درياءُ شاھ
خواجه غلام علي ”ناشاد“
”سائين، درياهه بادشاهه جي ڳالهه پري آهي!“.... ٻڍي ڌٻندي،
لٺ پٽ تي رکندي ۽ وهندي وراڻيو، ”جواني ديواني آهي.... مون تي به زوري اجائي سڄو
ڳنڍيو پيو هوس. هيءَ (اشاري طور) ڇاتي ٻه هٿ مس ڪرائيءَ تي ورن، بت جهڙو راڳيو پيو
هوم. ڪپڙن ۾ ٺهيل، شين به شيني جتي جنهن
جو رونگٽ پري ٿي ٻڌو. ڪانچ سورهن پوتي هرک جي، جنهن ۾ اٺاڳ ڄاريءَ وارو، جنهن جا
ڇيڙا، مقي ڀريل، لڙڪيا پئي. ڏوري واري وائلي جي صدري، جنهن تي به ڀرت- ٻه پڙي ٺٽي
جي اجرڪ، لوڙهه پرهه کن، جنهن ۾ لوهه ڪڙيون، ناڻو ڪهڙي وڄا سان خبر ڪا خير: ڄاتم
واڻئي جي ڏاڙهي اڄ هوندي صبح نه! دنيا ڇا رتيءَ ماتر ڪل ڪا نه هئم.
