Sunday, November 29, 2020

اکڙيون - الاهي بخش لاڙڪ

اکڙيون

اصل: ڪ. ٽ. محمد جو ملايالم ٻوليءَ ۾ لکيل

انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ: سشيلا مرزا

سنڌيڪار: الاهي بخش لاڙڪ



جن کي به الله اکيون ڏسڻ لاءِ ڏنيون آهن، سي مونکي ڏسي کلندا آهن، ۽ ڪي ته بنهه ليڪو لنگهي اچي ٽهڪن ۾ پوندا آهن. هنن جي ڏندن جي نمائش ۽ گڏهه وارين هينگن جو هڪ هي به راز آهي، ته مون به هڪ دلبر سان نينهن اٽڪايو هو ۽ توڙ نباهي وڃي شادي رچائي هيم. هو هن ڳالهه تي اچرج کائيندا آهن ته آءٌ ڪيئن عاشق ٿيس؟

جيڪڏهن اوهان هنن کان هن بي موقعي هينگڻ جو سبب پڇندا، ته هو يڪدم اوهان کي چوندا، ’ذرا ڪنڌ ورائي هوڏانهن ته نهاريو!‘ چڱو هينئر مان اوهان جي اڳيان آهيان. اوهين امين ٿي فيصلو ڏيو ته مون ۾ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن لاءِ مون تي کل جي ايتري ٺٺري کڻي ٻڌي اٿن! آخر  آءٌ به ته الله جي پياريءَ اشرف المخلوقات جو هڪ فرد آهيان.


آءٌ قد جو مختصر آهيان،... رنگ جو ڪارو، جهڙو ريل جو ڪوئلو،.... ٻيا عضوا پڻ ڏنگا ڦڏا، حصي رسيءَ جي حساب کان ٻاهر،.... ڇوٽي قد تي حساب کان وڏو مٿو.... اکيون گول، اونهن کوپن ۾ لڪل،..... نڪ ساڻ ڄڻ جيپ جو حادثو ٿيل،... برساتي ڏيڏر جيڏو وات، ۽ ٻن هاٿيءَ جيڏن ڪنن وچ ۾ سوڙهي چپتري پيشاني اٿم. ننڍي هوندي، ڪوٺيءَ تان ڪرڻ سبب سڄيءَ ڄنگهه کان به لنگڙو آهيان. ٿورن لفظن ۾، مان بدصورتيءَ جو هڪ مجسمو آهيان. هو چوندا آهن ته پهرين نظر جنهن جي مون تي پوندي آهي، سو مونکي آفريقي ڪارو باندر سمجهندو آهي. پر ڪو باندر ڏسي به ماڻهو کلندا آهن ڇا؟ هنن کي ته کل فقط پاڻ جهڙي هڪ باندر جهڙي انسان تي ايندي آهي! رستي تان ويندي، ڪيترائي ماڻهو مون تي ٽوڪبازي ڪندا آهن ۽ جهنگلي جانورن سان تشبيهه ڏيندا آهن. پر مون ڪڏهن به اهڙي پنهنجي توهين ٿيندي ڏسي، احتجاج بلند ڪين ڪيو، ۽ نه ئي وري انهن جي وڌائن ۽ غلط بيانين تي خار کاڌم.

رستي تان ويندڙ رنگ برنگ پوشاڪ پهريل نوءجوان نينگرين کي ڏسي، ڪنئار ٻوٽيءَ وانگر بنهه سسي ويندو آهيان، ڇا لاءِ ته هو پنهنجو مکڙو، مون کي ڏسي، ائين ڦيرائي وينديون آهن،جيئن ڪو برهمڻ رستي ويندي، چٻري کي ڏسي، ٻدسوڻي سمجهي، ٻوٿ ڀلڙو ڪري، اُتي جو اُتي کڻي پويان پير ڪندو آهي. شايد اهو سڀ هن لاءِ آهي ته هو مونکي پاڻ مان هڪ سمجهڻ کان عاري ۽ انسان ذات مان تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهن. هر شخص وانگر آءٌ به سونهن جا گڻ ڳائيندو آهيان، پر شايد اها منهنجي حرڪت اوهان کي ناگور گذرندي هجي ۽ منهنجي انهيءَ حسن پرستيءَ جي گناهه کي اوهان معافيءَ کان مٿي گناهه سمجهندا هجو.

آءٌ اڃان تنجڻن ۾ هوس ته پدري شفقت کان محروم ٿيس. صرف الله ۽ امڙ کان سواءِ، گهر ۾ مڙيوئي خير. منهنجي بدصورتيءَ لاءِ ڀلا ڪير جوابدار ٿي سگهي ٿو؟ بابو؟... امان؟... انهن جو ڪهڙو قصور! بس، آءٌ ڄائس! ممڪن آهي ته هنن جي نه چاهنا هئي ته ڪو آءٌ ڄائس! ممڪن آهي ته هنن جي نه چاهنا هئي ته ڪو آءٌ ڄمان، ۽ نه کين ڪل هئي ته آءٌ ڪو ڄمندس.

جيئن ته هر ماءُ کي اها آس هوندي آهي ته پنهنجي پٽ جا هٿ مينديءَ رنڱا ڏسي، سو امڙ به هڪ ڏينهن مونکي ڏسي چيو ته ”ٻچا گهر ۾ ڪنوار ڪڏهن ٿو آڻين“؟

”امان تمام جلد،“ مون دل کي ڏاڍو ڪندي وراڻيو.

امڙ پنهنجي پاڙيسري پوڙهين سان منهنجي شاديءَ بابت صلاح مصلحت شروع ڪري ڏني. ڪيترا ڏينهن ڳالهيون هلنديون رهيون ۽ هوءَ هرزو نااميد ٿي واپس گهر موٽي ايندي هئي. ان نراسائيءَ جو سبب کانئس پڇندو رهيس، مگر هوءَ ”ڪجهه به نه“ چئي، خاموش ٿي ويندي هئي، پر، ان ”ڪجهه به نه“ ۾ ماءُ جي ڏڪندڙ دل جي بيوسيءَ جا آثار ڏسجي رهيا هئا. ٻه هفتا گذري ويا امڙ ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. جيڪي اڳ مون تي نه کلندا هئا، تن به هينئر کلڻ شروع ڪري ڏنو، هڪ پير مرد ته مون ڏانهن نهاريندي، همدرديءَ جي لهجي ۾ چيو، ”غريب ويچارو!.... ماڻس ڪنوار هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيترو نه پاڻ پتوڙيو.... اي خدا! تون ههڙا ماڻهو زمين تي موڪلين ڇو ٿو؟“

پوءِ آءٌ، چپ چاپ، بت جي چک مک ۽ ٺاهه ٺوهه ڏانهن متوجه ٿيس، ۽ پنهنجي بدصورتيءَ کي عمدن ڪپڙن ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش ڪيم. پر منهنجي هن نادانيءَ ماڻهن کي مذاق جو پاڻ وڌيڪ موقعو ڏنو. ڪانءُ وهنجڻ سان ڪو هنس ڪونه ٿيندو آهي.

ڪيتري عرصي کان آس هيم ته ڪنهن سان محبت ڪريان ۽ ڪو مون کي به پيار ڪري. نيٺ مون به پنهنجي لاءِ محبوب ڳولي هٿ ڪيو. منهنجي عشق جو داستان ٻڌڻ جو اوهان کي يقيناً اشتياق جاڳيو هوندو. واقعي هي هڪ عجيب داستان آهي، جنهن ۾ هڪ ننڍيءَ نينگر جو، جنهن سان پريم جا پيچ پاتم ۽ شادي رچايم، داستان پڻ شامل آهي. جنهن منهنجي ڏيهان ننديل شڪل شبيهه جي ڪا پرواهه نه ڪري، مون سان پنهنجي پوتر پريم جا پيچ پاتا ۽ شادي رچائي.

ڪنوار هٿ ڪرڻ لاءِ منهنجي ماءُ جون ڪوششون رائگان ويون.ڪنهن به عورت هڪ باندر جي زال ٿي رهڻ قبول نه ٿي ڪيو. هن ناڪاميءَ سبب اَمڙ بيمار ٿي پيئي. هڪ اڳ ۾ ئي هئي پوڙهي، ٻيو وري هن سوداءَ ۽ پريشانيءَ کيس اهڙو جهليو جو وري نه اُٿي. منهنجي مٺڙي امڙ،.... منهنجي دل جو آٿت،..... جا پنهنجي پيار جي مٺڙيءَ هير سان منهنجي دل جي اُٿندڙ اُلن کي وسائيندي هئي،.... امڙ منهنجي زندگي... منهنجي آس ۽ اميد،.... جنهن منهنجي خطر ناڪ بدصورتيءَ ۾ به سونهن جي جهلڪ ڏٺي هئي. مون کان موڪلائي ويئي،... مون کي هن دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويئي. آءٌ مٿس ويهي رئندس ڪين: ڇا لاءِ ته وڌيڪ دک درد سهڻ جي سگهه منهنجي غريب امڙ ۾ باقي ڪانه بچي هئي.

۽ پوءِ جيڪو معجزو ٿيڻو هو، سو ٿي پيو. هڪ ڏينهن، اوچتو اوچتو، ڏاڪڻ ڀرسان لٺ جي ٺڪ ٺڪ ٿي. تنهن بعد هڪ صدا جو پڙلاءُ پيو! ”سائين ڪجهه واسطي الله جي!“ هيءَ هڪ گداگر جو آواز هو. ”سائين آءٌ ڏسي نه ٿي سگهان!“. هن ٻيهر آواز ڏنو. مون هن ڏانهن، ۽ پوءِ هن جي اکڙين ڏانهن نهاريو. پنهنجو پاڻ کي وساريندي، مون سوچيو ”غريب ڇوڪري.... نوجوان.... مگر نابينا! هڪ جيئري جاڳندي زندگي جنهن ۾ صرف ٻڌڻ ۽ ڇهڻ ممڪن!.... ڪا حسين ڪانه هئي، پر سنديس اُڀريل ڇاتي ۽ ٻيون جوانيءَ جون علامتون منجهس موجود هئڻ ڪري، پهرينءَ نظر سان دل ڏيئي ويٺس.“ ”اندر اچ ۽ اچي ويهه!“ مان هن کي محبت ڀرئي انداز ۾ چيو. هوءَ دروازي ڳولڻ لاءِ هٿوراڙيون ڏيڻ لڳي، ۽ مون اُٿي سندس هٿ ورتو. عورت کي ڇهڻ جو زندگيءَ ۾ مون لاءِ هي پهريون واقعو هو. احساس ڀريل نگاهن سان هن ڏانهن نهاريم نابينائيءَ جي باوجود به هن جي مک ۾ ڪافي رعنائي هئي. سندس ڀريل ڇاتي منهنجي ڇاتيءَ کان گهڻو پري ڪانه هئي. ان کان اڳ جو آءٌ ڪجهه سوچيان، مون کي سرءُ جي تپ وانگر اچي ڏڪڻيءَ ورايو. محسوس ڪيم ته منهنجا چپ خشڪ ٿي چڪا هئا ۽ دل جي رفتار تيز ٿي ويئي هئي. ”تون اتي ويهه،“ مون هن کي ورانڊي جي پڇڙيءَ ۾ ڪرسيءَ تي ويهاريندي چيو. هڪ رپيو ۽ جيڪا ڪجهه روٽي بچت هئي، سا مون کيس ڏني. هن پنهنجو نالو ”ليلا“ ٻڌايو، ۽ چيائين ته هوءَ پنهنجي ماءُ سان شهر جي ٻاهران هڪ وڏي ڪارخاني لڳ ڪنهن جهوپڙيءَ ۾ رهندي هئي. موڪلائڻ وقت مون هن کي وري اچڻ لاءِ گذارش ڪئي.

ليلا هينئر اڪثر اچڻ لڳي. منهنجي ۽ هن جي ملاقات روزمره جو دستور ٿي پيو. اسان هر موضوع تي بحث ڪندا هئاسون، ۽ آءٌ دل جو بار هلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. زندگيءَ جون گهڙيون منهنجي لاءِ دلچسپ ٿيڻ لڳيون. ڪنهن وقت سوچيندو هوس ته جيڪڏهن ليلا جي بينائي قائم هجي ها، ته يقيناً هن جي سونهن ۾ اضافو ٿي وڃي ها! عورت جا ناز ڀريا خماري نيڻ ڪيڏو نه مدهوش بنائي ڇڏيندا آهن! جيتوڻيڪ انهيءَ باري ۾ رڳو ٻين کان ڳالهيون ٻڌيون هيم، پر اکڙين جي انهن جادو ڀرين ادائن جو ذهني طور پاڻ به قائل هوس. خوب ڄاتم ٿي ته منهنجي اُميد ڪيتري نه چريائپ واري هئي. جيڪڏهن ليلا کي اکيون هجن ها ته هوءَ دردر ڌڪا ڪين جهلي ها! جي پينو به هجي ها، ته به خيرات کان وڌيڪ مون کان ڪجهه وٺڻ لاءِ تيار نه ٿئي ها ۽ نه وري هن جون اکيون ڪڏهن به کيس مون وٽ آڻڻ لاءِ تيار ٿين ها، ۽ نه ئي وري ساڻس ڳالهائڻ جو موقعو ئي نصيب ٿئي ها.

ماڻهو اسان جي ملاقاتين کان واقف ٿي چڪا هئا، مگر ڪنهن به حسد ڪين ڪيو. ”باندر“ هئڻ ڪري هنن جي مذاق جو مرڪز ته اڳ ئي هوس. هينئر وري انڌيءَ جي عشق هڪواريءَ هنن کي کلڻ لاءِ وڌيڪ موقعو ڏنو. انڌيءَ ۽ بدصورت جي ميلاپ تي ڀلا ڪير نه کلندو؟

هڪ ڏينهن مون ليلا کان پڇيو، ”ليلا تون مون بابت ڇا سوچيندي هوندين؟“ هوءَ شرمائجي ويئي ۽ هن جي چپن تي مرڪ اچي ويئي. آءٌ خوشيءَ ۾ ڀرجي ويس.

”ها! ٻڌاءِ ليلا“، مون هن کي پيار مان چيو.

”ڇا، مان ڪڏهن چيو آهي ته تون خراب ماڻهو آهين؟“ هن مشڪندي وراڻيو.

جيتوڻيڪ منهنجو ارادو ڪين هو پر احساسات جي غلبي سبب مون هن کان پڇيو، ”ليلا! تون مون کي پسند ڪرين ٿي؟“ هن شرم وچان ڪنڌ جهڪايو ۽ مون محسوس ڪيو ته حياتيءَ جو لطف اُن منظر ۾ اچي چڪو هو. ليلا موڪلائي ويئي. ”ليلا!“ ”ليلا!“ مان ڪيترو نه خوش نصيب هوس جو هن هيڏيءَ ساريءَ بي وفا دنيا ۾ آءٌ به ڪنهنجو نالو پيار سان پڪاري سگهيس ٿي. حياتي، جا مون لاءِ اڳ وبال هئي، سا هينئر بدلجي جنت ٿي پيئي.

جيڪي مون تي کلندا آهن، سي منهنجا دشمن آهن. سمجهو کڻي منهنجي بدصورتيءَ بابت هنن ليلا کي اڳ ئي ڪجهه ذهن نشين ڪرايو هجي! ڇا هنن ائين ڪيو ته ڪين آهي؟ ڪهڙو اعتبار! پر هن ويچاريءَ کي ڪهڙي خبر ته خوبصورتي ڇا ٿيندي آهي، جڏهن جو هن کي رات ڏينهن جي پروڙ پئجي نٿي سگهي. آءٌ ائين ڪونه ٿو چوان ته هن جو ڄائي ڄم کان نابيانا هجڻ، منهنجي خوش قسمتي هئي. پر ڇا، اها هن جي بدبختي به هئي ڪيئن؟

ليلا ٻئي ڏينهن آئي. آءٌ شاديءَ متعلق سوچي رهيو هوس: ’ڇا اسان جو نڪاح ڪو ملان پرهڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ هي خدا جا بندا ديني اصولن کي ٽوڙڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيندا! هنن جي شريعت موجب اسان جو ميلاپ ممڪن نه آهي. هو اسان جي مدد هرگز نه ڪندا! حالانڪ هنن کي خبر آهي ته مون جهڙي بدشڪل کي ليلا کان سواءِ ٻي وني ملڻ محال آهي. هو ضرور چوندا ته مان مسلمان آهيان: پر ڇا اها حقيقت آهي؟‘ مون هن کان پڇيو، ”ليلا، مون سان شادي ڪندينءَ؟“ هوءَ گهري سوچ ۾ غلطان ٿي ويئي. شايد منهنجو مسلمان هجڻ ئي هن جي سوچ جو موضوع هجي. ”ڇا ٿي چوين؟ ليلا، اهو ڪافي آهي جيڪڏهن تون صرف هي سمجهين ته آءٌ به هڪ انسان آهيان. الله تعاليٰ توکي منهنجي لاءِ پيدا ڪيو آهي. ذات پات ۽ هي مذهبي ڍونگ سڀ انسان جي دماغ جي پيدائش آهن.“

هڪ عرضدار جي حيثيت ۾ مان هن جي جنبش ۾ آيل چپن ڏانهن نهاري رهيو هوس. پنهنجي حيثيت ان خونيءَ جهڙي سمجهي رهيو هوس، جو جج اڳيان فتويٰ ٻڌڻ لاءِ منتظر هوندو آهي. ها.... هي فيصلو ليلا ئي ڪري سگهي ٿي ته مون کي هن دنيا ۾ رهڻ گهرجي يا نه؟ ليلا خاموش رهي. مان پنهنجي تقرير جاري رکندي دهرايو، ”ليلا! چئه، ڪجهه ته چئه: آءٌ توکي پنهنجي حفاظت ۾ رکڻ گهران ٿو. وعدو ڪر ته مون کي خوش رکندينءَ.“ ”آءٌ غور ڪنديس“. آخر هن وراڻيو. ”جڏهن مان ڪٿان لنگهندي آهيان ته ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ته ’هوڏانهن نهاريو باندر جي محبوبه وڃي رهي آهي.‘ هنن جي هن اشاري مان ظاهر آهي ته تون سهڻو ڪين آهين.“

”پر تون ڇا ٿي ڀانئين، ليلا؟“ مون نهايت ئي بيقرار ٿي پڇيو. ”آءٌ نٿي سمجهي سگهان ته حسن مان هنن جي ڇا مراد آهي، نه وري ڪو مان باندر ئي ڏٺو آهي. هو ڇا ٿا چون مونکي ان جي پرواهه ڪانه آهي. جيڪڏهن هو چون ها ته هن دنيا جي تختي تي تون هڪ حسين ترين شخص آهين تڏهن به آءٌ آخر ڇا سمجهان ها! مون هيءَ دنيا اکين سان نه، پنهنجي دل سان ڏٺي ۽ سڃاتي آهي. مان حسن ۽ بدصورتي پنهنجي دل سان پرکيندي آهيان. تون مسلمان آهين ۽ مان هندو استري. جيڪڏهن توکي اعتراض نه آهي ته مونکي به ڪينهي. مان سمجهو ٿي ته هن دنيا ۾ مونکي ڪنهن جي به محبت حاصل ٿيڻي ڪانه آهي. پر........“ ”ها.... ها... ’پر‘ ڇا؟“ مون انتظاريءَ سان کانئس پڇيو.

”هائو،.....پر....’پر‘ گهڻو ڪجهه آهي خاص طرح هن پنڻ جي ڌنڌي جي حالت ۾ مون ۾ پاڪ عورت ڪانهي جا توکي پيش ڪريان. اگرچ انڌي آهيان تڏهن به مون چاهيو ٿي ته مون سان به ڪو پيار ڪري. پر ساري ڏينهن جي ڌڪن ۽ ٿاٻن کان پوءِ، منهنجو پينن وارو خالي ڪستو منهنجي ۽ منهنجي ماءُ جي خالي پيٽ ڏانهن تڪي، شيطاني کل کلندو رهيو. مونکي ڪيترن ئي شهوت پرست انسانن اڳيان چپ رهڻو پئي پيو آهي. ڪوبه شخص هڪ نوجوان پينو فقيرياڻيءَ جي ڪستي ۾ رڳو خيرات طور پئسو نٿو اُڇلي! مون ٿي سمجهيو ته تنهنجي شروع ۾ همدردي به ساڳيءَ بنا تي آهي. مون کي معاف ڪج. اڄ سڀني انسانن کان وڌيڪ منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ عزت پيدا ٿيل آهي!“ منهنجا جهٽ پلڪ لاءِ ته تاڪ لڳي ويا. ڪجهه وقت خاموشي طاري رهي. آخر مون ان خاموشيءَ کي ختم ڪندي چپ چوريا، ”ليلا! اها ماڻهن جي مطلب پرستي آهي. مون کي ان جي پرواهه ڪانه آهي.“ هو خاموش رهي.

ڪجهه ڏينهن پڄاڻان، اهو وقت به اچي ويو، جنهن سموري ڳوٺ ۾ چوءٻول مچائي ڏنو. بنا ڪنهن ملان مولويءَ يا ٻانڀڻ برهمڻ جي ۽ بنا ڪنهن شاهد گواهه يا سفارش جي، هن ۽ مون- ليلا ۽ عبدالله خاموش وعدو ڪيوسون ته حياتيءَ جا باقي ڏينهن هڪ ٻئي جي سک ڏک جا ساٿي ٿي گذارينداسون.

ماڻهن لاءِ تماشو وڌندو رهيو. هو کلندا رهيا. جڏهن ليلا ۽ ماڻس مون سان اچي رهڻ لڳيون، تڏهن سماج جا نام نهاد ٺيڪيدار عجب جي نشانيءَ جهڙو حليو بڻائي تڪيندا رهيا. آءٌ ليلا جي دل ڏاڍي پرڀائيندو رهيس. ”ليلا، ڀل ته ماڻهو کلن... کلڻ ڏين.... هو چريا آهن.“

اسان هينئر باقاعدي زندگيءَ ۾ قدم رکيو. ليلا هينئر ماءُ ٿيڻ واري هئي. منهنجي بدشڪلي ۽ ليلا جي نابينائي ٻار جي پيدائش لاءِ ڪا روڪ ڪين هيون. هينئر مونکي اهي مسرتون حاصل هيون جن جو آءٌ زندگيءَ ۾ تصور ئي نه ٿي ڪري سگهيس. عاشق.... شوهر ۽ هينئر.... پيءُ ٿيڻ وارو هوس. واهه خدا، تنهنجا لک شڪرانا! تون وڏو آهين!

ليلا، ويم کان ٻه مهينا اڳ بيمار ٿي پيئي. ڊاڪٽر کي گهرايم ۽ هن کي التجا ڪيم ته ”مونکي ليلا بچائي ڏي.“ هن چيو ته ”تشويش جهڙي ڳالهه ڪانه آهي. اميد ته جلد ٺيڪ ٿي ويندي.“ ٿوري جهٽ رکي، ڊاڪٽر پڇيو ته ”ڇا هوءَ ڄائي ڄم کان نابينا آهي؟ مان هن جون اکيون آپريشن ڪري ٺيڪ ڪري سگهان ٿو. البت هينئر آپريشن ناممڪن آهي. ويم کان بعد سولائي ٿيندي.“ ڊاڪٽر جي انهن لفظن منهنجي دل ۽ دماغ تي خوب وار ڪيو. ڇا هو چوي ٿو ته ’مان ليلال جون اکيون ٺيڪ ڪري سگهندس!‘ ڇا پوءِ هوءَ مون کان نفرت ڪندي! ان شخص کي... جنهن کي هوءَ محبت جي لائق تصور ڪندي آهي. ڇا روشني ملڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجو پيار ۽ مون لاءِ عزت قائم رکي سگهندي؟ مگر ڊاڪٽر آءٌ ڇا چوان! نه، ڀل ته هوءَ ائين ئي هجي! مون رڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ’ليلا، ڊاڪٽر ٿو چوي ته تنهنجون اکيون ٺيڪ ٿي وينديون‘! مان مٿيون جملو بار بار دل ۾ دهرائيندو رهيس. مان هن کي ڪيئن سمجهايان ته هن جون اکيون منهنجي تباهيءَ جو باعث بڻبيون. ليلا جنهن منهنجي دل کي چڱيءَ پر پرکيو هو، سا منهنجي جسماني ڪيفيت کان بلڪل نا واقف هئي. چيائين ته ”جيڪڏهن مان پنهنجي ديد واپس وٺي سگهان، ته ڏاي خوش نصيب چئبيس. جڏهن مان توکي ٻنهي اکين سان ڏسي سگهنديس ته تون پاڻ وڌيڪ مونکي پيار ڪندين.“ بيماريءَ جي باوجود به هن جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪيو ٿي. هي سڀ ان لاءِ ته هن کي نئين زندگي ملڻ واري هئي. ڊاڪٽر نسخو ڏيندي چيو، ”جڏهن ليلا ٺيڪ ٿي وڃي ته پوءِ تون مون وٽ اچج ته آپريشن متعلق وڌيڪ ڳالهائينداسون.“

ليلا خاموش هئي، مگر منهنجي دل ۾ طوفان ٿي اٿيا. منهنجو دماغ ڪيترن ئي وهمن ۽ وسوسن جو مرڪز بڻجي چڪو هو.

مان ورانڊي جي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺس. هيءُ گهر هو جتي منهجي آرام جو وقت گذرندو هو سو به هينئر ختم ٿيندو پئي نظر آيو. منهنجي دنيا تمام ننڍڙي هئي ’نه.... نه، تون ليلا کي بينائي نٿو ڏيئي سگهين. اڙي ڊاڪٽر! تون منهنجن دشمنن سان ساز باز ڪري مونکي تباهه ڪرڻ گهرين ٿو؟ پر ياد رک آءٌ پهريائين توکي ختم ڪندس. تو اسان جي آرام واريءَ زندگيءَ ۾ ڇو خلل وڌو آهي؟ پر، نه... تنهنجو ته اهو فرض آهي. تنهنجو ان ۾ ڪهڙو قصور؟ ڀل ليلا جون اکيون ٺيڪ ٿين ۽ ڀل ته هوءَ غريب ان نعمت کي ماڻي، زندگيءَ جون چار گهڙيون خوش گذاري. اها نعمت ته انسان کي غريب چاهي امير کي بنا ڪنهن امتياز جي عطا ٿيل آهي. پر مان جيڪر، ان کان اڳ، جو هوءَ محسوس ڪري ته باندر ڇا ٿيندو آهي، هن دنيا جي تختي تان هوند مٽجي وڃان. تڏهن ئي ته آءٌ هن جي يادگيريءَ ۾ هڪ انسان ۽ سچو محبوب ٿي گذاري سگهندس! ڇا هن جو پيار مون لاءِ پوءِ به ساڳيءَ طرح قائم رهي سگهندو؟‘ هاءِ، منهنجي دل.... ڏکي رهي هئي!

آخر اسان کي پٽ ڄائو، سماج هن ناجائز ٻار جي پيدائش تي ٿرٿلي ۾ اچي ويو! ڪيترا ته گڏهه وانگر هينگي هينگي کلڻ لڳا. ڪهڙي نه عجيب چيز آهي هيءَ دنيا! ڇا اها حقيقت نه هئي ته بدشڪل پيءُ ۽ نابينا ماءُ جو هيءُ ٻالڪ معصوم هو! هن ۾ ليلا جي رعنائي، ۽ منهنجون اکيون هيون.

ليلا هينئر تندرست ٿي چڪي هئي. هڪ دفعي هن مونکي اها ڳالهه ياد ڏياري جا مطلب پرستيءَ منهنجي ذهن مان اُڏائي ڇڏي هئي. ”هاڻ ڊاڪٽر ڏانهن هلڻ نه گهرجي؟“ کيس ڪهڙي ڄاڻ ته سندس انهن لفظن، منهنجي اندر ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون انڌاريون ۽ طوفان پيدا ڪري ڇڏيا! مون ڪوڙ ڳالهائيندي، کيس دلداري ڏني ته ”مون کان ڳالهه وسري ويئي هئي. اڄ وڃي ڊاڪٽر سان ضرور ملندس.“ مان غوطا کائي رهيو هوس. ٻن ڪلاڪن جي بي مقصد چڪرن بعد اچي ليلا کي ٻڌايم ته ”ڊاڪٽر مري ويو آهي.“ ان کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيس. مون ٿي ڀانيو ته شايد اهي لفظ به اُڪري نه سگهن. ليلا خاطر ههڙي ڀل مانس ۽ ڪمائتي ڊاڪٽر جي موت تي جيڪو ڏک مون کي ٿيڻ گهربو هو، رڳو ان جو ٺلهو ڏيکاءُ به ڪين ڪيم. مون پنهنجي دل ۾ خود مطلبيءَ کي ڇپائي رکيو. هيءُ سڀ ڪجهه آءٌ پنهنجي حفاظت ۽ دائمي آرام لاءِ ڪري رهيو هوس: مڄاڻ جو ائين ڪرڻ سان من کي هميشہ لاءِ اشانت ڪري رهيو هوس.

ڏکيا سکيا ڏينهڙا گذرندا رهيا هڪ ڏينهن جيڪي ڪجهه مون گهر پهچي ڏٺو، تنهن منهنجي دل کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. ليلا جي ماءُ ٽامي جو ديڳڙو ڪمري مان کڻي پاسي ڪري ڪونه رکيو هو. ليلا، ٻار جي رئڻ تي جڏهن بنا لٺ جي پينگهي ڏانهن ڊوڙ پاتي ته ٿاٻڙجي وڃي در جي تاڪ سان لڳي. رت زور سان وهي رهيو هوس. مون کيس بنا ڪنهن دير جي اسپتال پهچايو.

زندگيون جلي رهيون هيون. ڇا، هاڻي کلڻ تي دل ٿئيو ٿي؟ آءٌ وڌيڪ شڪايت ڪونه ٿو ڪريان. ٻئي ڪندي منهنجي شڪايت جي پرواهه به ڪير ٿو ڪري؟

’ليلا! منهنجي زندگي!... منهنجي دنيا!‘ ڊاڪٽر مون کي سڏ ڪري ٻڌايو ته ”سخت ڌڪ آيل ٿو ڏسجي، حالت خراب آهي.“ مان ليلا ڏانهن ڊوڙ پاتي. هن جو سور کان برو حال هو. مان ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سڏڪا ڀريندي چيو، ”اوهان اچي ويا؟ مان موڪلايان ٿي. صرف هڪ حسرت دل ۾ کڻي ٿي وڃان ته اوهان کي ڏسي نه سگهيس.“ ليلا جي هيءَ آخري اُميد منهنجي همت جو امتحان هئي. ڇا هوءَ ان لاءِ افسوس ڪري رهي هئي ته ڊاڪٽر مري ويو آهي؟ ”ليلا!“ مان هن کي چيو، ”مون کي اکين سان ڏسڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي. ڇا تو مون کي پنهنجي ڪشاديءَ ۽ پاڪ دل جي اک سان نه ڏٺو هو؟ مان سمجهان ٿو ته توئي مون کي هن دنيا ۾ چڱيءَ طرح ڏٺو آهي. ماڻهو هڪٻئي کي اکين سان ڏسي سگهن ٿا پر سڃاڻي بنهه ڪين ٿا سگهن. پياري... غم نه ڪر. تون جلد ئي ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“

هن مون ڏانهن نهاريو ۽ چؤطرف خاموشي ڇانئجي ويئي. چمڪندڙ سج اڳ ۾ ئي غروب ٿي چڪو هو: ليلا ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ اکڙين مان ڳوڙها ڳڙي هليس. منهنجي حالت خراب ٿيندي ٿي ويئي. منهنجو ڳجهه پڌري ٿي پوڻ تي هو. مان وڌيڪ بيهي نه ٿي سگهيس. ليلا جي ماءُ آئي ۽ ٻار کي ماءُ جي پاسي ۾ ليٽايائين. ننڍڙي جيتامڙي، روئڻ شروع ڪري ڏنو. مان وائڙو بنيو چپ چاپ بيٺو رهيس. ليلا جو پاڪ روح پرواز ڪري ويو. ياد نه آهي ته مون ان وقت ڇا ڪيو. هڪڙي دل بيهجي ويئي ۽ ٻيون دليون ڦسي پيون.... سج رخصت ٿي چڪو هو، ۽ اونداهي ڪاري ٿي رهي هئي.

ماڻهو جيڪي منهنجي بدشڪليءَ ۾ جذبا ۽ احساس نه ٿا پروڙي سگهن، سي اڃا کلندا ٿم. آءٌ ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن آءٌ به انڌو هجان ها، ته منهنجي هيءَ آتم ڪهاڻي ڪهڙو رخ وٺي ها!

 

دنيا جي سال ۱۹۵۴ع وارن، بهترين مختصر افسانن ۾ شمار ٿيل

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment