Monday, November 30, 2020

ناڪام محبت - عبدالرزاق ”راز“

ناڪام محبت

عبدالرزاق ”راز“



تمام پري شرناءِ تي لاڏو ٿي وڳو. لوهي ٽاٽ بگي، اونداهيءَ رات ۾، پيچرن کي چيريندي، اڳتي ٿي وڌي. ابلخ گهوڙي ڪڏهن ڪڏهن هڻڪيو ٿي. ڊرائيور رين کي ڍرو ڪري. هن جي پٺيءَ تي ٿڦڪي ٿي ڪئي. بگيءَ ۾ هڪ نوجوان ڪنهن ڳوڙهيءَ سوچ ۾ ويٺو هو. هڪ ننڍڙو هنڌ ۽ هڪ ٽين جي ڪاري پيٽي بگيءَ ۾ رکيل هئا. ڊسمبر جي شروعات هئي. آسمان تي جهڙ هو. ڪجهه وڌيڪ ٿڌ ڪا نه هئي، پر اتر جي هوا ڪري بدن ۾ سياٽو ٿي اڀريو. ڊرائيور کنگهي، نڙيءَ کي صاف ڪري، پنهنجي ڳلي تي زور ڏيئي ڳائڻ لڳو. ”تنهنجي ياد ستائي ٿي“ آواز اهڙو بي سـُرو هو، جو طبيعت تي ڄڻ بار ٿي معلوم ٿيو. نوجوان جا خيالات منتشر ٿي ويا. هو راڳ جي لفظن تي غور ڪرڻ لڳو.ڊرائيور جي انهيءَ راڳ ڏيڍ منٽ کن جٽاءُ ڪيو، وري اچي کيس کنگهه ورايو. نوجوان ”کئون کئون“ ڏي تمام گهٽ ڌيان ڏنو. وري ڪنهن ماضيءَ جي ياد ۾ مبتلا ٿي ويو. شرناءِ تي ”هو جمالو“ وڄي رهيو هو، ليڪن آواز جهيڻو ٿي لڳو. هوا سوساٽ ڪري ٿي لڳي. دهل جو آواز ڪنهن وقت بي سرو ٿي ٿي ويو. گهوڙو پنهنجي تيز رفتار سان منزل جي طرف ڊوڙي رهيو هو. ڊرائيور کيس ٻچڪاريون ڏيئي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس وات مان ”هئي هئي من“ جو پيار ڀريو ٻول ٿي نڪتو. هلندي هلندي گهوڙي جو جوت ڇڄي پيو. ”خدا جي شل مار نه پويئي؟“ ڊرائيور چيو، ۽گهوڙي کي ٻچڪاري ڏيئي بيهاريائين. گاڏيءَ تان لهي، جوت سان نوڙيءَ جو ٽڪر ڳنڍي، وري گاڏيءَ تي چڙهيو ۽ گهوڙي کي هڪل ڪري چيائين، ”هل پٽ هل“، پيسينجر ڏانهن نظر ڦيري چيائين، ”مان به هي رستو پهريون ڀيرو آيو آهيان“. نوجوان جو خيال ٽٽي ويو، ۽ جواب ڏنائين، ”هي ڳوٺ ٽن سالن کان آباد ٿيو آهي. جڏهن مون ڳوٺ ڇڏيو هو، تڏهن فقط ڏهه گهر هئا. هاڻي پنج ست وڌيا هوندا“. ڊرائيور پڇيو، ”تو ڪڏهن ڳوٺ ڇڏيو هو؟“ مسافر جواب ڏنو، ”ادا اٽڪل اڍائي سال کن ٿيندا. مان ڪراچي ۾ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آهيان. هاڻي اتان ٿو اچان.“ ڊرائيور چيو، ”ڀوتار! ڪراچي ته ڏاڍو وڏو ملڪ آهي، چوندا آهن ته جاين جون پنج پنج ماڙيون ٺهيل آهن. موٽران لاريون ۽ ٽرامان ته جام آهن – چئن پئسن ۾ ڪاڏي جو ڪاڏي وينديون آهن. بگين وارا ته ويچارا مٿو پٽيندا هوندا!“مسافر جواب ڏنو، ”بگين وارن کي به چڱي ڪمائي ٿيندي آهي. سرڪاري ڪامورا ۽وڏا ماڻهو بگين تي چڙهندا آهن. زالاڻو عالم به گهڻو ڪري بگين ۾ چڙهندو آهي.“


بگيءَ وارو خاموش ٿي ويو. الاجي ڇا ٿي سوچيائين، ۽ نوجوان پنهنجي خيالات ۾ محو ٿي ويو. هو سوچي رهيو هو ته اڍائي سال اڳي پوئينءَ رات هو ڪيئن رحيمان سان مليو هو، جنهن کيس چيو هو ته ”تون کَٽي ڪمائي اچ، مان تنهنجي واٽ پيئي تڪينديس!“ وري هن کي رحيمان جون ملاقاتيون ياد آيون ۽ رحيمان جو پير کبڙشاهه ۾ انجام ته ”پيرل! مان تنهنجي آهيان، حياتيءَ تائين تنهنجي رهنديس!“ نوجوان پنهنجي کٻيءَ ٻانهن کي ڏٺو، جنهن ۾ هٿ ڪو نه هو. هن خيال ڪيو ته رحيمان وٽان ٻئي هٿ سلامت کڻي ويو هوس، هاڻي هڪ هٿ ڪپائي ٿو وڃان. رحيمان پڇندي، ته چوندو سانس ته ”تنهنجي محبت جي نشاني آهي. پڻهين ڪين بابا کي چيو هو – ”خيرل، تنهنجو پٽ ڍور آهي، نه ڪم جو نه ڪار جو. نکٽو سڄو ڏينهن ويٺو کوهه تي ڇوريون تاڙيندو وتي! لفنگو ڪنهن جاءِ جو! ههڙي کي پنهنجي نينگر ڪيئن ڏيندس!“

خيرل کي ڏهه ايڪڙ ٻني هئي. کيس ٻه پٽ هئا: وڏو ميرل ۽ ننڍو پيرل. پيرل کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو هو. ميرل پيءُ سان گڏ ڪڙمت ڪندو هو. پيرل چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا ۽ پوءِ ملان وٽ مسيت ۾ قرآن پڙهڻ شروع ڪيائين. قرآن ختم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو مال چاريندو هو ۽ انهيءَ جي گاهه پٺي جو ڪم سندس حوالي هو. ٽي سال ٿيندا ته ملڪ ۾ ٻوڏ پيئي. خيرل جو بيٺل فصل ٻڏي ويو، ۽ مال متاع سمورو لڙهي ويو. جانيون بچائي پنجن ماڻهن جو قافلو پنهنجي ڳوٺ کان نڪري هڪ نئين ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جنهن ڳوٺ طرف هيءَ بگي وڃي رهي هئي. شرفو ان ڳوٺ ۾ اڳي ئي آباد هو. کيس رحيمان نالي هڪ نينگر هئي. خوبصورت ڇوڪر هئي، ليڪن غريب، طبيعت جي گنڀير،بلند حوصلي ۽ شريف. شرفو ڌيءَ جي طبيعت جي بلڪل ابتڙ هو- لالچي ۽  ڌوڪيبار، ڪوڙو ۽ فريبي. ڊرائيور وري پنهنجي بي سري ڳلي تي زور ڏيئي ڳائڻ لڳو. آواز تي نوجوان جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. شرناءِ تي جهمر وڄي رهي هئي. آسمان صفا ٿي چڪو هو. شرناءِ تي جهمر پائيندڙن جي تاڙين جو آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. نوجوان وري پنهنجي خيالن ۾ غلطان ٿي ويو. هو ڪيئن هڪڙي ڏينهن فجر جو رحيمان سان کوهه تي مليو هو. اها سندن پهرين ملاقات هئي. پيرل توڙي ڳوٺاڻو هو، پر هڪ مهذب نوجوان هو- ملان عيدن جي صحبت جو هن تي گهڻو اثر هو- آهستي آهستي محبت جون سڀ منزلون گذرڻ لڳيون. رحيمان ۽ پيرل، پير کبڙشاهه جي درگاهه ۾ هڪ ٻئي جي خاطر جان قربان ڪرڻ جو انجام ڪيو هو. هو سوچي رهيو هو ته ”کبڙشاهه جو فقير به عجيب هو؛ ڏهه پئسا وٺي ڪيڏيون نه دعائون ڪيون هئائين، ۽هن پنهنجي خواب جو به احوال ڪيو هو  ته سائين کبڙ شاهه ڪيئن ٻنهي جا هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي وصيت ڪئي هئي، ۽يقين ڏياريو هو ته جن جا هٿ کبڙ جي هٿ، تن کي خوف نه خطرو.“ پوءِ خيرل ڪيئن نه پيرل جي شاديءَ جو پيغام شرفوءَ وٽ کڻي ويو هو، جنهن ڪاوڙ جي کيس رکو جواب ڏنو هو ته ”خيرل! خيال ته ڪر! پٽهن لفنگو ۽ بيڪار،  ۽ تون سڃو ۽ ڪنگال – ڀلا منهنجي ڌيءَ تنهنجي گهر ۾ ڪيئن رهي سگهندي؟“

پيرل جي غيرت جاڳي اٿي. ملان عيدن جي خودداري ڳوٺان ڳوٺ مشهور هئي. ووٽن جي وقت هن وزير صاحب کي به اهڙي منهائي ٻڌائي هئي، جو وزير جا ڪن کڙا ٿي ويا. آخر پيرل سندس شاگرد هو. هو راتو واهه ڳوٺ ڇڏي نڪتو هو. اٺ ميل پنڌ ڪري اسٽيشن تي پهتو هو. جتان ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿي اچي شهر پهتو هو ۽ ٽڪين جي ڪارخاني ۾ سوا رُپيو ڏهاڙيءَ تي ڪم شروع ڪيو هئائين. مولوءَ جي پيرل سان ياراڻي ٿي ويئي هئي. مولو مشين جي ڪم مان چڱو واقف هو ۽ اڍائي روپيا روز کڻندو هو. هڪ مهيني کان پوءِ مولوءَ هڪ مزرون جي ائسوسيئيشن ٺاهي. چار آنا ماهوار چندو رکيو ويو. فئڪٽريءَ جا سڀ مزور ۽ مستري ان جا ميمبر ٿيا. مستري مولو يڪراءِ صدر چونڊيو ويو هو. پيرل مولوءَ جو ساڄو هٿ هو. ائسوسئيشن جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. روز وڌائڻ لاءِ سخت تقاضا ڪئي وئي، حالتن کي چڱيءَ طرح واضح ڪيو ويو. زندگيءَ جي ضروريات جا اگهه چوٽ چڙهي ويا هئا. ڪارخاني جي مالڪ وٽ ائسوسيئيشن جا ٺهراءَ پيش ڪيا ويا. ڪارخانيدار کي جيتوڻيڪ گذريل سال پندرهن هزارن جوفائدو پيو هو. اهو پندرهن هزارن جو انگ انڪم ٽئڪس وارن جي بندين تي چاڙهيل هو، درحقيقت فائدو ان کان ٻيڻو هو. هيرو منشي انڪم ٽئڪس جي مصيبت کان بچڻ لاءِ ٻه بنديون ٺاهيندو هو. ملڪ جي ورهاست کان پوءِ به هيروملڪ پاڪستان ۾ رهجي پيو ۽ هو حساب ڪتاب ۾ ڀڙ هو. انڪم ٽئڪس ۽ سيل ٽئڪس وارن جي اکين ۾ سرمو پائيندو هو. مجال، جو ڪنهن کي کڙڪ پوي. پر، ڪارخانيدار مزورن جي تقاضا جو خيال ڪو نه ڪيو ۽ هٿان ڪڙڪ ٿي چيائين ته ”مرضي پويوَ ته ڇڏي وڃو، باقي روز ڪو نه وڌندو! فئڪٽريءَ جا خرچ اخراجات  وڌيل  آهن. وزيرن ميمبرن عملدارن جي خوشامد ڪرڻي ٿي پوي. ميان ڪٿي ڪٿي ته روڪڙا به ڏيڻا ٿا پون. سوکڙيون پاکڙيون به هزارن روپين جون ٿين ٿيون. آخر پاڪستان آهي. اسان هندو ماڻهو – ميان ائين نه ڪيون ته ڪٿي رهون؟ اهڙا خرچ ڪتابن ۾ ٿورائي لکبا آهن!“ ڪارخانيدار انگريزي تعليم يافته هو. چڱي گهراڻي مان هو، پر مزورن جي خون ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو هو. سندس پيءُ به سخت ڪنجوس هو. پهريائين هڪ ننڍڙي مشين هيس. وڏو سودخور ۽ ڪورٽي مشهور هو. پٽ لاءِ وڏو ڪارخانو ڇڏي، پاڪستان ٺهڻ کان نَوَ مهينا اڳ، پرلوڪ پڌاري ويو.

پيرل اسٽرائيڪ جو دردناڪ واقعو ياد ڪري رهيو هو. لاٺي چارج جو نقشو هن جي اکين اڳيان ڦري آيو. مولو ۽ پيرل زخمي ٿيا هئا. مولو ته ٻه ڏينهن بيهوش هو. مولوءَ جي خوش ٿيڻ کان پوءِ، ٻيئي دوست ڪراچيءَ روانا ٿي ويا هئا،جتي مولوءَ کي پنج روپيا روز ٿي مليو ۽ پيرل کي ٽي روپيا، هڪ سال کان پوءِ کين هڪ هڪ روپيو ترقي ملي هئي. پيرل مائٽن ڏانهن وڏيري اسماعيل جي معرفت خط لکندو هو. خيرل ۽ ميرل وڏيري جي زمين تي ڪڙمت ڪندا هئا.

دهلن ۽ شرناءِ جو آواز ويجهو ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. ڳوٺ ويجهو هو. گهوڙي جا سنب مٽيءَ ۾ هڪ عجيب آواز ڪري رهيا هئا. هن جي دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي- شايد ڳوٺ جي سڪ هئي. محبوب جي محبت هئي، يا مائٽن جي ملڻ جي اڪير هئي. سندس خيا ل ڪپيل هٿ ڏانهن ويو. رحيمان چوندي، ”هئي! هٿ ڪيڏانهن ڪييءِ!“ سندس هٿ ڪپجڻ جوسمورو واقعو هن جي دماغ ۾ ڦرڻ لڳو: هڪ رات جو ڊيوٽي ڏيندي، مشين جي ڀرسان ويٺي، سندس اک لڳي وئي هئي. ان رات کيس ڏاڍي هڏڪي ٿي پئي هئي. هن سوچيو ٿي ته کيس رحيمان ياد ڪيو آهي. رحيمان جي تصورات ۾ کيس جهوٽو اچي ويو، ۽ سندس ٻه آڱريون مشين ۾ اچي چچرجي ويون. فرسٽ ايڊ ملڻ کان پوءِ به کيس آرام نه آيو ۽کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. هن جو هٿ پچي پيو هو. هٿ ڪپائڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪو نه هو. فئڪٽريءَ مان کيس پنج سو روپيا هر جانو مليو هو، ۽ هن سموري وقت ۾ ڇهه سو روپيا ٻيا جمع ڪيا هئا. هن کي رحيمان جي منڊيءَ جو خيال آيو، جا هن کاري در تان ٽيونجاهين روپئين خريد ڪئي هئي. محبت جو نذرانو رحيمان جي سرڪار ۾ پيش ڪرڻو هو. ٽيونجاهه روپين واري منڊي. هو سوچي رهيو هو ته هن سوغات تي رحيمان ڪيترو نه خوش ٿيندي. پر کيس هٿ وڃائڻ جو سخت افسوس هو. ايتري ۾ پير کبڙشاهه جي قبر اچي وئي. بگيءَ کي اتي بيهاري، پيرل چوديواريءَ ۾ اندر لنگهي ويو. رات جو وڳڙو هو، فقير لانڍيءَ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو. پنج آنا قبر تي رکي، قبر کي چوڄ مان چمي ڏيئي ٻاهر نڪتو. دهلن جو آواز بند ٿي ويو هو. ڪتن جي ڀؤنڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. بگي ڳوٺ ۾ پهتي. اڌ رات جو وقت هو. سندس گهر سامهون اٽڪل پنجاهه قدمن تي هو. بگي اچي جهوپڙيءَ جي سامهون بيٺي. در وٽ بيهي، پنهنجي ڀاءُ ميرل کي سڏ ڪيائين. ميرل کي ننڊ جو گهيرٽ هو، پر خيرل يڪدم اٿي ٻاهر نڪتو، اڍائي سالن جي وڇوڙي کان پوءِ پٽ کي ڏسي، خيرل جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. پيرل پيءُ جي پيرن تي ڪري پيو. پيرل کي فئڪٽريءَ جي مليل لوس ڊريس بدن تي پيل هئي. پيءُ پٽ کي ٻانهن کان وٺي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو. هنڌ ۽ پيتي کڻي اندر آندائون. پيرل جي ماءُ به وڌي آئي. وڏيءَ اڪير سان ڀاڪر پائي پٽ سان ملي ۽ اڇنگارون ڏيئي رئڻ لڳي. سڀ جهوپڙيءَ ۾ اچي ويٺا.

پيرل پڇيو، ”امان خير ته هو، اڄ ڳوٺ ۾ دهل ٿي وڳا. ڪو شادي وهانو هو ڇا؟“

ماءُ اکين ۾ پاڻي آڻي چوڻ لڳي، ”ابل! اڄ رحيميءَ جو وهانو ٿي ويو.“ پيرل وسو ٿي ويو. سندس دل جي دنيا هيٺ مٿي ٿي وئي، دماغ چڪر کائڻ لڳس.

خيرل چيو، ”شرفو وڏو سوئر آهي، لوڀي ڪنهن جاءِ جو. ويچاري رحيمان دانون ڪندي رهي ته ”شادي ڪا نه ڪنديس“، پر لالچي حرامخور ست سو روپين جا ڏسي هرکجي پيو“. پيرل جي ڄڻ زبان ئي لڳي وئي هئي. سندس نرگهٽ تي ڄڻڪ ننهن اچي ويو هو. گم سم ويٺو رهيو.

ماڻس چيو، ”ست سو روپين تي کڻي مومل جهڙي ڌيءَ وڪيائين! بدشڪلو، ڪاڻو، مئو واحدو پئي گد گد ٿيو. موڙ ٻڌي پنهنجو منهن ڪارو ڪرڻ آيو هو“.

ست سو روپيا، ست پاڪستاني وڏا ساوا نوٽ سندس دماغ ۾ ڦري رهيا هئا. واحدوءَ جي هڪ ڀوائتي شڪل سندس اکين اڳيان گهمي رهي هئي. هن واحدوءَ کي ڪو نه ڏٺو هو: ڄڻ سندس اکين اڳيان هڪ ديو، حور کي کڻي ٿي ويو. وٽس به ته يارهن سو روپيا روڪ هئا. هن جي آڏو هينئر يارهن سو روپيا، يارهن پئسن جي برابر هئا. آخر اهي ڪهڙي ڪم جا!

خيرل پٽ کي گم سم ڏسي چوڻ لڳو، ”مان بي ايمان وٽ ويس. ايلاز منٿون ڪيون مانس ته ”ڪجهه ترس! پيرل ڄاڻ آيو. شهر مان ڪمائي ايندو. تنهنجو ٻڌو ٻانهو ٿي رهندو.“ پر هن کي ڪا چڻنگ لڳي وئي. چئي – ”تنهنجو ڇوڪر لفنگو، شهر ۾ وڃي رولن جي سنگت ۾ جوا ڪندو هوندو. چوريون ڪندو هوندو. ڇا موٽندو؟ اهو شهر ۾ مري کپي ويندو.“ مون کي به ڏاڍو تاءُ آيو، پر چپ ڪري موٽي آيس. اڳئين اربع تي اهو فيصلو ٿيو: سائين باغن شاهه وچ ۾ پيو، جنهن اهو ڪم ٺاهيو.“

پير کبڙشاهه جي فقير جو خواب کيس ياد اچي ويو. دل ۾ اهو چوڻ لڳو. ”اهو سڀ ڍونگ آهي- سڀ مڪر  ۽ فريب. انسان جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻو آهي. انسان جي قسمت تي مذاق ڪرڻي آهي.“ ماڻس چيو، ”ويچاري رحيمان هنجون هاري رهي هئي، پر هن ڪاسائيءَ کي ڪو رحم ڪو نه پيو. ستن سَون بد ذات جو مٿو ئي ڦيرائي ڇڏيو. ويچاري نينگر ٻيءَ ٽينءَ تنهنجي سڌ سماءُ لهڻ ايندي هئي. ڏاڍي سڪ هيس، پر ابل،  قسمت جون ڳالهيون آهن!“

پيرل ڪو جواب ڪو نه ڏنو. آخر ڳالهه جو موضوع بدلايو ويو، ۽ ڪراچيءَ جون خبرون چارون هلڻ لڳيون، پيرل بي دليو جواب ڏيندو رهيو.

آخر پڻس چيو، ”ابا هاڻي سمهي پئو. ٿڪو هوندين!“

پيرل ليٽي پيو. صبح جو پيرل جي کٽ خالي هئي – جا پوءِ هميشه خالي رهي.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)


No comments:

Post a Comment