Sunday, November 29, 2020

چهڙي - بشير مورياڻي

چهڙي

بشير مورياڻي



(۱)

هوءَ ڏاڍي وڻندڙ نينگري هئي ڀنگياڻي هئي ته ڇا!

هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ماءُ سان گڏجي ايندي هئي، ماءُ جي پڙي جي پلؤ کي پڪڙي، ان جي پٺيان لڪندي، لڄي ٿيندي، ڪڏهن مرڪندي ۽ ڪڏهن منهن هيڏانهن هوڏانهن ڦيريندي ايندي هئي. ويڻين ۾ ننڍڙيون ڪاريون ڪانچ جون ڪنگڻيون پيل هونديون هيس. ماڻس، ڪاڪوس صاف ڪرڻ ويندي هئي، ته هوءَ اسان جي گهر جي پڌر ۾ ڪنهن فڪر ۾ ٻڏل بيٺي هوندي هئي. ڪڏهن انهن ڪنگڻين کي ٻانهن ۾ پيئي ڦيرائيندي هئي، ته ڪڏهن وري گهر جي ڀتين کي چتائي بيٺي ڏسندي هئي. اهي حرڪتون تيسين جاري رهنديون هيس، جيسين ماڻس ڪاڪوس صاف ڪري موٽندي هئي.


”وڌين! هن چهڙيءَ کي آنڪي ته ڏجانءِ،“ امان اندران بورچيخاني مان رڙ ڪندي هئي.

هوءَ ننڍڙا ننڍڙا قدم کڻندي، جڏهن پهريون دفعو مون کان آنڪي وٺڻ آئي، ته نالو پڇيومانس پهرين، ڪجهه وقت ته هوءَ درجي طاق پٺيان لڪندي، ۽ چوريءَ چوريءَ مون کي ڏسندي رهي!

”نالو ٻڌاءِ، ته پوءِ آنڪي ڏيانءِ“

هوءَ پنهنجو ننڍڙو، ڳتيل وارن وارو مٿو ڌوڻي، انڪار ڪندي رهي. شرمائجي رهي هئي، هن جو انڪار به وڻيو پئي. نيٺ ڌيمي لهجي ۾ چيائين: ”ڇيمي“ ۽ ڀڄي ويئي. آنڪي به نه ورتائين!

”ڪيڏي نه شرميلي ۽ وڻندڙ آهي! ڀنگياڻي ٿي ته ڇا! ”آءٌ سوچي رهيو هوس.

ٻه ٽي دفعا آنڪي وٺڻ کانپوءِ هوءَ مون سان هري ويئي. هاڻي بي ڌڙڪ منهنجي اڳيان اچي بيهندي هئي، امان ڏسندي هيس ته ڇينڀيندي هيس:

”او ننائين! نڪر ٻاهر- ڪمرو ٿي گندو ڪرين. گهور وڃانءِ، ڏائڻ کي ٻاهر ڪڍ!“

۽ هوءَ هوريان هوريان، چپ چاپ ٻاهر نڪري ويندي هئي. ڪنهن کي اجايو ستائڻ جو نه گهرندي هئي! دڙڪي داٻ ملڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن تائين هن جو اهو دستور ٿي ويندو هو، ته منهنجي ڪمري جي ٻاهر دڳ ڏانهن کلندڙ دريءَ جي ٻاهران، سيخن ۾ هٿ وجهي، بيهندي هئي. مان سمجهي وٺندو هوس ته آنڪي وٺڻ آئي آهي، پر هوءَ پنهنجي زبان سان ٻڙڪ به نه ڪڇندي هئي.

(۲)

هڪ ڏينهن هن آنڪي وٺڻ کانپوءِ شرمائجندي چيو: ”مان کي بي پيشو ڏيندين؟“

”تڏهن آنڪي ڪنهنجي ٿي وٺين؟“

”داديءَ جي.“

”پوءِ، دادي تنهنجي ناهي ڪئن؟“

”آهي- آنڪي منهنجي ناهي.“

مون کي هن جي اکين ۾ مرڪ سان گڏ لڙڪ ترندا نظر آيا. چپن تي سدا بهار سرهائي هيس. ان ريت هوءَ روزانو مون کان پنج پئسا وٺي ويندي هئي. آنڪي ماءُ جي محنت جي اُجرت، پئسو پاڻ لاءِ.

هڪ ڏينهن پڇيومانس: ”روزانو جيڪو پئسو وٺي ويندي آهين، ٻڌاءِ ته ڀلا، ان جو ڇا ڪندي آهين؟“

”گهنگلو وٺنديس. پيرن ۾ ٻڌي لاليءَ ۽ لما (رما) وانگي ڇم ڇم ڪندس.“

مان هن جي ان معصوم خواهش تي کلڻ لڳس. پر هن جي منهن جو رنگ نه مٽيو. هن کي يقين هو ته هن جي اها خواهش ٺوس هئي!

هن جي نالي ۾ به ته گهنگهرن جي ڇنڪار سمايل هئي....”ڇيمي“.

ڇيمي ڇهن ستن سالن جي هوندي، پر هئي ٻاتڙي! زبان ۾ شايد قدرتي هٻڪ هيس. سچ ته سخت کان سخت ۽ بي جان لفظ جڏهن هن جي زبان مان ادا ٿيندا هئا، ته انهن ۾ موسيقيت اچي ويندي هئي، ڄڻ گهنگهرن جو ڇمڪو ٿيو هجي.

(۳)

آءٌ سمجهي نه سگهيو آهيان، ته مون کي هن لاءِ ايتري چاهنا ڇو هئي؟...... شايد هوءَ غير رواجي ٻارڙي هئي. شايد هوءَ نرالي قسم جي ڇوڪري هئي، اهوئي سبب هو جو هوءَ چهڙي نه سمجهڻ ۾ ايندي هئي. منهنجي دلچسپيءَ جو هي سبب به ٿي سگهي ٿو، ته مون کي از حد معصوم ۽ وڻندڙ ٻارن لاءِ سڪ هوندي آهي. خاص طرح انهن ٻارڙن سان جن ۾ فطري طرح سان معصوميت ۽ شرارت جو ميلاپ هوندو آهي، پيار ٿيڻ سڀاويڪ آهي.

ڇيميءَ جي ماءُ رن زال هئي. ڇيمي، ستن سالن جي ننڍڙي ڇيمي، يتيم هئي. هن کي پيءُ جو پيار نصيب نه ٿيو هو. هوءَ چوندي ئي ته پنهنجي پيءُ کي ڏٺوئي نه هئائين. يا ٿي سگهي ٿو ته ان جي سانڀر نه هجيس.

ڏينهن لنگهي ويا.

هڪ ڏينهن، ڇيمي منهنجي ڪمري جي ٻاهرينءَ دريءَ جي سيخن ۾ هٿ وجهي، اچي بيٺي. مان لکڻ ۾ ايترو ته رڌل هوس جو ان طرف ڌيان ئي نه وڃي سگهيو.

”ڇي ڇي.... شي شي...“ اهو هن جي اچڻ جو اطلاع هو.

”اندران ڦري آ، ڇيمي!“

هوءَ کاٻي هٿ جي چيچ ڏندن ۾ ڏيئي، ڪنڌ لوڏي، انڪار ڪرڻ لڳي.

”ڇو؟“

”بيبي ماليندي.“

”نه نه..... نه ماريندي. اچ ته پئسو به ڏيانءِ.... ۽ ها... اڄ آنڪي نه وٺندينءَ ڇا؟ ۽ هاڻي ٻاهر ڇو بيهي رهندي آهين؟“

منهنجي ايترن سارن سوالن کان گهٻرائجي هن جواب ڏنو:

”نه نه..... نا نه..... بيبي ماليندي“

مان هن کي پڪڙڻ لاءِ اٿيس، ته هوءَ ڀڄي ويئي، ۽ رستي جي ڇيڙي تي بيهي ڄڀ ڪڍي مون کي چيڙائڻ لڳي- اها هن جي پهرين شرات هئي!

(۴)

آءٌ هڪ دوست کي خط لکي رهيو هوس،

”شي شي ......“

سمجهيم ڇيمي آئي. ڏٺم ته نئين وڳي ۾ هئي. ڇيٽ جو رنگين چولو ۽ ڀنگياڻين جو مخصوص، رنگين، ڇينڀي تي سنهو پڙو. ٻانهن ۾ ساڳيون ڪانچ جون ڪاريون ڪنگڻيون. مکڙي تي اهائي گنڀير مرڪ، مگر اکيون ڳاڙهيون ۽ انهن ۾ ڳوڙها، جيڪي ڀانيو پئي ته اجهو ڳڙيا ڪي ڳڙيا- ڇيمي اجهو رني ڪي رني.

”ڇو، ڇيمي ڇو!

هوءَ ٻنهي هٿڙن سان اکيون مهٽڻ لڳي، پوءِ روئي ڏنائين، روئندي به ٿي ويئي ۽ ڪڏهن نئين چولي ۽ پڙي کي ۽ ڪڏهن اگهاڙن پيرن کي ڏسندي به ٿي ويئي. مان حيران، ته ٻارڙي ايترو ڇو ٿي روئي، ۽ ڪپڙن ۽ پيرن کي ڇو ٿي ڏسندي وڃي چوڻ لڳي:

”داديءَ...... چولو پرو..... آرين (آڻين) ڏنو..... گهنگلو نه موکان اُهي پئشا به کشي ولتائين..... جيڪي تو ڏنا ها!“

مان هن کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، ۽ گهڻا جتن ڪري پڪ ڏياريمانس ته کيس گهنگهرو وٺي ڏبا.

”مان پيرن ۾ پائينديس،“ هوءَ خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳي، ”اڄ پئي به مان ميري (ميڙي) آئي هانءِ!“ هن ڄڻ ته مون تي رعب رکڻ چاهيو. اتفاق سان ان وقت ئي امان مون کان منجهند جي مانيءَ جو پڇڻ آئي. ڇيميءَ کي منهنجي ڪمري ۾ بيٺل ڏسي، اچي مٽي، چي: ”اهڙو ڪڌو ڪئين ٿيو آهين؟ چهڙيءَ کي کڻي مٿي تي چاڙهيو اٿيئي! ائين ڪو ڪندو؟ ڀائٽين کي به ايترو نه گهرين جيترو هن ڇنال کي!“ هوءَ ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري وئي، مانيءَ جو به نه پڇيائين. ڇيميءَ جو منهن لهي ويو، ۽ بنا چون چرا جي ٻاهر نڪري ويئي. امان به ڪا هن لاءِ واجهائي رهي هئي. ڇيمي ٻاهر نڪتي مس ته امان ٻهاري کڻي سٽڻ لڳيس. ويچاريءَ ڪجهه نه ڪڇيو، ڳوڙهو به نه ڳاڙيائين!

پڌر مان گند جو ٽين کڻي، هوريان هوريان ٻاهر نڪري وئي.

منهنجي حساس دل ۽ دماغ تي ان جو ايترو اثر ٿيو، جو منجهند جي ماني به نه وڻي. رات جي ماني به امان ۽ ڀاڄائيءَ منٿ ميڙ ڪري کارائي. امان چوڻ لڳي.

”اهڙو نرم دل به ڪو ماڻهو ٿئي! مون کي حيراني آهي، ته تون آفيسري ڪئن ڪري سگهندين؟ خدا گهريو ته نيٺ ڪو عهدو ماڻيندين، پوءِ زيردستن تي رعب ڪئن ڄمائي سگهندين! انتظام ڪئن رکندين!“

هيڏانهن، منهنجي ذهن ۾ ڪي ٻيا ويچار اٿلي رهيا هئا. آءٌ سماج جي اوڻاين تي غور ڪري رهيو هيس. انسان انسان کي ڌڪاري ٿو. انساني فطري پيار ۾ به ذات پات، اوچ نيچ جو دخل ٿي سگهي ٿو!

(۵)

ٻئي ڏينهن ڇيمي آئي! شايد ماءُ کي مار جي ڪا ڳالهه نه ٻڌائي هئائين، نه ته اچڻ نه ڏئيس ها. هن جي اکين ۾ رهي کهي مرڪ جي جاءِ به لڙڪن والاري هئي. هوءَ ڪاڪوس ميڙي ٻاهر نڪري وئي. امان به شايد ڪالهوڪي واقعي تي پشيمان هئي. چئي نه سگهي: پٽ، هن چهڙيءَ کي آنڪي ته ڏجانءِ، ڇيمي به مغموم ٿي ڏٺي. آءٌ پنهنجي ليکي شرمندو هوس. اچانڪ هوءَ ٻاهرين دريءَ جي سيخن کي پڪڙي اچي بيٺي. ڪو آواز نه ڪيائين بس بيٺي رهي. ڀانيم، ابد تائين ائين بيٺي رهندي! مان ڪرسيءَ تان اٿي، ڏانهنس وڌي ويس چوڻ لڳي:

”تون منهنجي دادا کي وٺي ايندين؟ دادي کش ناهي.“

مان ڏڪي ويس. ان جو ڪهڙو جواب ڏئي ٿي سگهيس! هن جهٽ کن کان پوءِ وري چيو:

”اڄ ٻه آنڪون ڏيندين؟ دادي کش ناهي.“

مون ٻياني ڪڍي، هن کي ڏني، ته چوڻ لڳي، ”سڀان پئشا نه ڏجانءِ.“

”ڇو؟“ مون حيرت مان پڇيس.

”اڄ ٻياني جو ڏني اٿئي!“ هن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيندي چيو. ”آنڪ جون ڪچوريون وٺندس. پنهنجي ڪاڻ ٿوروئي! داديءَ لاءِ: کش جو ناهي!“

هوءَ هوريان هوريان هلندي هلي ويئي، ڏاڍي اداس پئي ڏٺي. دڙي تائين پهتي، جتي ٻين ڀنگياڻين جي گند جي دٻن سان هن جو دٻو به رکيو هوندو هو. مون ڏٺو، هن سينهو مٿي تي ٺاهي رکيو، ۽ پوءِ ان تي گند جو ٽين رکي هلڻ لڳي.

مان کيس ڏسندو رهيس.

هڪ ڏينهن صبح جو، پاڙي اوڙي جا ٻار اسان جي گهر جي ٻاهران رستي تي ”سٽ ڪٽ“ راند ڪري رهيا هئا. ڇيمي هنن جي راند مان مزو وٺي رهي هئي. جڏهن کينهون ڪني پاڻيءَ جي ڪسيءَ ۾ ٿي ڪريو، ته هن ڪڍي آڻي ٿي ڏنن. هڪوار ته کينهون هن جي هٿن ۾ آيو، هوءَ حسرت سان ان کي دٻائي ڏسندي رهي. پريان ڪنهن ڇوڪري رڙ ڪري چيس:

”او ڙي، او چهڙي! کينهون هيڏي ڦٽي ڪر، نه ته هڏ گڏ ڀڃندوسانءِ.“

ڇيمي ويچاريءَ ڊڄي، کينهون کڻي اڇلايو.

پريان ڪا بگي ٿي آئي، جنهن ۾ تازو وهو ڪيل گهوڙو جوٽيل هو، جو بگيءَ کي کنيو ٿي آيو. منهنجو چئن سالن جو بي سمجهه ڀائٽيو وچ رستي تي بيهي، راند ڏسي ۽ تاڙيون وڄائي رهيو هو. بگيءَ وارو پريان ئي رڙيون ڪندو ٿي آيو، ۽ جيترو پئي گهوڙي جي رينن کي ڇڪيائين، اوترو ٿي گهوڙي اُڇانگ ڏنا. ٻار رستي تان نه هٽيو. ٻيا ڇوڪرا پري پري وڃي بيٺا. ڇوڪر جو وڏو ڀاءُ ۽ ڇيمي کيس بچائن لاءِ، ڏانهنس ڊوڙيا. ڀاڻس ڪجهه دير سان پهتو، نه ته اُهو به ننڍڙي طارق ۽ ڇيميءَ جيان بگيءَ جي چيڀٽ ۾ اچي وڃي ها.

وٺي ٻارن ڏانهن ڊوڙيس. عورتون درن پٺيان بيهي پار ڪڍڻ لڳيون. بگي هوا ٿي وئي هئي مون هڪ ڪڇ تي طارق کي کنيو: ٻيءَ تي ڇيميءَ کي. هڪ ٻار رڙ ڪري چيو:

”ادا! اها چهڙي اٿئي، ڪڇ تي نه کڻيس. لٽا ڪنا ڪندءِ!“

ٻيا ٻارڙا ’آخ- آخ‘ ڪرڻ لڳا. هڪ ٻار منهنجي ويجهو آيو: ”اڙي، هاڻي ادا به چهڙو ٿي پوندو“ تنهن تي ٻيا ٻار، ان حادثي کي وساري، وٺي کلڻ لڳا!

ڇيمي بيهوش هئي. سندس مٿي مان رت وهي رهيو هو. ڪلهن ۽ سيني تي سخت رهڙون آيون هيس هن سياڻپ ڪري طارق کي پرتي ڌڪي ڇڏيو هو، جنهن ڪري هن کي رڳو ٽنگن تي معمولي زخم رسيا هئا.

گهر ۾ گهڙيس ته امان ۽ ڀاڄائي طارق لاءِ وهلور ٿي ويئون. ڇيميءَ لاءِ ڪنهن به نه پڇيو. ان کان اڳ جو مون تي ڪوئي نڪته چيني ڪري ته ”چهڙيءَ کي ڇو ڪڇ تي کنيو اٿئي“، مان ٻاهر نڪري ويس.

(۶)

آءٌ ڇيميءَ کي اسپتال کڻي ويس. جڏهن هن جا زخم صاف ڪرڻ لاءِ کيس ميز تي ليٽايو ويو، ته ڪجهه سڌير ٿي، زخم صاف ٿيڻ مهل جاڳي پئي ۽ درد کان دانهون ڪرڻ لڳي. هن کي مضبوطيءَ سان جهلي، سوگهو ڪري، زخم صاف ڪيا ويا، ۽ انهن ۾ دوائون ۽ پائوڊر وغيره ڀري پٽيون ٻڌيون ويئون.

مان هن کي ڪڇ ۾ کڻي، ٻاهر رستي تي اچي، ٽانگي لاءِ واجهائڻ لڳس. هوءَ، رت وهڻ سبب، ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ ڍر ڪندي ٿي وئي. جهڪي آواز ۾ پڇيائين:

”ڪاڏي؟“

”گهر- ڇيمي! تنهنجي گهر پيا هلون هلون نه؟“

”ٽين ۽ سينهو ته کڻون، نه ته دادي گهر اچڻ نه ڏيندي!

”چڱو ڀلا منهنجي گهر هلندينءَ ڪئن؟“

”نه- بي بي ماليندي. تالڪ (طارق) کي ڄنگهه ۾ ڌڪ جو لڳا آهن!“ هوءَ سڏڪا ڀرڻ لڳي.

”نه نه... نه ماريندءِ. مان جو ويٺو هوندس.“

نه نه- نا نه... بي بي ماليندي!..... هل ته دادا ڏي هلون!“

پوءِ هوءَ رئڻ لڳي.

مان منجهي پيس.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment