Showing posts with label گل نرگس جو جنم، يوناني، قادر بخش نظاماڻي،. Show all posts
Showing posts with label گل نرگس جو جنم، يوناني، قادر بخش نظاماڻي،. Show all posts

Monday, November 30, 2020

گل نرگس جو جنم - قادر بخش نظاماڻي

گل نرگس جو جنم

(يوناني ديو مالا جو هڪ ورق)

قادر بخش نظاماڻي



]گل نرگس جي پيدائش بابت يوناني ديو مالا ۾ دلچسپ قصا آهن، جن مان قديم روم جي مشهور  شاعر اوويد جي قصي جي بنياد تي ٻڌل ڪهاڻي هيٺ پيش ڪجي ٿي.[

قديم زماني ۾، ”نرگس“ جي نالي سان هڪ بيحد حسين، خوبرو ۽ نو عمر جوان هوندو هو. نرگس اهڙو ته سهڻو ۽ سوڀياوان هو، جو جيڪا به نوجوان ڇوڪري کيس ڏسندي هئي ته هڪدم مٿس ڇڪن ٿي پوندي هئي، ۽ سندس محبوبه بنجڻ لاءِ پئي تڙپندي هئي. مگر هن نو عمر نينگر جي دل ۾ ڪنهن لاءِ به جاءِ نه هئي: هن جي ڪنهن تي اک ئي نه ٿي ٻڏي. پنهنجي حسن تي کيس ڏاڍو ناز هو. سهڻي کان سهڻيون ڇوڪريون پاڻ ڏي سندس ڌيان ڇڪڻ لاءِ وس ڪنديون هيون، پر هو نيڻن جي نگاهه کان کين سڪائيندو، ائين سندن اڳيان لنگهي ويندو هو، ڄڻ هنن جو ڪو وجود ئي نه آهي. هنن دل ڀڳل ۽ بيقرار ڪمارين لاءِ هن کي ڪا به ڪشش ڪا نه پئي ٿي.