Friday, November 27, 2020

ڪھاڻي ڪتاب ڀانڊارو تي ھڪ نظر

ڀانڊارو

ياسمين چانڊيو جي سٺين ڪهاڻين جو سٺو مجموعو

مٺل جسڪاڻي



ڪڏھن ڪڏھن قسمت سانگي ڪا خرچي ملندي ھئي، اھا به ٽڪو، آنو يا ٻه آنا، وڏو ڇيھه ته وڏي ڏينھن پھرين چار آنا، پوءِ اَٺ آنا، اٺين ڪلاس ۾ پڙھندو ھئس، ته عيد جي خرچي ھڪ روپيو ملي ھئي! اھڙي ماحول ۾، ٻين جي ريس ڪبي ھئي، ”ڀنڊالي“ گهرائبي ھئي، پيسو پيسو ڪري وجهبو ھو. کوٽ ٽوٽ ۾ جڏھن به ”ڀنڊالي“ ڀڳي، نئين ”ڀنڊالي“ وٺڻ جيتري به مُوڙي نه ملندي ھئي!


ٽي چار يا ڪي ٿورا گهڻا، پر مھينا ٿيا، عالمي اوطاق (چھرن جي ڪتاب) وسيلي ”ڀانڊارو“ لفظ سان، ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين جو مجموعو ڇپجڻ جي خبر پئي. منھنجي ڏٺل، ٻُڌل، ورتل ”ڀنڊالي“، ھي ”ڀانڊارو“، ڳالھه ئي سمجهه ۾ نه اچي!

”ڀانڊارو“ يعني ڪھاڻين جو ڪتاب، منھنجي پنھنجي ھٿ وس ۾ اچي چڪو، اطمينان سان پڙھيم... ھن ڪتاب تي لکڻ جي پڪ نه هئم، پر لکي ورتم، ته اھو شايع به ڪرائجي، پر تحريرون شايع ڪرائڻ ڏينھون ڏينھن ڏکيو، ان ڪري ٿيندو وڃي، جو اخبارن ادبي صفحا يا ته ڇاپڻ بند ڪري ڇڏيا آھن يا وري ڇاپين ٿيون، ته صفحا سنڀاليندڙن جون سنديون سوچون، ترجيحات... رسالا ڇپجن ته ٿا، انھن جا به سندا اصول ۽ طور طريقا آهن...

ڪاش! اسان به اھڙي خطي جا ھجون ھا، جتي معيار جي وصف ھڪڙي ئي ھجي، ليکڪ کي ٻيو اجورو نه سھي، ڇپجڻ لاءِ منٿ نه ڪرڻي پوي، ڇپجي ته ٿورا نه مڃڻا پون، ۽ گهٽ ۾ گهٽ سندس اسم وارو پرچو ته اعزازي ڪاپي طور ملي، پر نه، اھڙا اسان ماڻھن جا ڀاڳ ڪٿي. اسان جي ته ننڍپڻ ۾ به ”ڀنڊالي“ مان، ”ڀنڊالي“ جي قيمت جيتري ڳوجهي به ڪانه نڪتي...

ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين جي مجموعي ”ڀانڊارو“ جي پهرين ڪهاڻي ”راڻي“ اِهڙي گهر جي ڪهاڻي آهي، جنهن گهر جو وڏو، صبح سوير اُٿي، چانهه جو ڪوپ پيئڻ بدران چرس جي سلفي مان سوٽا هڻي ٿو، پر سندس اڱڻ ۾ هڪ پنکي جي سامهون کٽون قطار ۾ رکيل هونديون آهن، جن تي پهرين سندس پُٽ ۽ ڌيئرون، آخري کٽ تي اهو چرس جو موالي پيءَ سمهندو آهي، جيڪو زال کي گار ڏيندي چوندو آهي ”شودي رن وقفي ڪرڻ سان الله ناراَض ٿيندو آهي. جيڪڏهن اُن جي قدرت سان هٿ چراند ڪندين ته قيامت ۾ ڪارو منهن ٿيندو تنهنجو به ته منهنجو به“ ۽ ٽيون نمبر نياڻي ڄمڻ تي چيو ”لک لعنت اٿس، ڀلا ماڻهين نڀاڳي ٻيو ڄڻيندي به ڇا؟“.

ٻيءَ ڪهاڻي ”ڪي خواب اڌورا“، گڏ پڙهندڙ نوجوان ليکڪ جوڙي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ”راهب“، ناز کي ان ڪري به وڌيڪ پسند ڪندو هو جو ”هڪ ليکڪ ئي ٻئي ليکڪ کي سمجهي سگهي ٿو، ان جي لکڻين جو قدر ڪري سگهي ٿو.“ ان ڪهاڻي ۾ جڏهن راهب، ناز جي شرط مطابق ڦرڻي ڪرسي وارو وڏو صاحب ٿي وڃي ٿو، ته کيس سندس پٽيوالو چوي ٿو“ خواب بند اکين ۾ ئي سٺا لڳندا آهن“، جنهن تي هو سهمت ان ڪري هوندو آهي، ڇو ته راهب پاڻ پنهنجي ڪنن سان ٻڌو هو، ”ناز فون تي ڪنهن کي چئي رهي هئي: ’مان توسان ئي محبت ٿي ڪريان ٿي، جلد راهب مان جان ڇڏائيندس“... ۽ پوءِ ٿوري دير بعد راهب جي لکيل مضمونن جو بيگ ڪم واري ماسيءَ کي ڏيندي چيائين ”هي رديءَ واري کي ڏئي، پيسا توهان کڻجو“.

”عشق آرزو، عشق التجا“ مرد سان پيار ڪندڙ اهڙي خاتون جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو وهانءُ ته سندس محبوب سان ٿي وڃي ٿو، پر ڪهاڻي جي پڄاڻي هنن سٽن سان ٿئي ٿي: ”هن ٻيهر ساحل ڏي چتائي نهاريو، ڄڻ نگاهن جي دروازي منجهان ساحل جي دل ۾ وڃڻ جو رستو پئي ڳوليو، پر رستو بند محسوس ٿيو هئس ۽ اهو احساس هن جي اندر کي جهوري رهيو هو“.

”زندگي جي ريل گاڏي“ خبر ناهي ڪنهن ڪنهن جي ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي ان ميرزادي جي آهي، جنهن جو اڪيلو پٽ ”ملوڪ فرار ٿي چڪو هو، جنهن پنهنجي زال کي نوران جي پٽ ملهار سان ٽهڪ ڏيندي ڏٺو ۽ بندوق کڻي ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو.“. جڏهن ته ميرزادي ۽ نوران هڪٻئي سان هجتون ڪندڙ پاڙيسرياڻيون هيون. ان ڪري ملوڪ ۽ ملهار هڪٻئي جي گهر ائين ايندا ويندا هئا، ڄڻ پنهنجي گهر ايندا ويندا هجن ۽ ننڍي هوندي کان دوست به رهيا. هن ٻٽي قتل سبب ”ان ڏينهن ميرزادي پنهنجي نالي مان ڦري فقيرزادي ٿي وئي هئي“.

”ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر“، ”ميڊيڪل جي شاگردياڻي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏيندڙ جي خبر“ ٻڌڻ تان ٿيندڙ ڪيفيت تي مشتمل آهي، پر هي عجيب غريب ڪيفيت جي اُبٽار!؟.. ان بعد يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندڙ هڪ شاگردياڻي جي ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي، اڳتي هلي، ان شاگردياڻي جي، سينيئر دوست شاگردياڻي جي، خودڪشي جي ڳالهه اچي ٿي. هن ڪهاڻي ۾ نيوز چينل تان هليل، ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي، ڦاهو کائي خودڪشي ڪرڻ واري جي، ڪهاڻي نه آهي!!؟؟

”ڪني“ اهڙي عجيب ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي جي ڪردار کي ”ڪِني“ چوڻ سان کيس... هوءَ جيئن محسوس ڪري ٿي، اهو ڪهاڻي ۾ ئي پڙهجي، هتي ڇو!؟ جيڪو به پڙهندو، اهو ئي پروڙيندو، ته هن ”ڪني“ ۾ اهڙو ڪجهه به ڪونهي جيڪو ”ڪِني“ لفظ جي ڪري ذهن ۾ ايندو!؟... عجيب تجسس پيدا ڪندڙ، اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ”ڪني“ کي جواني ۾ ”ڪني“ چئي، جواني ۾ وڇڙي ويل، پوڙهپڻ ۾ پوٽيءَ سان گڏ ملي ٿو، ته ”ڪني“ کي چوي ٿو ”هي منهنجي پوٽي آهي. سندس نالو ڪني آهي. مون رکيو آهي. ڌي ڄائي ڪونه، نه ته جيڪر ان جو نالو رکان ها“. نومبر مهيني جو ذڪر ٻيو دفعو هن ٻيءَ ڪهاڻي ۾ آهي. موالي جو ذڪر به ٻه دفعا، ٻن مختلف ڪهاڻين ۾ ٿيو. ڪجهه صورتون ۽ حالتون، ڪجهه ڪردار ۽ موضوع، ٻن ٻن، ٽن ٽن يا ڪجهه گهٽ وڌ، پر مجموعي ۾ شامل مختلف ڪهاڻين ۾ آهي، هجڻ خراب نه لڳو.

”ڀانڊارو“ ڪهاڻي جي شروعات ۾، ننڍپڻ کان سورن سان جڙيل ناتي جو ذڪر ڪندي، گس ۾ ٺڪر جي ٿانون واري ريڙهي تي ڀانڊارو ڏسي، وري به ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي لکيل هي اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي سندس ڪهاڻيون ياد ڏياريندي. ”راڻي“ کان پوءِ هي ٻي اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي جو مک ڪردار اهڙي پيءَ جي وڏي ڌيءَ آهي، جنهن جو پيءَ به عيش ۽ نشا پتا ڪندڙ آهي. پنج رپيا پنج سو برابر جون دلچسپ ساروڻيون وڏي عمر جي پڙهندڙ ۾ ساهه ڦوڪي ڇڏينديون، پر ساڳئي وقت اکيون به آليون ڪنديون! آخر سڄي مجموعي جي شاهه ڪهاڻي جو آهي، ان ۾ ڪجهه ته هوندو نه.... پڙهو ته خبر پوي.

”سنگ مرمر ۽ سنگ تراش“ مون کي طلسماتي دنيا جي ڪهاڻي لڳي. ٻيا پڙهندڙ پڙهي پنهنجي راءِ قائم ڪن.

ڪهاڻين جي مجموعي ”ڀانڊارو“ ۾، شامل ڪهاڻين ۾، شايد گهڻائي انهن ڪهاڻين جي آهي، جيڪي يا ته يادگيرين تي مشتمل آهن يا وري ڪهاڻيون گهڙڻ ۾، يادگيريون پيش ڪرڻ وارو انداز وڌيڪ بهتر محسوس ڪيو ويو. بهرحال ”خوشي ۽ درد جو ميلاپ “ ڪهاڻي به ائين ئي، يادگيرين جي بنياد تي مشتمل اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ خوشي ۽ درد يا درد ۽ خوشي، ٻئي هڪ ئي وقت هڪ ئي هنڌ موجود آهن.

”بي وفائي“ منهنجي خيال ۾ ”فرسٽريشن“ جو شڪار ليکڪ جوڙي جي اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ليکڪن بابت ليکڪا ”هيروئن“ ڊگهو بحث ڪرڻ تي مجبور ته ڪري پئي، پر نه، ائين نه ڪندس. خير، ڪهاڻي جو انت ائين ئي ٿيڻ گهربو هو، جيئن هن ڪهاڻي ۾ آهي.

”شادي“ ڪهاڻي جي شروعات شاندار آهي. اصل تمام گهڻي دلچسپ آهي. ڪنوار ۽ ان جي پيءَ جو نالو، پر گهوٽ جي نالي سان پيءَ جو نالو نه، ”ولد فلاڻو“ سمجهه ۾ نه آيو!؟ تمام سٺي دلچسپي سان، انتهائي حيران ڪُن پڄاڻي واري ڪهاڻي، پڙهندڙ کي ڪٿي به ٿڪائيندي ڪانه.

”لڙڪن سان لئون“ ڪهاڻي گهٽ، تاثر وڌيڪ، پر وڻندڙ، سڀني ڪهاڻين وانگر، هن ۾ به ٻولي انتهائي دلچسپ ۽ پرڪشش استعمال ٿيل آهي.

”روح جي تلاش“ نوجوان جوڙي جي جذباتي ڪهاڻي محسوس ٿيم. ممڪن آهي ته ٻئي پڙهندڙ تي ڪو ٻيو تاثر ڇڏي.

”محبت جو ڪاڪ محل“ پڙهندي، مرد پڙهندڙن جي اڪثريت چاهيندي، ته ڪاش آئون به ان ڪهاڻي وارو پروفيسر هجان، يا هجان ها ۽ شايد عورت پڙهندڙ چاهي، ته ڪاش هو رضيه جي اهڙي دل گُهري دوست هجي، جنهن کي ڪلثوم جهڙي پياري دوست هجڻ سبب، شادي جي ضرورت محسوس نه ٿئي. ٻن ساهيڙين جي هن ڪهاڻي ۾ پڻ، اُڻت ۽ پڄاڻي سٺي آهي.

”پيڙائن جي پاڇن ۾“ يادگيرين تي مشتمل اهڙي تاثراتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اتساهه آهي حوصلو آهي، جذبو آهي، همٿ آهي ۽ مون کي آس پوري ٿيندي محسوس ٿي آهي.

پنجاهه هزار ۽ سنڱ عيوض ڳجهه جهڙي وحشي مڙس جي زال جي ڪهاڻي ”مسلط محبت“ ۽ ”گم ٿيل احساس“ اهڙي ڪهاڻي آهي، جهڙيون ڪي ڪهاڻيون لکجڻ کان رهجي ويل آهن.

سارنگ جي حوس جو شڪار ٿيل زينت جي ڪهاڻي تي مشتمل ”محبت ۽ حوس“ به هن سماج جي جيئري جاڳندي ڪهاڻي آهي.

”يادن جي رُڃ“ جيتوڻيڪ اعتبار جهڙي ڪهاڻي آهي، پر اهو زمانو هاڻي ڪٿي؟ ممڪن آهي ته اڃا ڪي ڳوٺ، اڃا ڪي خاندان اهڙا هجن، جتي ائين ٿيندو به هجي، پڙهندڙ پڙهن ۽ راءِ ڏين.

”اڃايل آشائون“ سٺي ڪهاڻي آهي، سچي ڪهاڻي آهي، بردبار عورت جي ڪهاڻي آهي.

”من اندر جي وڄ“ ڪهاڻي مون ٻه دفعا پڙهي! پهرئين دفعي پڙهڻ وقت منهنجو منهن اوڀر طرف هو، سامهون واري دري کليل هئي. گوڙن جا ٺڪا ٻڌندي ڪهاڻي پڙهندو پئي ويس، کنوڻ منهنجو ذهن ڪهاڻي کان هٽايو پئي، ۽ ٻئي دفعي ڪهاڻي پڙهندي منهنجو منهن ڏکڻ طرف هو. هن دفعي ڏکڻ، اوڀر ۽ اتر واريون دريون کليل هيون، گوڙون به ٻڌڻ ۾ آيون پئي، ته برسات وسڻ سبب ايندڙ آواز به آيو پئي، جنهن ڇت تان، نارن مان وهندڙ پاڻي جو شور سوايو هو. هن ڪهاڻي جو هڪ ڪردار آهي، اُهو اهڙي ئي موسم ۾ ”من اندر جي وڄ“ جو احوال، علامتي انداز ۾، مينهوڳيءَ جي مند وارين حالتن سان، اندر جي ڪيفيت کي ڀيٽيندي، ڪهاڻي کي پورو ڪري ٿو (ٿي).

”من اندر مانڌاڻ“ بي جوڙ شادي جي شڪار عورت جي ڪهاڻي آهي، پر هن ڪهاڻي ۾ روايت پڻو نه آهي. پڙهندڙ کي پڙهڻ دوران ذهن ۾ رکڻو پوندو، ته ڪهاڻي جي پڄاڻي تي کيس ڪهاڻي سمجهڻي آهي.

”کنوڻين جا ميلاپ“ اٽڪل ساڍن يارهن صفحن تي مشتمل ڪهاڻي آهي. وسندي مينهن دوران ٻه ٽي ڪهاڻيون پڙهي، هن ڪهاڻي تي پهتس ته سندس صفحا سارڻ ضروري سمجهيم. جڏهن صفحا ڳڻي ورتم ته ڪتاب بند ڪري رکڻ بهتر سمجهيم. جڏهن ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته اٽڪل ٽپهري جو وقت هو. برسات جو سلسلو بند ٿئي چار ڏينهن گذري چڪا هئا، پر هن ڪهاڻي جي شروعات برسات جي خوفناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ ماحول ۾ ٿي، ته پڄاڻي به ساڳئي انداز ۾ ڪهاڻي ۾ ڪهاڻي، ٻئي ڪهاڻيون مختلف هوندي به، هڪ جهڙيون، ٻنهي ڪهاڻين جي پڄاڻي هڪٻئي کان وڌ ڇرڪائيندڙ، تجسس سان ڀرپور آهي.

”ڳولا“ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي جاءِ تي سچي ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿي، ته خيالي، تاثراتي ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿي.

”سائيڪل وارو“ انتهائي اهم ڪهاڻي آهي، جيڪو به پڙهندو، ان کي خبر پوندي، ته هن معاشري ۾ ڇا ڇا ٿيندو آهي ۽ ڪيئن ڪيئن ٿيندو آهي؟!...

”مُڪتي“ جي پڄاڻي ته عام وڄ ڪرڻ جي نتيجي سان عام ئي آهي، پر ان کان اڳ جيڪي وڄون ڪريون، انهن متعلق ڄاڻڻ، انهن کي سمجهڻ ۽ مستقبل جي رٿابندي لاءِ ڪارائتي ڪهاڻي آهي.

”پوسٽ مارٽم“ اهڙي انداز ۾ لکيل آهي، جو ڪنهن به ڊڄڻي ۽ وهمي کي نه پڙهڻ گهرجي! پڙهي ته پاڻ کي، ڪهاڻي جي هر موڙ کان اڳتي پڙهي، ڪهاڻي پوري پڙهڻ جهڙو حوصلي مند ٿي، پوءِ پڙهي. هي سيسراٽ ڪڍائي ڇڏيندڙ، خطرناڪ ڪهاڻي آهي.

ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڀانڊارو“ جي آخري ڪهاڻي ”رنڊي“، اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن هڪ ڪهاڻي جي مڃتا ۾، ياسمين کي ايوارڊ ڏيڻ گهرجي، پر پاڻ وٽ ايوارڊ ڏيڻ جا پنهنجا پنهنجا ماڻ، ماپا، رواج ۽ رويا آهن. جڏهن ڪنهن، بهتر فيصلو ڪري سگهندڙ ايوارڊ ڏيڻ واري جي نظر مان هي ڪهاڻي گذرندي، مون کي پڪ آهي، ته هڪ ايوارڊ هن هڪ ڪهاڻي تي ياسمين چانڊيو کي به ملندو.

مجموعي طور ”ڀانڊارو“ سٺين ڪهاڻين جو سٺو مجموعو آهي. هن ۾ اهڙيون ڪهاڻيون به شامل آهن، جيڪي، پنهنجي سماج جي، تمام ٿورين عورت ڪهاڻيڪارائن لکيون آهن.



ڀانڊارو

جديديت جي هڪ جهلڪ

رياض ابڙو

ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جو مجموعو “ڀانڊارو” سندس پهريون ڪتاب آهي پر پڙهڻ کانپوءِ ائين ڀاسندو ته ليکڪا جا ڄڻ پهرين به ڪتاب آيل هجن ڇو جو ياسمينِ ڪهاڻي جي ڪرافٽنگ ۾ انتها درجي جي مضبوط ليکڪا آهي، ياسمين جي انفرادي خوبي اها به آهي ته هوءَ پڙهندڙن کي هڪ زبردست رواني ٿي بخشي، هوءَ پڙهندڙن کي آبشارن جي وهڪري جهڙي ٻولي جي ڌارا ۾ هلائيندي ٿي هلي ۽ هوءَ قصن ڪهاڻين سان لبريز موضوع ٿي آڇي جنهن ۾ پڙهندڙ ڀرپور نموني محظوظ ٿو ٿئي، ان ڪري اها ڳالھه ايتري ئي توسط سان چئي سگهجي ٿي ته ويجهڙ ۾ ڪهاڻي پنهنجي گھاڙيٽي پٽاندر انتهائي درجي جي ڀرپور پئي سرجي، ياسمين پنهنجن ڪهاڻين ۾ نوان موضوع، منفرد پلاٽ، انوکا تجربا، اڻ ڏٺا مشاهدا ۽ منظرڪشيون، نت نيون منظرنگاريون ۽ اهڙا پُرسوز ۽ ڊائيلاگ کڻي ٿي لهي، ان ڪري اها ڳالهھ به چئي سگهجي ٿي ته جتي مشاهدا وسيع ۽ عريض ٿي پيا آهن ته اتي فصاحت ۽ بلاغت به اوج تي آهي، ان سبب ڪهاڻي ۽ سرجڻهار پنهنجي معراج تي آهن ۽ ڪهاڻيءَ اندر هر طرح ماڊرنزم جي جهلڪ پسجي ٿي ته اتي ڪهاڻين جا مزاج به جارحانا هجن ٿا، ائين ئي ياسمين جا ڪردرا ڪٿي باغي ٿي ٿا پون، ته ڪٿي معاشرتي براين کي نت نئين انداز ۾ نندن ٿا ته ڪٿي ڪهاڻيون روميو جوليٽ جي پيار جا قصا کڻي ٿيون لهن ته ڪٿي ڪردار سيڪسزم ۽ رومينسزم جا راڳ به آلاپن ٿا اتي ڪهاڻيڪار جي گرفت ۽ ڏانءَ جي رمز اها به آهي ته هو ڪردارن جي واتان اهي مڪالمن جون بهترين اڻ ڳڻيون ڊليوريون ۽ پريزنٽيشنز به ڪرائي ٿي ته اهي پُراثر طريقي سان ان ٽارگيٽ کي “هِٽِ” ڪن جتي رائيٽر کي سندس پورهئي جي عيوض داد وصول ٿئي ۽ ان جا پورهيا سڦل ٿين، ان ڪري ڳالهھ ان جذباتيت جي به ناهي ته ڪهاڻي کي ڪا گولي لڳي وئي هجي (هن درو ۾) يا ڪهاڻي مري پئي هجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سرجڻهار جي ڪلا ٿڪجي ٿي پئي يا سُست روي ضرور ٿي ڏيکاري اها ٻي ڳالھه آهي.

“جارگن” ان ڳالهھ کي چوندا آهن جنهن ۾ پڙهندڙ کي ڀلي ڀت اها ڄاڻ پوي ته هي رائيٽر آهي ڇا، سندس ڪردار جي نوڪر، فقير، الله لوڪ، درويش، سيڪس انڪلائينڊ، مين ڊاميننٽ سوسائٽي جا علمدار، فيمنزم جي درد جا آلاپ ڪندڙ آهن ته پنهنجي جارگن (ٻولي ۽ ڊڪشن مان بکن) ان ڪري تخليقن جا جارگن ۽ ڊڪشن وڏي اهميت جا حامل هجن ٿا جنهن مان رائيٽر جي ڪرافٽ جي ڀلي ڀتِ خبر پوي ٿي يا ايگزيجريشن (وڌاءَ) به ڪڏهن ڪڏهن سونهين ٿي جڏهن رائيٽر لفظن جي هڻ کڻ لائي ڏئي مثال ياسمين جي هڪ ڪهاڻي “ڪي خواب اڌورا” ۾ ڪردارن کان جيڪو ڳالهارائي ٿي يا جيڪي منظرڪشيون ڪري ٿي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪردار پڙهندڙ جي اڳيان ڪنهن ڪينواس تي رقص ڪندا هجن، ياسمين ايگزيجريشن (وڌاءَ) ۾ هڪ ماهر رائيٽر پڻ آهي جيئن هي ڊائيلاگ ان ايگزيجريشن واري ڳالهھ تحت رکون ته “ھن ٽيبل جي دراز مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي لائيٽر سان سگريٽ دکايو ڪش مٿان ڪش لڳائيندو رهيو ۽ ٽيبل تي رکيل ايشٽري کي پاڻ طرف اڳتي ڪندي ان ۾ دکيل سگريٽ جو حصو ڇنڊي ان کي غور سان ڏسڻ لڳو، ائين محسوس ٿيس ڄڻ ھن جي اندر جو احساس ھجي جيڪو سگريٽ جيان دکي ايشٽري جي نظر ٿيندو ھجي” يا هڪ ٻيو ڊائيلاگ اٿس جيڪو “نياڻي” ڪهاڻيءَ مان کڻون ٿا “پرھه اڃان ڪونه ڦٽي ھئي، پر تارا اڳواٽ ئي سج جي روشنيءَ کان پاڻ بچائيندي ڄڻ لڪي رھيا ھئا زيبوءَ کي ھڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته ھو ٻئي به ته انھن تارن مثل آھن جيڪي زندگيءَ جي تپندڙ سج جي تاءَ ۾ لوڪ کان لڪندا رھندا آھن”.

ڳالھه سڄي رائيٽر جي آبزرويشن جي به آهي، ڳالھه سڄي اردگرد گهمندڙ ڦرندڙ ڪردارن جي به آهي ته ڪهاڻيڪار ان سڄي ماحول ۾ پنهنجي مشاهداتي سائنس ۾ ڪيترو وسيع آهي يا ڪهاڻيڪار جي ڏات جو “ميگنيفاير” ڪيئن ڪم ٿو ڪري ۽ ڪيترو پختو مشاهدو اٿس، جو رائيٽر جڏهن ڪنهن محبت، نفرت، شدت، بغاوت ۽ جارحيت جي ڳالھ ٿو ڪري ته تڏهن هو ان وارتا کي پاڻ ڪيئن ٿو پَسي، يا ڪنسٽرڪٽوزم يا ماحول جي گھڙت ۾ هوءَ ڪهاڻي جون پنهنجون ميٽافزڪس (جنهن ۾ ڪهاڻي پاڻ هرتو ڪو نمونو يا ڪائنات ٿي ٿي لهي جنهن ۾ پلاٽنگ ۽ ڪردارن جي فڪسيشن به هڪ فن ۽ فڪري بالاتريون بخشي لهي ٿيون پون) تيئن ئي ياسمين جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن جو باڪمال هجڻ به سندس بولڊ ڪيريڪٽرائيزيشن، ڊائيلاگ ڊليوري ۽ بيباڪ مقالن کي انفرادي قوت ٿو بخشي، ياسمين جي ڪردارن جي اڻت ان ڳالهھ جو به ثبوت آهي ته هوءَ ڪردارن کي جيئن جو تيئن پيش ٿي ڪري ۽ پنهنجي فني ۽ فڪري انداز سان انهن کي هڪ مخصوص گھاڙيٽي ۾ فٽ ۽ فڪس ڪري ٿي رکي، ان ڪري ڪهاڻيءَ کي ترڪيبن، استعارن، علامتن، مُشبھ، تشبيھه ۽ شَبيهن جي فريمنگ ٿي ڪري ۽ ڪهاڻيءَ جي اهڙي پيشڪش ۽ پريزنٽيشن ٿي ڪري جو پڙهندڙ محظوظ ٿو ٿئي.

ياسمين جا ڪردار ٽائيم ۽ اسپيس جا پابند آهن کيس کي ان ڳالھ جو ڀرپور ادراڪ آهي ته ڳوٺاڻي پيش منظر ۾ ڪردارن جي نيٽورڪ کي ڪيئن اڻجي يا شهري ماحول ۾ ڪردارن جا پيرا ڪيئن کڻجن جو ڪهاڻي پنهنجي منطقي لاڙن کي ڇهي ۽ ڪردار ان ڪهاڻيءَ کي انفراديت ۽ جلا بخشي جو ڪهاڻي سبق آموز ٿي پئي ۽ عالمگيريت وارو پيغام کڻي لهي، پر ساڳي جاءِ تي سرجڻهار سدائين ۽ هر دور ۾ ان ڳالھ جو خواهان رهندو آيو آهي ته سندس تخليق تي شارح تجريدي نموني ۽ سهڻي ڪرافٽنگ سان معنوي ۽ تفهيمي بند ٻڌي ۽ سمجهاڻيون ارپي جو پڙهندڙ يا نه پڙهندڙ به اها ڳالھ ٻڌي ان ڪهاڻيڪار جي ڪتاب کي وري وري اٿلائي اٿلائي پڙهي ڇو ته تخليقڪار جي سونهن، سوڀيا، اٽريڪشن ۽ انٽيليجنس ان جي تخليق ئي هوندي آهي جنهن تي ويهي ڳالهائجي ۽ ان جي ڪرادرن تي ويهي ڊگها ڊگها تبصرا ڪجن ڇو ته اصل ۾ سرجڻهار ان ڳالھه جو حقدار هجي ٿو ته ان جي تخليقن جي اپٽار ڪجي، يا رائيٽر ان ڳالھه جو مدعي هجي ٿو ته ان جي تخليق ماڊرنزم (جديديت) ۾ پائنده رهي يا جنهن به حال پٽاندر اهي تخليقون لکيون وڃن ٿيون ته اهي پوسٽ ماڊرنزم (ايندڙ جدت) ۾ ڪيتريون پائيدار هونديون، يا ميٽافزڪس (معني فطري شين جي مجموعي حالتن کي ذهن ۾ رکي) سرجڻهار اهي ڪرافٽ ۽ ڪاريگريون ڪيئن ٿو سرجي، ان ڪري ڳالھه اها به مقدم هجي ٿي ته ڪهاڻيڪار ان ڳالھه جي پڪ ڪري ته هن جون ڪهاڻيون ڪيتريون جيئريون رهي سگهنديون ۽ ان جي چيل ڳالهھ ڪيتري حد تائين ادبي پنڌ ڪري سگهندي يا پڙهندڙ ان کي ريئلزم يا ڪسنٽڪٽوزم (جنهن ۾ اهي ڳالهيون معاشري ۾ فٽ ۽ فڪس ڪري سگهجن) ان ڪري ياسمين جي ڪهاڻين جي لاءِ اها دعوي انتها درجي پختي هوندي ته هوءَ ڪهاڻيون ڀليون ٿي سرجي جنهن ۾ هن جي ڪهاڻي جا ڪردار پوسٽ مارڊرنزم (ايندڙ جدت) ۾ فٽ ڪري سگهجن ۽ ياسمين جي تخليقن جو رَدُ ممڪن نه هجي.

ياسمين وٽ شين جي happenings ۽ ان ڏات تحت جيڪا phenomenology جي سمجھه پيدا ٿئي ٿي سا اعليٰ پائي جي آهي، ياسمين وٽ فيمنزم جي پڪار ڏاڍي اعليٰ صفت جي آهي، ڇو ته ياسمين هر گونگي عورت جي درد جو آلاپ بڻجي اڀري ٿي، ياسمين جي هر ڪهاڻي سيڪسزم کان مٿي ٿي فيمنزم جي پهرين لهَرَ جي ڀڙڪ بڻجي ٿي اڀري ته عورت رڳو ٻارن پيدا ڪرڻ جو آلو سا سانچو يا ڊائي ناهي پر هن وٽ به اهي احساس ڄمن ٿا جيئن مين ڊاميننٽ سوسائٽي ۾ هر فرد وٽ هجن ٿا يا ٻُرن ٿا، يا جيڪا عورت معاشري اندر مفعول آهي يا مظلوميت جو شڪار رهندي ٿي اچي ته ياسمين جا ڪردار ان عورت جا وڪيل بڻجي ٿا لهن، ڪهاڻي “سائيڪل وارو” ياسمين جي هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جو پڙهڻ دوران ڪهاڻيءَ جي ٻولي، رواني، تشبيهون، ڪردارنگاري، منظرڪشيون ۽ پلاٽنگ جي اڻت ايڏي معتبر لڳندي، جو ٻهراڙيءَ جون منظرنگاريون، ڳوٺاڻيون ٻوليون “جيئن وارن ۾ سِيرَ ڏيڻ ۽ جوئون ڪڍڻ” ان ڪري ياسمين جي مشاهدي کي شاباس آهي جو هو اهي منظر من ۾ سانڍي، اهي ڪهاڻيون اهڙي ترتيب سان ٺاهي جوڙي پيش ٿي ڪري جو پڙهندڙ دنگ رهجي وڃي، ساڳي ريت ياسمين هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو درد، بيوسي، لاچاري، باغي پڻو ۽ گونگي غيرت ڏيکاري آهي جيڪا پنهنجو درد ڪنهن سان اظهاري نه ٿي سگهي هوءَ جس لهڻي ۽ انعام جي حقدار آهي ته هو اهڙي بي باڪي سان ڪردارنگاري ٿي ڪري ۽ اهڙي پوشيده فقري بازي ٿي ڪري جو پڙهندڙ سندس ڊڪشن ۽ بولڊنيس جو قائل ٿي وڃي، ان ڪري هن سهڻي، سيبتي ۽ باغي ليکڪا مان اها اميد آهي ته هن پنهنجي اهڙي ڪهاڻيءَ واري ڪاريگريءَ ۽ نظماڻي رڌم سان جيڪي ڪتاب خلقيا آهن انهن جهڙا ٻيا ڪتاب اڃان به ڏيندي رهندي ته جيئن جينڊر ڊسڪرمنيشن واري تقابلي ميدان ۾ هوءَ پاڻ مڃائي سگهي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڪتاب “ڀانڊارو” تي هڪ نظر

جاويد پنھور

دنيا جي تاريخ جا ورق ورائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انسان جي وحشي جيوت مان مهذب پڻي تائين اوسر ماءُ جي ھنج کان ٿي آھي. ٿورو غور ڪجي ته اوائلي مرحلن ۾ مرد کي عقلي طور مُهذپڻي وارو دڳ عورت ئي ڏسيو. مرد جو گھڻو تڻو وقت شڪار ۽ ٻين سرگرمين ۾ گذرندو ھو ۽ اھا عورت ھئي، جنھن جي تخليقي ذھن زراعت جو وجود وڌو. جنھن کان پوءِ انسان کائڻ ۽ پھرڻ جي معاملي ۾ مھذب بڻيو ۽ اتان هڪ نئين مرحلي جي شروعات ٿي.

عورت نسلن جي مُستقبل جو تعين ڪندي آهي. هڪ عورت جي شعوري جاڳرتا ۽ آزاديءَ ۾ پوري قوم جو ڇوٽڪارو هوندو آهي، نسلن جي شعوري ارتقا جنهن جي شروعات هڪ عورت کان ئي ٿيندي آهي. عورت کي سماجي رشتن ۽ زرخيز سرگرمين کان روڪي چار ديواريءَ ۾ قيد ڪرڻ يعني ايندڙ زندگين جي شعور تي زنجير وجهڻ آهي.

آئون گهڻو ڪري ڪهاڻيون گهٽ ئي پَڙهندو آهيان، پر مُنهنجي مطالعي هيٺ ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جو ڪتاب “ڀانڊارو” آهي. سندس ڪهاڻيون حقيقت نگاريءَ تي آڌاريل آهن. ياسمين چانڊيو پنهنجي تخليق ۾ جن موضوعن کي وائکو ڪيو آهي، گهڻو تڻو انهن جو تعلق ماضي جي حالتن سان ٺهڪي بيهي ٿو پر ايئن به ناهي ته انهن جي اهميت ناهي، جيئن انھن ۾ اڻپوريون محبتون، جهالت جي دريائن ۾ لڙهندڙ سڳن رشتن جا لاش، جيڪي ڪُڌين ريتن ۽ رسمن جي باهه ۾ پڻ سڙي رک ٿي ويا. اڻ برابري واريون شاديون، مردن جون ارڏايون، بي پرواهيون، محبت ۽ مذهب ۾ هٿ ٺوڪيون ڳالھيون ۽ انھن جي صحيح هجڻ تي نهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ، اهي سمورا موضوع ڪتاب ۾ ڪهاڻين جي صورت ۾ پيش ڪيا ويا آهن.

ليکڪه جي هڪ سگهاري ڳالهه اها ٿي ڀانئجي ته هن وٽ موضوعن جي کوٽ ناهي، لکڻ جو ڏانءُ ۽ ڪهاڻي لکڻ جون فني خوبيون سندس ڪلا ۾ موجود آهن. هوءَ ڪردارن جي وڪيل ناهي بڻي، جو هڪ جنس جي حمايت ڪري ۽ مهر لڳائي ڇڏي. جتي هُن عورت کي ڪنزور ڏسيو آهي ته اتي مرد جا اهڙا رخ بيان ڪيا آهن جن ۾ هو مظلوم ئي رهيو آهي.

هڪ سُٺي ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟ ان سَوال جو جَواب مون وٽ ناهي، يا آئون ڏيڻ نٿو چاهيان. حقيقت اها آهي ته رُڳو لکڻ سان ماڻهو اديب يا ڪهاڻيڪار نٿو بڻجي وڃي، لکڻ لاءِ هڪ سگهارو پلاٽ، ڪردار نگاريءَ کي منظر نگاريءَ وسيلي پيش ڪري پڙهندڙ کي حقيقت جو احساس ڏيارڻ، واقعن ۽ وارداتن کي فني مهارت سان اڳتي وڌائي هڪ سڌي تسلسل ۾ منزل تي پهچائڻ سان ئي هڪ جاندار تخليق کي جنم ڏئي سگهجي ٿو.

حقيقت جو عڪس انهيءَ ۾ آهي ته سماج جي مختلف رازن، ريتن، رسمن، رواجن، لاڙن ۽ رخن کي ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ جاءِ ڏئي قلمبند ڪيو ويندو آهي، ۽ انسان جي انهن بدلجندڙ روين ڪردارن، احساسن، هلت چلت ۽ سوچن کي پنهنجي لکڻ جي ڪلا بخشي اُنهن کي لکڻيءَ جي روپ ۾ سماج آڏو رکڻ ئي هڪ ڪهاڻيءَ جي تخليق هوندي آهي.

جيڪڏهن سنڌي ادب کي ڏسجي ته ماضي ۾ اسان کي جن ڪهاڻيڪارن سٺيون ڪهاڻيون ڏئي سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيو، انهن ۾ امر جليل، نسيم کرل، گوبند مالهي، جمال ابڙو، رسول ميمڻ ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي نالا شامل ڪري سگهن ٿا، جن ڪهاڻيءَ جي ارتقائي مرحلي ۾ پنهنجي پورهئي ذريعي هڪ وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ليکڪه موجوده سماج ۽ ماحول جي ڪردارن جي اُپٽار ڪري سماجي بيمارين کي وائکو ڪيو آهي. هڪ لکندڙ جي اها خوبي نرالي هوندي آهي ته هو طنز ۽ مزاح ڀريل طرزِ تحرير وسيلي سماج جي هر اونچ نيچ، ظُلم جبر، پيار مُحبت ۽ انساني نفسيات کي پنهنجي ادارڪ وسيلي خاڪو جوڙي پنهنجي تخيل کي سماج اڳيان رکيو آهي. مون کي لڳي ٿو ته اهي عنصر هن ڪتاب جو جاندار پاسو آهن.

جيئن هڪ ليکڪ غيرجاندار ٿي فقط سماج کي ئي پنهنجو موضوع بنائي لکندو آهي، بنسبت ڪنهن خاص تنظيم يا ٽولي جي باري ۾ ناهي لکندو. ايئن ئي هڪ پڙهندڙ کي به بنا ڪنهن ادبي ڌڙي جو حصو ٿيندي پنهنجي اها راءِ جوڙي جيڪا هُو تخليق ۾ محسوس ڪري. هاڻي ڪجهه ڪتاب جي ڪمزور پاسن کي به بيان ڪجي.

ڇا ادبي ٻولي ۽ عام ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ ۾ ڪو فرق آهي؟ ان سان لکڻيءَ تي ڪو اثر پوي ٿو؟ جيڪڏهن هڪ ليکڪ وٽ لفظن جو بحر آهي ته هو تشبيهون، استعارا ۽ جملن جي جوڙجڪ کي هڪ نئين نويلي ڪُنوار جيان سينگاري سگهي ٿو. ايئن هرگز ناهي ته ان کان سواءِ ڪجهه لکي نٿو سگهجي پر ايئن کڻي چَئون ته ٻوليءَ ۾ مهارت هُئڻ سان لکڻيءَ کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن، جنهن سان نثر ۾ هڪ پنهنجي مٺاڻ محسوس ٿئي ٿي. وڌيڪ ان ڳالهه کي نقاد ئي وائکو ڪرڻ جي قابل آهن. ڪتاب ۾ ٻولي ڪمزور ڀانئجي ٿي. پڙهڻ وقت ڄڻ اسان عام زندگيءَ واري ٻولي پڙهي رهيا هجون، جنهن ڪري نثري پاسي جي فني کوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ ان کي ڪنهن به حوالي سان ادبي ٻولي نٿا چئي سگهون.

ڪتاب جو ٻيو ڪمزور پهلو انگريزي لفظن جو گهڻو استعمال آهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ توهان وٽ متبادل لفظ موجود آهن ته ڌاري ٻوليءَ بدران توهان کي مقامي ٻوليءَ کي ئي پنهنجي لکڻي ۾ ڪتب آڻڻ گُهرجي.

ڪتاب جا وڌيڪ ڪمزور پاسا ڪهڙا آهن، تنهن لاءِ آئون ايترو چوندس، جيئن ڪو به انسان ساڌو ناهي، ايئن ڪا به لکڻي آفاقي ناهي. ٻنهي کي سنوارڻ جي گُهرج پوندي رهي آهي. ٻنهي کي وقت سان گَڏ ماحول ۾ پاڻ کي موضوع بنائڻ لاءِ ڪافي شيون ڇڏڻيون ۽ اپنائڻيون پونديون آهن، بلڪل ايئن جيئن انسان ارتقا مان گذرندو آيو آهي ۽ ادب ۾ پڻ ديو مالائي قصن کان ويندي اڄ جي ڪهاڻي تائين جن ۾ هن وقت سماجي عڪس ۽ حقيقت چٽيل آهي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۴ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment