، هڪ شفاف اوجل پاڻيءَ جي تلاءَ ڪناري تي پهتو، ۽ پنهنجي پياس اجهائڻ لاءِ جيئن پاڻيءَ تي جهڪيو، ته ان تي پنهنجو عڪس ڏسي دنگ رهجي ويو، ۽ اتس مفتون ٿي پيو. بي اختيار رڙ نڪري ويس: ”هاڻي سمجهيو اٿم ته ٻين ڪيترو نه منهنجي هٿان سٺو هوندو، جو هاڻي ته آءٌ پاڻ ئي پنهنجي عشق جي آتش ۾ کامي رهيو آهيان. مگر آه! ڪيئن آءٌ ان حسن کي پهچان جنهن کي هن پاڻيءَ تي پيو ڏسان؟ گهوڙا! آءٌ ان کي ڇڏي به نه ٿو سگهان! هاڻي ته فقط موت ئي مون کي هن کان جدا ڪندو!“

ٿيو به ائين – تلاءَ جي شفاف پاڻيءَ تي پنهنجي عڪس جي مٿان هو هميشه لاءِ گهور وجهي بيهي رهيو ۽ پنهنجي ئي فراق جي جهوريءَ ۾ جهرندو ۽ ڳرندو ويو. جل پري ”ايڪو“ سندس ويجهو موجود هئي، پر بيوس بيٺي رهي ۽ سندس ڪا به مدد نه ڪري سگهي. فقط جڏهن موت جو فرشتو ”نرگس“ جي مرحبا لاءِ آيو ۽ هن آخري ڀيري پنهنجي عڪس ڏي نهاري ”الوداع – الوداع“ جا اکر اچاريا، تڏهن ”ايڪو“ پڻ پنهنجي آخرين موڪلاڻيءَ طور انهن اکرن کي دهرائي سگهي.

چون ٿا ته جڏهن هن جو روح موت جي دنيا جي ٻاهرينءَ نديءَ تان ٻيڙيءَ ۾ پار اُڪري رهيو هو، تڏهن آخرين ڀيري ”نرگس“ ديوتا پنهنجي عڪس ڏسڻ لاءِ پاڻيءَ تي جهڪيو.

جل پريون، جن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هن هميشه ٺڪرايو ۽ڌڪاريو هو، سي اجل ۾ به مٿس مهربان ٿيون ۽ سندس جنازي کي دفن ڪرڻ لاءِ ڳولڻ لڳيون، پر ان کي لهي نه سگهيون. جنهن جاءِ تي هن جو لاش پيل هو، اتي هڪڙو نئون ۽ بيحد سهڻو گل ٽڙيو بيٺو هو: پوءِ جل پريون سندس نالي پٺيان هن کي ”نرگس“ سڏڻ لڳيون.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)


No comments:

Post a Comment