Sunday, November 29, 2020

درياءُ شاھ - خواجه غلام علي ”ناشاد“

درياءُ شاھ

خواجه غلام علي ”ناشاد“



”سائين، درياهه بادشاهه جي ڳالهه پري آهي!“.... ٻڍي ڌٻندي، لٺ پٽ تي رکندي ۽ وهندي وراڻيو، ”جواني ديواني آهي.... مون تي به زوري اجائي سڄو ڳنڍيو پيو هوس. هيءَ (اشاري طور) ڇاتي ٻه هٿ مس ڪرائيءَ تي ورن، بت جهڙو راڳيو پيو هوم. ڪپڙن ۾ ٺهيل، شين به شيني جتي  جنهن جو رونگٽ پري ٿي ٻڌو. ڪانچ سورهن پوتي هرک جي، جنهن ۾ اٺاڳ ڄاريءَ وارو، جنهن جا ڇيڙا، مقي ڀريل، لڙڪيا پئي. ڏوري واري وائلي جي صدري، جنهن تي به ڀرت- ٻه پڙي ٺٽي جي اجرڪ، لوڙهه پرهه کن، جنهن ۾ لوهه ڪڙيون، ناڻو ڪهڙي وڄا سان خبر ڪا خير: ڄاتم واڻئي جي ڏاڙهي اڄ هوندي صبح نه! دنيا ڇا رتيءَ ماتر ڪل ڪا نه هئم.


”رئيس جي مرياتي پيءُ جي ڀل ڀلائي هئي نرمڙس هو! پنهنجي هڪڙي جواني سانوڻ ۾، ٻيو زوري، ۽ ٽيون الله جا هٿ پر ان جا بس پير پٽ تي نه ٿي کتو. پٺ مٺ ٻئي هئا: پوءِ ته وڻ گهوڙو ٻڌڻ ڪونه ٿي ڏنم.مڙس ڏهيسر هوس: رائي گهڻي هئم، سو هڪ لڱا راڄ جي ميڙ سان ٽڪ جا پيرا کنياسين. ڳوٺ راڄ جو ڪم... مڙس جي خبر مهل تي، سو وڃي گڏيوسان. رلي، مٿا ڏيئي، نيٺ درياء جي ريٽ ۾ پيرا وڃاياسين. ڪئين سئين مال جي کرن جون چيهون، سو پتو ڪونه پيو. پر پيري سڄاڻ: کرشين مان سهي ڪئين ته ٽياڻ پراڙ اکتي! پور ڀرجي ويو هو سو هاسيڪار ترسڻو پيو. مير بحر مڙس ماڻهو هئا، وري جو خبرون ٻڌئون سو ساهه پئي ڇڏئون. چي: ’آنجيون لتون اسانجون اکيون... مرٽڪو!‘ ويچارا تڏا کڻي آيا، ماني کائي، ڀاڳيو، آءٌ ۽ پيري ترسياسين، ٻين کي ڏنيسين مٺ: ميان! وڃي ڳوٺ ڀيڙا ٿيو... آئين ڇٽا! همراهن ته تنگ پئي ڇنايا، سي ڀيڙي رهيا، گرڙي به وڃي ڳوٺ ڇڏئون. چار پهر ترسياسين. ساجهر اٿي، ڇاندو ڪيوسين. پتڻ سنبهيو بيٺو هو؛ موڪلائي چوڪلائي رڙهياسين. ڀلا درياه شاه! ڪوهن ۾ لانڍ هئيس... پور سانوڻ... وٺيو جو ڪنهن ڀٽ کي ڦيرو ڪڍي، ڌو... اندر... شپڪو ٿي پيو. گهاتو پئي پهريا، تک ٽڪڻ نه ڏين، پر به واهه جا وارا پئي ڪڍيئون. ڪي ماٽين مٿي ۽ ڪي سيڻاهون ڦوڪيو پئي ٽليا. سوئي ڏانهن نرت ٿي پئي ته ڳچ جيترا پلا هڪ هڪڙي ڀيڙا ڪيا. روز الستي هو پر به وس وڏائي پئي ڪيئون. لهرن لوڙي ڇڏيا هئا، پر ڪرت جا ٿي! پئي زور ڏنئون. ڀاڳ مان ڪنهن جي ريس ڪانهي. ڪي ڀلا ته ڪي ٺلها. ڇڏيندو ڪنهن کي به ڪونه، اهڙو ٻاجهن ڀريو اهي پر به حيلو واجبي آهي حيلو ڪبو تڏهن وسيلو ٿيندو. گهيڙا به گهڻيئي هئا. ڪي مال ٽڪون ورايو پئي آيا، ته ڪي مون ڪنڌيءَ پئي ويا. سج ڪني ڪڍي، سندس سوجهري ۾ مڇين جا ڇلر چانديءَ وانگر پئي چلڪيا. روح پئي ريلا ڏنا ته من ڪا ور چڙهي پر، هلندي ٻيڙي، جنهن ۾ نڪا لڳي ڍٻي، نڪو سوئو بس رنگ پئي ڏٺوسين. اتي، وٺي جا ڌم ڏئي ته مڪڙي اُڀ چڙهي اچي سٽڪو ڪيو! الائي ڪي ذريتيون آهنس بس هيڏي ساري ٻيڙي ڪنڀار جي چڪ وانگر پي ڦري! سڪڙ سڪي وياسين: ٻيڙتا، تن وٺ پڪڙلائي ڏني. ڪي ڏس ته سنوان سڙهه لاڄن تان پيا ڍارين، ته ڪي ونجهه پيا سرهين: بس راڙو ڪاڙ لڳي ويئي! هر ڪنهن کي اچي سر سان لڳي. چيئون ته ’ڪن شاهوڙ آهي الله ڍڪ ڪري، نه ته ليکي لل ڪونهي، پير کڻي مٿي تي رکياسين، ڪو ڳنڍ پيو ٻڌي، ته ڪو پڙ پيو باسي: بس سائين، سر جي بلا سرسين هر ڪو پاڻ ليکي هو. مڙس هارجي ويا. سمجهيوسين چوڻا پورا ٿي آيا. پر اڃا ڪي ڪڻا آڏا هئا. ڇوليءَ ڌمي ٻاهر ڪڍيوسين. لک شڪرانا ان مالڪ جا جو ڪوٽ ٿيو، نه ته ڳالهه پري هئي. جان کڻي نهار ڪريون ته جيئن کٽي ڪن کي لٺ هڻي ڇڏي هجي، تيئن چڪري پي پيئي. ڌڻيءَ پناهه ڏني، نه ته رقم اڳت هئي. ڏوئلو ۽ ٽوٻر وارو ٻڌيو بيٺا هئا پوپري مس ڪنڌ ڪڍي ته چونب ۾ ڪرٽو پئي پين!

”پرين ڀر کي باقي اچي ڇڏيوسين. پريان ڪاٺ ڪٽو وڻ کي لڳو پيو هو. وڻ آن جان تي هو: درياء جي ريٽ تي، اڄ نه ڪري سڀان ڪري. وستا... وستا ڪنڌيءَ لڳاسين. آڙون ڏيئي پيرا ڪڍياسين. ذات کوٻلا سنئين نه ڏين: وٺي ها ها ڪئيسين. آچي آچي تي مس کرءَ تي وريا. ڏيتو ڪيئون. ٻئي جمعي تي ڪاهڻ جو ڇيئون ورياسين ڪم سولو ٿيو. پر اتي اچي اڳيون وچيون ٿيون... پتڻ خير ڪو هو: اچي جهوري لڳيسين. پريان مال ڏٺوسين ڳچ جهڙو هو: همراهه ذات جو شودو هو. چئين، سيڻاهون ساڻ آهن. مال ۾ واهرو ٿيو ته ٻنهي سنئين ٿئي الله توهار ڪري ڪپڙا ٻڌي مولهائو ڪري، ’سيڻاهون ڦُڪي، ٽپي پياسين. ڀٽارين جي پڇن ۾ کڻي هٿ وڌاسين. گوگٽ پوندو ويو. سير ڇڏي، اڃا مس اوراڙ ٽرڪياسين، ته همراهه پيريءَ رڙ ڪئي ’گهوڙا بلا ٿي نئيم‘. سمجهوسين ڪوريءَ ۾ واڳوءَ ڌاران ٻي ڪهڙي بلا وڙهندي! جهٽ بلاتو هوس. گهيڙو مال وارو ايمان وارو هو. جهٽ هيٺان مٿوڏئي واڳوءَ کي اڇ تي آندئين. مڙسيءَ جي مهل هئي. ايمان مزمان آهي. مون به هٿ ڦُڪي اچي وارو لاٿس. ڪهاڙين سان پوت ڪري ڇڏيوسينس. وٺ وٺ ۾ درياهه جي تک وٺي جا ڦيرو ڪڍي، ته ڌو.... سير ۾. همراهه ساڻو ٿي ويو هو.... الائي ڪي رت ڇڏئين. واڳو به ٽلندو پي ويو! ڌونڌاڙي، ڌونڌاڙي مڙس سرت ۾ آندوسين... ’متا دل لوڙي اٿيئي.... مڙس ٿي اچي رسيا آهيون!‘ ڪلها ڏيئي ترڻ لڳاسين. ڦيري ۾ ڪوري ڇڏي وڃي ڇيل ۾ پياسين. جهاڳ... جهاڳان... جهاڳ... جهاڳان... مس اُکتاسين. پريان سيسار سير ۾ اڀو هو... وٺيو جو پلي کي ڏي اڇل ته جهڙو ٻار پيو ڏڙو اڇلي ڌو... وات ۾. ڇلر هوا ۾ سوسٽ ڪندا ڏندن جي پاسن کان سڌو لڙ ۾.... سائينءَ جا رنگ... واهه جو منڊل هو. ههڙو درياء شاهه دادلو، پر وچ سير ۾ سنئين ڳاٽ سيسار کي رتي ماتر به نه ٿي چوري سگهيو. جهڙو بنڊ کتو پيو هو. ٻلڻين جي ٽٻ ٽٻان رڳو اٿل ۾ پڇ ٿي ڏٺو، ٻيو سارو خير. ڀونتري جي تک ڏٺي ته ٻلڻ ٻي ڪانهي. ڪميون ڪڇان پئي اورئون پرئون ٿيا گانگٽن کي گاڙيو ويٺا هئا. سيانتن جي چمٽا حجامن مٿا پئي هليا.. اڃا اڇ تي ويهي مس، ته چمٺي ۾ لوهه لڳو پيو هو!

”سڄ منجهه ٻاهر هو، ته اچي ڪوريءَ تي رسياسين. ريتيءَ ۾ پڪل پلا ڍوئي کاڌاسين. همراهه کي رڳو کير چڪو ڏنوسين. رت بند ٿي ويو هوس. ڏاڍي اجرڪ ڇڪي کڻي ٻڌيسينس. هاڻي بود ۾ هو. ٿڪ ڪري جهٽ کونگهرا هڻڻ لڳو. اسين به اک ٻوڙڻ لاءِ ليٽي پياسين. پر مال وارو خبردار هو. ڍڪيءَ جو اٿي هنياسين. جتيءَ کي ٽي ڌڪ، همراهه مال وارو ٻيلي جي منهن وٽ ڇڄي ويو. اسان کڻي پهو ورتو، چَتونءَ جي تنوار، ڪار ڪنڇي جي جهونگار، تڌڙي هير، ڊڪ ڊوڙ ڊمڀ، ڊڪ ڊوڙ ڊمڀ، ٿڌل جو پنڌ، ڄاڻ رسياسين. وڇات وکروانو کڻيو مياڻين ڏانهن پئي ويا، ته ڪي گهوڙا پلن جا ڀريو، ڪي ٽنگر مٿن تي کڻيو پئي موٽيا. سڄ مس ڪني ڪڍي ته اچي پهتاسين. سڌو رئيس جي سلام تي وياسون. خبرون ڏنيونسينس. خوش ٿيو جو منهن مٿي ڪري آيا هئاسينس. سائين، هوندي تي حرص آهي! اڄ ڏيل پيو ڏڪي، بت پيو رڦي، پهچ موڪلائي وئي، قبر ڪنڌيءَ تي، اڄ نه ته سڀان- الائي موت ڪڏهن نهوڙي نيندو! جواني ۾ ڪئين سئين ڀيرا درياءَ اکتاسين. هاڻي الله شال هيءَ دنيا روپي درياءُ لڄ پت سان اڪاري. ڀاڳ وارا آهيو: دعا ڪريو ته سڪرات سولي ٿئيم. شال مسلمان ڪري ماريم!“

اسان وراڻيس؛ ”پريا مڙس، ڌڻي شل مڙني تي مهر ڪري، نه ته آهي ڀري ڳري ۽ پنڌ اڻانگو!“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

 


No comments:

Post a Comment