Sunday, November 29, 2020

شيدو ڌاڙيل - غلام رباني سنڌي

شيدو ڌاڙيل

غلام رباني سنڌي



(۱)

سج ٻه ڪانا کن مٿي چڙهي آيو هو. اڱڻ ۾، ڇنل کٽ تي، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو، هو ستو پيو هو. کٽ جي چوڌاري اسڪولي ٻارن جو ڊنب مڙيو بيٺو هوس.

”شيدو، شيدو، سائين ٿو سڏيئي!“

”اڙي ائين ڪونه اٿندو: هلو ته سائينءَ کي سڏي اچون،“ ٻئي واڪو ڪيو.

پر شيدو اهوئي ستو پيو هو.

تنهن تي، ٽئين ڇوڪر وڌي سندس منهن تان رلهيءَ جو پلئه لاٿو. ڇوڪر جو پلئه لاهڻ ۽ شيدوءَ جو واڪو ڪري اٿڻ، ”وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس“ ۽ سٽ ڏيئي رلهيءَ جو پلئه ڇڏائي، هو وري ويڙهجي سيڙهجي سمجهي پيو.

ڇوڪرا چپ چاپ هليا ويا.


’غفور اصل ڪونه مڙندو- ضرور سائينءَ کي چوندو ته سائين، شيدوءَ هيئن ٿي چيو. قالو به ته ٺاهي جوڙي ڳالهه ۾ لوڻ مرچ گڏيندو. ڀلا ڪريم؟ نه نه، هو به حرامي آهي- اهو به چوندو ته سائين توهان کي گاريون ٿي ڏنائين“ اهي ويچار ويچاريندي شيدو اٿيو. رلهي پري ڦٽي ڪري، کٽ هيٺان پيل پاڻيءَ جي ٻٽي دلي مان جهڙو منهن ڌئڻ لاءِ پاڻيءَ لپ ڪڍيائين، تهڙو پاڻي، ڀڳل گهانگهي مان پٽ تي وهي ويو.

”ڀيڻسان دلو به ڀڳل.... ڀلا هجي ابو امڙ ته.....“ هن جون اکيون آليريون ٿي ويئون. کٽ تان رلهي کڻي، منهن اگهي، جهڙوئي در ڏانهن وڌيو ته پٽ تي هاريل پاڻيءَ تان پير ترڪي ويس. ڌومنهن ڀر وڃي ڪريو. ڪاري ڪپڙي جي پنيءَ تائين گوڏ به گپ ۾ ڀرجي ويس. اڃان اٿيوئي مس ته در کڙڪيو، ۽ ائين ڊنب ٻارن جو گهر ۾ گهڙي آيو. در تان ماستر واڪو ڪيو، ”اڙي کنڀي اچوس“!.... ۽ ڇوڪرا شيدوءَ کي چنبڙي ويا. ڪو ٽنگن کان ڪو ٻانهن کان، ٽنگوٽالي ڪري هو کيس ائين ماستر ڏانهن کنيو پئي ويا جيئن ماڪوڙيون ڪنهن مئل ڏينڀوءَ کي پنهنجي ڏرڙ ڏانهن نينديون آهن. ”هل اسڪو!“ ماستر، شيدوءَ کي ڇوڪرن جي وچ ۾ ڪري اڳ ۾ ٿي هليو.

”سائين گپ ۾ ترڪي پيو آهيان. گهڙي کن ڇڏيو ته گڏ تان وهنجي اچان.“

”وهنجي ٿو پٽ!“ ماستر، شيدوءَ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ تي ٻير جو لڪڻ هڻندي خار وچان چيو.

اسڪول ۾ پهچي ماستر رڙ ڪئي، ”حمزا!“

”جي سائين!“

”پاڻيءَ واري واڍ کڻي آ!“

حمزو پاڻيءَ واري واڍ کڻي آيو، ۽ ماستر جي حڪم سان شيدوءَ کي بينچ تي پٺيءَ ڀر سمهاري ٻڌڻ لڳو.

”سائين سوگهو آهي“ حمزي، شيدوءَ کي چڱيءَ طرح بينچ سان جڪڙي ٻڌڻ بعد چيو.

”ها، پوءِ؟ ڇاٿي چيئي ته وڃي پنهنجي بابي کي دانهن ڏيو!“

شيدوءَ ڪڇوئي ڪونه بس، جهڙي ڀت!

اسڪول ۾ چپ چاپ ٿي ويئي. ۽ پوءِ ان خاموشيءَ ۾ ماستر جي گارين جي گجگوڙ بعد، جڏهن ٻير جو لڪڻ وڄ جيان وراڪو ڏيئي، بينچ سان ٻڌل شيدو تي وسڻ لڳو ته شيدوءَ جون اکيون سانوڻ جي ڪڪرن جيان اوهيرا ڪري وسڻ لڳيون. اهي گارين جو گوڙيون، لڪڻ جا وڄ جيان وراڪا ۽ اکين جو اوهيرا ڪري وسڻ- تيسين جاري رهيا جيسين ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻندڙ ماستر جي ٻانهن ساڻي ٿي پيئي ۽ شيدوءَ جي اکين مان وهندڙ مهراڻ سڪي ويو.

(۲)

’ هڪ ايڪو ٻه ڏهاڪا، ايڪيهه.‘

’ٻه ايڪا ٻه ڏهاڪا، باويهه‘

’ٽي ايڪا ٽي ڏهاڪا....‘. ”اڙي بس ڪيو، ڪتي جا پڇ!“

ماستر صاحب اسڪول ۾ داخل ٿيندي چيو. چوڌاري چپ ٿي ويئي. ماستر صاحب دستور موجب حاضريءَ جو ڪتاب کڻي حاضري وٺڻ لڳو.

”حمزو“ ’حاضري سائين‘

”قالو“ ’حاضر سائين‘

”غفور“ ’حاضر سائين‘

”ڪريم“ ...................

”ڪريم!“ ماستر ٻيهر واڪو ڪيو.

”شيدو!“

”شيدو!!“...................

”سائين شيدو ۽ ڪريم ٻئي ڪونه آيا آهن.“ حمزي اٿي چيو.

”ڪالهه گڏهه جيڏي مار جهلي اٿائين، وري اڄ ڪتي جو پٽ نه آيو! اڙي توهان مان ڪنهن کيس ڏٺو؟“

بشير، ماستر ڏي نهاريندي، ٻانهون ٻڌي، چوڻ لڳو، ”سائين صبح جو ٻئي ڄڻا ميري جي هٽ تان چانورن جي لائي وٺي، مڪان واري کوهه ڏانهن پئي ويا. مون چيومان ته ’هلو اسڪول‘ تنهن تي مون کي مڪ وهائي ڪڍيائون!“

”پيسا ڪاڏهون آندائون، جو لائي ورتائون!“ ماستر عجب ۾ پئجي چيو.

بشير ڊڄي ڊڄي چوڻ لڳو، ”سائين... سائين! مون کي نه مارجو... مان ڏسيانو؟“

”ڳالهه ڪر!“

”سائين، ڪالهه نوري جي گهران رائي چورائي هئي سين. هٽ تي وڪيسون ٻارنهن آنا مليا. پر سائين مون کي هڪ ڏوڪڙ به نه ڏنائون. ٻارنهن ئي آنا شيدو ۽ ڪريم کڻي ويا!“

”ها، ڪتي جا پٽ چوري نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا. نه ماءُ نه پيءُ ڪو چوڻ آکڻ وارو ته اٿن ڪونه. اهي حرامي ڦر وڏي هوندي کاٽ هڻندا. اهي پڙهيا! جيڪي هينئر ئي چوريون ٿا ڪن، سي وڏي هوندي ڪهڙا اَڪ ڪارا ڪندا. پر مون کي ته عجب آ ته اهي ماني ڪٿئون ٿا کائن؟“ ماستر صاحب ڇوڪرن ڏانهن نهاريندي چيو.

”سائين ڪڏهن ڪڏهن اوبر سوبر اسان ڏيندا آهيون.“ قاسم درزيءَءِ جي پٽ اٿي چيو.

”۽ سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان،“ وڏيري جي پٽ انور اٿي چيو.

”ها، ننڍي هوندي اُڙين ٿڙين ٽڪرن تي پلبا، ته وڏي هوندي ضرور چوري ڪندا!“ ماستر نفرت وچان چيو، ۽ پوءِ ڪلاس جي ڪم کي لڳي ويو.

(۳)

انهي ڳالهه کي سال گذري ويا. اڄ شيدوءَ جو سڄي تر ۾ ڏهڪاءُ هو. ٻارنهن ڪوهيءَ ۾ چڱا چڱا جوان مرد، شيدوءَ جو نالو ٻڌي ڏڪي ويندا هئا. هاڻي هن کي شيدو ڪير ڪونه ڪوٺيندو هو. ماستر جنهن شيدوءَ کي ننڍي هوندي موچڙن سان ڪٽي نوءد جو ٽڪر بنائي ڇڏيو هو، قاسم درزي ۽ ڳوٺ جو وڏيرو عيدل خان ۽ ٻيا جن جي سڪلن ٽڪرن تي شيدو ننڍي هوندي پليو، اسڪولي ٻار، جي شيدوءَ جا ڪلاسي هئا، جن مان ڪي اڄ ڪڙمي هئا، ڪي مزور هئا، ڪي ٻڪرار ۽ خود شيدوءَ جو ننڍي هوندي جو يار، ڪريم، جو اڄ پنهنجي تر جو سٺو رازو هو. اهي سڀ کيس شيدو ڌاڙيل ڪوٺيندا هئا.

شيدو هو به ته پورو پورو ڌاڙيل. سندس شڪل به هوبهو ڌاڙيلن جهڙي هئي. ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڳاڙهيون اکيون، جن مان ڄڻ ته باهه جون اماڙيون ٿي نڪتيون، جن مان شايد ڪڏهن به ڪا رحم ڀري نظر نه نڪتي هئي. رڪ جهڙيون ٻانهون، جن ۾ آسمان جي سيني مان تارن ڇني وٺڻ جي طاقت سمايل هئي. ڪلهي تي سدائين چانديءَ جيان چمڪندڙ ڪهاڙي، رات جي اوندهه ۾ شيدوءَ جي ڪاري چمڙيءَ جي تهه سان ڍڪيل ڀيانڪ صورت ائين لڳندي هئي ڄڻ ته ڪنهن ڀوت جو پاڇو هجي. مطلب ته شيدو هينئر پورو پورو ڌاڙيل هو انسانيت جي جسم ۾ هميشه چڪندڙ هڪ ڦٽ.

شيدو، هينئر ڇٺيءَ ڇماهيءَ ڳوٺ ايندو هو. ڳوٺ هو صرف ٻن ماڻهن سانگي ايندو هو: هڪ ڪريم لاءِ، جو سندس ننڍي هوندي جو يار هو، ۽ ٻيو زيبيءَ لاءِ!

زييبي، شيدوءَ جي ڳوٺ جي هڪ رن زال هئي. عام هليل هو ته مڙس کي زهر ڏيئي ماريو هئائين. شيدوءَ جي هوءَ يار هئي، سا به جڳ جهان کي ڪل هئي. شيدو، زيبيءَ تي اصل چريو هو. زيبي هئي به مورت. سڄي ڳوٺ جو نڪ هئي. ڪاريون ڪاريون اکيون جهڙا ڀونئر! سنهڙا چپ، سنهڙو نڪ، ڪپهه جي ٻڙن جهڙ ااڇا ڳل، جن تي وقتي وقتي پگهر جا ڦڙا ائين چمڪندا هئا جئين گلابي گلن جي ورقن تي صبه جو ماڪ جا ڦڙا! سنهڙي چيلهه، سانوڻ جي درياء جيان اڀرندڙ ڇاتي! جنهن تي ڊگها ڪارا وار ائين لڳندا هئا جيئن سانوڻ جي درياء مٿان ڪا پورب کان ڪڪرن جي ڪارونڀار ڇائنجي وڃي!

(۴)

شيدو اڄ پورن پنجن مهينن کانپوءِ ڳوٺ ۾ آيو هو. ڪريم جي گهران ماني کائي، هينئر هو زيبيءَ جي گهر زيبيءَ سان گڏ هڪ ئي کٽ تي سمهيو پيو هو.

”ڏاڍا ڏينهن لاتئي!“

”تو ته ڪانگ ٿي اڏايا!“ شيدوءَ، زبيبيءَ سان چرچو ڪندي چيو.

”نه ته وري ڇا! سڀ توجهڙا آهن ڇا! توکي ته سيني ۾ دل آهي ئي ڪانه. پٿر اٿيئي پٿر.“

”۽ توکي.......“ شيدوءَ اڃان پنهنجي ڳالهه پوري ئي نه ڪئي ته در کڙڪيو. شيدو اٿي وڃي در لاٿو. در تي وڏيري جو ڪمدار بيٺو هو.

”شيدو راجا، وڏيري ڪوٺايو اٿيئي.“

”صبح ايندس.“ شيدو در ٻيڪڙي، اچي زيبيءَ سان گڏ کٽ تي ليٽيو.

”ڪير هو؟“

”وڏيري جو ڪمدار.“

”ڇو آيو هو؟“

”وڏيري ڪوٺايو آهي- ڪم هوندس ڪو- صبح جو ويندس.“ ايئن چئي شيدو زيبيءَ سان گڏ وري رهاڻ ۾ لڳي ويو. اڃا ويرم نه گذري ته وري در کڙڪيو. شيدو خار کائي اٿيو. در کوليائين در تي وڏيرو بيٺو هو.

”سائين، توهان تڪليف ڪئي!“

”ابا، مڙئي خير- رئيس ڌڱاڻو خان آيو آهي. تنهنجي نالي ٻڌائين ته آيو آهين، سو توکي هينئر ئي سڏايو اٿس.“

ڌڱاڻي خان جو نالو ٻڌي شيدو وڃڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو ۽ وڏيري سان گڏ اٿي اوطاقت ڏانهن هليو.

ڌڱاڻي خان جو نالو سڄي تر ۾ وڄيل هو. هو وڏو گڙنگ زميدار هو چڱا چڱا بيٺل ماڻهو به سندس نالي کان ڪوء کائيندا هئا. خود ضلعي پوليس جا عملدار به کيس ”سائين“ چئي سلام ڪندا هئا. شل نه ڪو پوليس جو آفيسر ساڻس ٺهي نه هلي- ڏينهڪ بدلي ڪرائي،ٿر ۽ لاڙ جا وڻ ته ڏيکاري ڇڏيس! پري، پري، مڙس جي هلندي هئي.

ڌڱاڻو خان ظالم به ته هڪ ئي هو. شل نه تر ۾ ڪنهن سهڻيءَ ڇوڪريءَ تي اک پويس. ڌڱاڻي خان جي هٿان بچي نڪتي ته نئين ڄائي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڏينهن ڏٺي جو راهه ويندڙ ماڻهوءَ کي خون ڪرائي ڇڏڻ به رئيس لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. وٽس وڏا وڏا ناليرا بدمعاش، ڌاڙيل، خوني ۽ وارنٽي ويٺل هئا. هو سڀ ڌڱاڻي خان جي راڄ ۾ الوليون ڪندا هئا. مجال هئي ڪنهن کي جو ڏانهن اک کڻي به نهاري. رئيس چوندو هو، ”مان جوڳي آهيان. منهنجي گودڙيءَ ۾ ڪاريهر نانگ آهن. ٻيا جوڳي ڪاريهرن جا ڏند ڀڃي، انهن کي کير پياري، مرلي وڄائي، ڏوڪڙ ڪمائيندا هوندا. پر مان؟ مونکي ته گهرجن ئي ڪاريهر ڏندن وارا، زهريلا، زور ڏنگڻا. ڪيڏو نه مزو ايندو آهي مونکي جڏهن ڪو ماڻهو منهنجي ڪاريهر جي ڏنگ کان ڏنگبو آهي. ويرم ئي ڪانه لڳي. بس هڻ، ۽ کڻ!“

۽ رئيس جي اها ڳالهه سورنهن آنا نه پر ارڙنهن آنا سچي هئي. ڪيئن؟ اجهو هيئن.

هڪ دفعي ڳوٺ جي پڌر تي رئين ويٺي رڇ ۽ ڪتن جي ويڙهه ڏٺي. اوچتو ڪو پرديسي پڇائيندو پڇائيندو آيو. رئيس کي ڏسي چيائين، ”رئيس، پيرا کڻي تو تائين پهچايا اٿم! مينهڙي هيم سئا- ٻچڙن پئي کير لپ پيتي بس اها وئي اٿم ٻڌجي! هاڻي ورائڻ نه ورائڻ آهي تنهنجي هٿ ۾، رئيس!“

رئيس کي ڪاوڙ لڳي يا تماشو! حڪم ڪيائين، ”اڙي هن کي ٻڌي ڳوڻ ۾ سبو! پيرا کڻي آيو آهي رن پٽ مينهن ورائڻ!“

رئيس جو حڪم الله جو حڪم. ائين ئي ٻن چئن ڄڻن غريب کي دسي، ٻڌي کڻي ڳوڻ ۾ وڌو. ڳوڻ جو منهن سبي آندائونس رئيس اڳيان. رئيس چيو ’پڌر تي ڦٽي ڪري، ڪتا ڇڏيوس!‘

حڪم جي دير هئي- ڪتا ڇٽا ته ڪاري ڳوڻ ۾ ڦٿڪندڙ شيءِ مٿان چڙهي ويا. ۽ پوءِ پرديسيءَ جون دانهون ايستائين عرش جي مٿان ورنديون رهيون جيستائين ڪتن پاڻيهي هٽي پاسو نه ڪيو!

سو شيدو اڄ انهي ڌڱاڻي خان اڳيان بيٺو هو.”ڀلي آئين شيدن!“

”خوش هوندين، بابل سائين!“ شيدوءَ ٻئي ٻانهون ٻڌي، رئيس ڏانهن نهاريندي چيو.

”ڪاٿي گذارين؟“

”سائين ملڪ مولا جو وڏو ويڪرو آهي.“

”پرديس ڇڏي ڏي، بابا!“ ۽ پوءِ رئيس راز واري لهجي ۾ شيدوءَ کي چوڻ لڳو، ”چڱائي ٿو چوانءِ، ٻچا! ڇڏي ڏي پرديس جي پچار. اچ، اچي مون وٽ رهه. ٻيا به ته رهيا پيا آهن نه! ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي. اچي وڃين ڪنهن مهل پوليس جي چنبي ۾ ته!“ ۽ پوءِ رئيس ۽ شيدو ڳالهين ۾ ٺهي ويا.

(۵)

شيدو هاڻي رئيس ڌڱاڻي خان وٽ رهندو هو. رئيس جي حڪم تي هن رئيس جي ڪيترن ئي مخالفن کي سڌو ڪيو. غريبن جا جهڳا برباد ڪيا، خون ڪيا، ۽ انهيءَ ڪري هو رئيس کي ڏاڍو پيارو هوندو هو....

پر پوءِ، اوچتو شيدوءَ جي رئيس سان اڻبڻت ٿي پيئي. ۽ اها خبر به جڳ جهان کي پئجي ويئي. ڪنهن ڪيئن ٿي چيو، ڪنهن ڪيئن سچي. ڳالهه جي خبر رڳو ڪريم کي هئي.

هڪ رات ڪريم، زال کي چيو، ”رات اسر جو اٿي ماني پچائج.“

”ڇو“

”شيدو ماني کائي گاڏيءَ تي ويندو.“.

”ڪيڏانهن؟“ زالس عجب ۾ چيو.

”مڙيئي هيٺ- لاڙ جي طرف“

”ڇو؟“

”رئيس ۽ شيدو ۾ اڻبڻت ٿي پيئي آهي.“

”اهو وري ڪيئن.“

”ڳالهه ڪج نه ڪنهن سان- رئيس شيدوءَ جي يار زيبيءَ سان کرجي ويو آهي- هينئر ته زيبي وڃي رئيس جي گهر ويٺي آهي. شيدو چئي ٿو ’رئيس کي خون ڪندس.‘ پر رئيس به ڏاهو آهي. هن به چاري ڇڏيا آهن. شيدو ٻن چئن ڏينهن لاڪر رئيس جي منهن تي ئي ڪونه چڙهيو آهي. کيس جان جو خطرو آهي. ڪالهه پوليس جي صوبيدار مون کان شيدوءَ جو پڇيو پر مون چيومانس ته الائي ڪٿي آهي. شيوءَ سان اها ڳالهه ڪيم، سو چيائين ته اڄ نڪران هتان ته ٻيو ڏينهن ٿئي. سو رات ويندو هليو.“

اسر جو شيدوءَ اچي ڪريم جو در کڙڪايو. شيدو ۽ ڪريم اچي ويٺا کٽ تي. ڪريم جي زال ماني آڻي اڳيان رکين. اڃان ٻه گرهه وڌائون ته در کڙڪيو. شيدوءَ جي دل ڌڙڪي اٿي. پر ڪريم همٿ ڪري وڃي در کوليو. اڃا ڪريم جو در کولڻ ۽ صوبيدار جو پنجن پوليس وارن سان گڏ اندر اچڻ. مانيءَ تان اچي شيدوءَ کي اٿاريائين چي، ”تو تي وارنٽ آهي.“

همراهه ٻڌجي ويو.

(۶)

صبح جو، سڄي ڳوٺ ۾ نه، پر سڄي تر ۾ ڳالهه هلي ويئي: ”نامي گرام ڌاڙيل شيدو ٻڌجي ويو“ ۽ پوءِ هوريان هوريان شيدوءَ جو نالو ماڻهن جي زبان تان لهي ويو.

پورن پنجن مهينن بعد، اوچتو وري هڪڙي صبح جو ماڻهن جي زبان تي شيدوءَ جو نالو آيو.

سڄي ڳوٺ ۾، گهٽين ۾، موچيءَ جي دڪان تي، لوهر جي دوڪان تي ماڻهن جا ميڙ بيٺا شيڊوءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. اسڪول جي در تي ماستر صاحب هڪ ميڙ ڏي منهن ڪري اخبار پڙهي رهيو هو: ”سنڌ جي نامي گرامي ڌاڙيل شيدوءَ کي ڦاسي ڏني ويئي. مٿس ڇهن خونن ۽ تيرهن ڌاڙن جا ڏوهه ثابت ٿيا. شيدو ڪيتري وقت کان لاپتا هو، پوليس کيس پڪڙي نه ٿي سگهي. مگر بعد ۾، رئيس ڌڱاڻي خان جي مدد سان پوليس، شيدوءَ کي سندس هڪ دوست جي گهر مان گرفتار ڪيو. انهيءَ ڪري سرڪار نامدار طرفان رئيس ڌڱاڻي خان کي ڏهن هزارن رپين جي ٿيلهي انعام طور ڏني ويندي.“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment