Saturday, November 28, 2020

بدلو - ڊاڪٽر غلام حسين جعفري

بدلو

ڊاڪٽر غلام حسين جعفري



لاکن ۾ ڪليڪٽر صاحب جي منزل هجي. ڳوٺ ۾ بٺ بيگر جي ذل لڳي پيئي هئي، ڪڙمي، ڪاسبي، واٽهڙو جيڪو ٿي ڪمدار جمعي خان کي هٿ آيو، سو سوگهو. ڪنهن جي مجال جو کڻي آڱر کڻي! بدقسمتيءَ سان، لطيف به اڄ پنهنجي ننڍڙي لاءِ، پساريءَ کان ڪجهه دوائن وٺڻ خاطر، اتي اچي نڪتو هو، اڃا پسار وٺي دڪيءَ تان پير هيٺ مس رکيائين، ته مٿان جمعي خان اچي هٿ پڪڙيس، چي: ”ابا هل.“


”ڪمدار، ڪيڏي؟“

”ڪيڏي پوءِ پڇ، اول سڌو ٿي هل.“

”سڌو ڪيئن؟ ڪمدار صاحب، مون کي ڇڏ، منهنجو ننڍڙو بي مزي آهي. ويچارو ٽن ڏينهن کان تپ ۽ پاسي جي سور کان پيو آهي. آءٌ آيو آهيان سندس دوائن لاءِ. هي پڙيون ڏس! جمعا خان، مون تي ٿورو ڪر!“

”اشراف جا پٽ! آءٌ اهي عذر ڪو نه ٻڌندس، ڪو نه. هيڏانهن ٿي هل.“

”پر جمعا خان...“

”پر وري ڇا جي؟ هل هيڏانهن سڌو ٿي.“

”آءٌ ٿو چوان ته مان لاچار آهيان. هروڀرو ظلم آهي ڇا؟ ڀلا، نٿو هلان.“

اتي جمعي خان کي البت جوش چڙهي ويو. ورائيندي لڪڻ، هڪڙو، ٻيو، اڃا ٽيون کنيائين ڪين، ته لطيف لڪڻ مان کڻي جهليس. اکيون ڏسوس ته ڳاڙهيون جهڙيون رت، ماڻهو ڦري آيا، ۽ ائين پئي ڏٺو، ته اجهو ٿو قصو وڌي. مگر نه، لطيف غم کائي، پٽڪو ٻڌوندو، اڳيانئس ٿي هليو. ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ويا. تو، مون، هن ۽ هن جي وات، اها وائي هئي، ته اڄ لطيف جو خير ڪونهي.

ساڳئي ڏينهن شام جو، لطيف کي ڪنواٺي ڪلهي تي، کوهه تان پاڻي ڀري، بنگلي ڏي پئي ويو. سندس ڪنڌ هيٺ، ۽ خيال ڪجهه پريشان هئا. وري وري پنهنجي ٻچڙي جي نازڪ حالت جو نقشو آڏو آڻي، ٿڌا ساهه پئي ڀريائين، هڪ طرف اهو اونو ته انهيءَ وچ ۾ الائي ڇا ٿي گذريو هوندو، ته ٻئي طرف اها ڳڻتي ته هتان الائي ڪڏهن ٿي جند ڇٽيم.

ساري ڏينهن جي بک ته يار کي ياد به ڪانه هئي، جڏهن بنگلي کي ويجهو پهتو، تڏهن جان کڻي ڏسي، ته پريان جمعو خان به پيو اچي. هيڪر ته ساري جان ڪانڊارجي ويس، پر وري زمين ڏانهن نهاري غم کائي، اڳتي وڌيو ۽ خيال ڪرڻ لڳو، ته جي منٿ ميڙ سان ڪم نڪري، ته جيڪر وڃي ٻچڙي ڀيڙو ٿيان، نه ته ٻيو رستو ته جند ڇڏائڻ جو ڏسجيئي ڪونه ٿو. ڏاڍن سان شوخي ڪرڻ، ٿيندو وڌيڪ وير وِهائڻ. آءٌ غريب ڇا ڪري سگهندس! جمعو خان به ويجهو پهتو، ۽ لطيف ڪجهه چوڻ تي هوس، ته ڪمدار ڌمڪيءَ سان چيس ”تکو ٿي، تکو ٿي! ڍڪريلن وانگر ٿو هلين. اڃا آهي مغز ۾ واءُ ڇا؟“ لطيف ڪجهه نه ڪڇيو. صبر ڪري، ڪجهه تکو ٿيو.

سج لهڻ کي پهتو هو، پکي واهيري تي، ۽ مال پنهنجي وٿاڻن تي وري رهيا هئا. ڪڙمي ڪاسبي پنهنجي ڪمن کان فارغ ٿي، واپس گهرن ڏانهن اچي رهيا هئا. سياري جي موسم هئي. سيءُ به البت زياده پئي پيو. آس پاس باهيون ٻري چڪيون هيون، ۽ چلهه جي چوڌاري گهر گهر ۾ چڱو چهچٽو لڳو پيو هو. اهڙي وقت، زينب پنهنجيءَ جهوپڙيءَ ۾ پٽ جي سيرانديءَ کان ويڳاڻي ٿي ويٺي هئي. سندس اکيون پٽ ۾، ۽ سندس خيال، پنهنجي خاوند جي ايتريءَ دير سبب، البته پريشان هئا. ”ايتري دير! سوئي وري پٽ جي ههڙي حالت هوندي! يا خدا! هيءُ منهنجي اکين جو ڏيو، ۽ هو منهنجي حياتيءَ جي ٽيڪ، ٻنهي کي شل رکي ڏينم! زياده ڪجهه نه ٿي گهران. آخر تون ئي اسان غريبن جو آڌار آهين.“ ائين چوندي اکين مان لڙڪ وهي اٿي هليس. پٽ جي پيشاني چمي، رئي سان اکيون اگهڻ لڳي.

منهن اونداهي اچي ٿي هئي. لطيف به ڏٺو ته موڪل اونهنئين ڪانه ملندي، ۽ پوئتي الاجي ڇا ٿيو هجي، سو جمعي خان جا پادر سر تي سهائي، گهوڙن جو داڻو طنبيلي ۾ رکي، رسي ڪترائي نڪتو. اڌ ڪلاڪ به ڪين گذريو، ته اچي گهر پهتو. پنهنجي زال کي ڳوڙها اُگهندو ڏسي، دل ڀرجي آيس، مگر آخر مرد هو. پٽڙي ڏانهن نهاري، زال کي چيائين، ”شانوءَ ماءُ، جلد هيءُ ڪاڙهو تيار ڪري وٺ، ٻچي کي ڏاڍي تڪليف ٿي هوندي.“

پاڻ پٽ کي ”بابو بابو“ ڪندي پيشانيءَ تي هٿ رکي، سندس لڱ ڏسندي، مٿن کان ويهي رهيو، ۽ ڪنهن اونهي خيال ۾ پئجي ويو.

ٻئي ڏينهن صبح جو، سج چڙهي سنئون مس ٿيو ته در تي سڏ ٿيو.

”لطيف، او لطيف!“

”ادا، ڪهڙو“

”مائي، لطيف آهي؟“

”ادا، هائو ڇو؟ اندر اچ.“

”نه، مائي، ٻاهر ته موڪلينس.“

لطيف سمجهي ويو ته سڏ خير جو ڪونهي، معلوم ٿيس ته خان گهرايو آهي. هيڪر ته خيال آيس ته جيڪر رمضان کي وٺي، پنهنجي گهر جي ساري روئداد ڏيکاري. مگر پڪ هيس ته خان، ڪرڙو زميندار آهي. هن کي سندس مجبورين جي ڪهڙي پَرِ! هو ڳالهه ٻڌندوئي ڪونه. سو زال کي ٻه لفظ دلداريءَ جا چوندو، رمضان سان گڏ روانو ٿيو.

لاکن جي اوڀر پاسي، چاڪر خان جي اوطاقت هئي، اس جي تڙڪي تي، خان پاڻ ۽ ٻيا ڪيترا آس پاس جا زميندار ۽ ڪڙمي ويٺا هئا. ڪليڪٽر صاحب جي شڪار جون ڳالهيون پئي هليون، ۽ خان جا ٽهڪ چڱي پنڌ پئي ٻڌا. اتي رمضان به لطيف سميت، اچي سلام ورايو. خان جي جيئن لطيف تي نظر پئي، تيئن اٿي کڙو ٿيو. سندس پٽڪو لاهيندي، وارن کان وٺي، دسي، مٿان چڙهي ويس.

پوءِ ته لطيف ويچارو بيهوش ٿي، پٿجي رهيو. خان بدشد ڳالهائيندو، چلم کي وڃي لڳو ماڻهن، لطيف کي کڻي پاسيرو ڪري، هڪ ڇنل کٽولي تي سمهاريو، ۽ ڏينهن لڙئي ڌاري، هڪ گاڏيءَ تي کڻائي، کيس وڃي گهر لاهي آيا.

هن واقعي کي گذرئي هڪ سال ٿيو آهي. لطيف، اڄ ٽن ٻين ساٿين سميت، پوليس جي پهري هيٺ نظربند، لاڙڪاڻي جي اسٽيشن تي ويٺو آهي. چيو وڃي ٿو ته کيس خان بدمعاشي ۾ ڏياري، ٻن سالن جي سخت پورهئي جي سزا ڏياري آهي. ۽ هو اڄ سکر جيل ڏانهن موڪليو پيو وڃي. ٿورو پرڀرو، زينب پنهنجي پٽ شانوءَ سميت وڻ جي ڇانو هيٺ، نهايت مغموم ويٺي آهي. شانو، پٿرين جون مٺيون ڀري، ماءُ جي جهوليءَ ۾ وجهي رهيو آهي، ۽ ڪڏهن پيءُ ڏانهن اشارا ڪري، ماءُ کي ڏانهس هلڻ لاءِ هٿن سان ڇڪيو پيو ڇڪي. گاڏيءَ جي گهنٽي وڳي، لطيف، منهن ورائي، زال ڏانهن نهاريو. ايندڙ وڇوڙي جو نقشو سندس اڳيان تري آيو. اکيون کڻي بند ڪيائين. زينب جي اکين مان پڻ لڙڪ وهي هليا. پنهنجي پٽڙي کي ڇاتيءَ سان لائي، سندس پيشاني چمي، اکيون مٿي ڪري چيائين، ”اي ڏکين جا ڏاتار، اسان کي هنن ڏکن لاءِ ڇو پيدا ڪيئي! اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو! ڪٿي آهي تنهنجو انصاف! گاڏي پڻ اچي سهڙي. لطيف ۽ سندس ساٿين کي چاڙهي کڻي اندر ويهاريائون. زينب، پٽ کي گود ۾ کڻي ڏانهس ڏسندي رهي گاڏي ڇٽي. لطيف، پنهنجي ڏک ڀريل اکين سان نهاريندو رهيو. گهڙيءَ ۾ گاڏي نظر کان غائب ٿي، مگر زينب ڪجهه مدت تائين اتي ئي بيٺي رهي!

زينب کي هاڻي گهر ڄڻ کائڻ پيو اچي. سندس دل، گهڻو ڪري، اداس هئي. پهرن جا پهر، پورن ۾ غرق ٿي ويندي هئي. مطلب ته ڪجهه عجب پريشاني مٿس غالب هئي. جلدئي سندس ڀاءُ آيو، ۽ کيس پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو. مگر زينب اتي به ڪو گهڻا ڏينهن گهاري نه سگهي.

ڀاءُ کان واپس گهر ورڻ جي موڪل گهريائين، ۽ اچي پنهنجي ڪکن ڀيڙي ٿي آهستي آهستي سندس گهر جي ڪم ڪار ۾ دل پرڀڻ لڳي، ۽ اوڙي پاڙي وارين جي سنگ ۾ پنهنجي غم جو وقت ڪاٽيندي رهي، ساري ڏينهن جي پورهئي کان پوءِ، جڏهن کٽولي تي ليٽندي هئي، تڏهن جيڪي سو دنيا جا سڀ سور، نئين سر سندس سامهون ايندا هئا. مگر ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آڻيندي هئي. پنهنجي خاوند جي ياد ۾ خيال پچائيندي پچائيندي، اک لڳي ويندي هيس ۽ ڪجهه ننڊ ڪري وٺندي هئي.

لطيف کي اڄ واپس ڳوٺ آئي، ڳپل ڏينهن ٿيا. منهن ۾ البت لٿل، ۽ بت ۾ گهڻو هٽيل، پئي لڳو. گهر کان ٻاهر نڪرندي ٿورو شرم پئي آيس. گهڻو ڪري خيالن ۾ غلطان نظر ايندو هو. هڪ رات اوچتو پنهنجي زال کي سڏي، ڀر ۾ ويهاري، ڪجهه ڀڳل لفظن ۾ چيائين، ”شانوءَ ماءُ، اڄ منهنجي جان ۾ بي آرامي آهي.“ جوڻس ڊڄي چيو، ”آخر ڇا آهي؟“.

ٻيو ڪجهه به نه. ٻڌ! آءٌ فيصلو ڪري چڪو آهيان. پنهنجي ٻچڙي جي محبت، ۽ تنهنجي پيار، مون کي گهڻو روڪيو، مگر آءٌ وس کان ٻاهر آهيان. مون کان اهو سٺو نٿو ٿئي. آءٌ ڪين رهندس. آءٌ اڄ اوهان کي مالڪ جي حوالي ٿو ڪريان! مون کي رخصت ڏسي....

زينب اچانڪ سندس گلي ۾ لڙڪي پئي، ۽ ڳراٽڙي پائي چوڻ لڳي، ”هي چئين ڇا ٿو؟ اسان کي ڇڏي ڪاڏي ويندين؟ هي مصيبت جا سال ئي الائي ڪيئن ڪٽيا آهن، ۽ آئي، وري کڻي اها وائي ڪئي اٿئي! ٻڌاءِ ته سهي، نيٺ ڇا آهي؟“

لطيف وراڻيو، ”ڇا چوان! مون سمجهو ٿي ته اسان جي شادي، اسان جي ڏکن جو خاتمو ڪندي. مگر افسوس، غريب جي مصيبتن کي نڪا مند نڪو موت! ڇا هي ظالم مون کي آرام سان ويهڻ ڏيندو؟ هر گز نه.... اجهو ٿو نيون آفتون آڻي، ڪنهن نه ڪنهن آفت ۾ اوچتو اڙائي ڇڏيندو.“

”پر ميان! مرد به ڪو تڪليف ڀر ڊڄندا آهن؟“

”نه، مگر مصيبتون به اهي جي عزت سان سهجن. ههڙي ذلت جي زندگي کان عزت جو موت بهتر!“

اتي لطيف جون اکيون ڳاڙهيون جهڙيون لعل ٿي ويون. سندس دم گهٽجڻ لڳو. چيائين، ”خان! خان! انهيءَ جو بدلو پنهنجي خون سان ڏيندو! آخر منهنجي رڳن ۾ به ٻروچڪو رت آهي! ڏسي وٺبو.“

زينب، گندي لاهي، کڻي پيرن تي رکيس، ۽ نهايت آزيون ڪري چوڻ لڳيس ”اي منهنجي سر جا سائين! اسين غريب آهيون، انهيءَ ضد تان لهه! پاڻهي اُهو خدا ڪئيءَ جي سزا ڏيندس.“

”خدا! خدا تڏهن مون کي هٿ ڇا لاءِ ڏنا؟ انهيءَ لاءِ ته هٿ ٻڌي، اهو ظلم سهان! نه، نه! ڌڻيءَ جي ته پاڻ موڪل آهي، ته جهڙو ڪو ڪري، تهڙو ڀري.“

زينب جڏهن ڏٺو ته مڙس ڦرندو ڪونه، تڏهن سندس پيرن تي ڪري، چوڻ لڳي، ”اڙي هن ٻچڙي جي صدقي انهيءَ ڳالهه تان لهه. اسان کي ڪهڙي آسري ڇڏي ويندين!“

لطيف، البته ٿڌو ٿيو. زال کي به سامت آئي. لطيف، پنهنجي کٽولي تي ائين ئي ليٽي پيو پر زينب ويچارءَ کي ڊپ وچان ننڊ ڪانه آئي! سمجهه ۾ نٿي آيس ته سندس قسمت ۾ الاجي ڇا هو؟ سندس مڙس کانپوءِ پٽ ننڍڙو ٻار ۽ پاڻ اڪيلي، ڪيئن هن اڻکٽ حياتيءَ جا ڏينهن ڪاٽيندي، دير، دير سان اک لڳس ۽ ڀيانڪ خوابن جي دنيا ۾ وڃي غرق ٿي.

ٻئي ڏينهن صبح جو، لطيف سويرو ڍورن ڍڳن پويان، ٻاهر نڪري ويو. جڏهن منجهند ٽاڻي موٽي آيو، تڏهن ڏاڍو خوش پئي ڏٺو. زينب، هي ڏسي ڪجهه سرهي ٿي. لطيف جا خيال هينئر گهڻو بدليل نظر آيا، ۽ زينب جو به اونو لٿو. ان ڏينهن، لطيف شام جو ٻاهر ڪونه نڪتو. ماني سوير ڀرو کائي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي ستا ۽ گهڙي ۾ ننڊ پئجي ويا.

رات جا اٽڪل ٽي لڳا هئا. ڪنهن شيءِ کڙڪي تي، زينب ٽپ ڏيئي اُٿي. ڏئي جي سوجهري تي ڇا ڏسي، ته لطيف کي هٿ ۾ هڪ رت رڱيل ڪهاڙي آهي، سندس مٿان صبر ۾ بيٺو آهي. سندس وات مان اچانڪ رڙ نڪري ويئي، ”هئي، مٺيس هي ڇا ڪيئي!“

”خبردار! جو هڪ به لفظ ڪڇيو اٿيئي! جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿيو. هاڻي خدا حافظ.“

پوءِ ڪهاڙي رکي، پٽ جي پيشاني چمي، زال ڏانهن نهاريندي، تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪتو.

ٻئي ڏينهن صبح جو، ڳوٺ ۾، ڳليءَ گس تي، اها ڳالهه هلي ويئي ته لطيف، رات خان جو خون ڪري، کليو کلايو، ڪهاڙيءَ سميت، ٿاڻي تي وڃي حاضر ٿيو ۽ قبولدار ٿيو هو ته: چاڪر خان، جو خوني آءٌ آهيان!

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)


No comments:

Post a Comment