Showing posts with label اکڙيون، ڪ ٽ محمد، ملايالم، انگريزي، سشيلا مرزا، سنڌي، الاهي بخش لاڙڪ، ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts
Showing posts with label اکڙيون، ڪ ٽ محمد، ملايالم، انگريزي، سشيلا مرزا، سنڌي، الاهي بخش لاڙڪ، ڪھاڻي، افسانو،. Show all posts

Sunday, November 29, 2020

اکڙيون - الاهي بخش لاڙڪ

اکڙيون

اصل: ڪ. ٽ. محمد جو ملايالم ٻوليءَ ۾ لکيل

انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ: سشيلا مرزا

سنڌيڪار: الاهي بخش لاڙڪ



جن کي به الله اکيون ڏسڻ لاءِ ڏنيون آهن، سي مونکي ڏسي کلندا آهن، ۽ ڪي ته بنهه ليڪو لنگهي اچي ٽهڪن ۾ پوندا آهن. هنن جي ڏندن جي نمائش ۽ گڏهه وارين هينگن جو هڪ هي به راز آهي، ته مون به هڪ دلبر سان نينهن اٽڪايو هو ۽ توڙ نباهي وڃي شادي رچائي هيم. هو هن ڳالهه تي اچرج کائيندا آهن ته آءٌ ڪيئن عاشق ٿيس؟

جيڪڏهن اوهان هنن کان هن بي موقعي هينگڻ جو سبب پڇندا، ته هو يڪدم اوهان کي چوندا، ’ذرا ڪنڌ ورائي هوڏانهن ته نهاريو!‘ چڱو هينئر مان اوهان جي اڳيان آهيان. اوهين امين ٿي فيصلو ڏيو ته مون ۾ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن لاءِ مون تي کل جي ايتري ٺٺري کڻي ٻڌي اٿن! آخر  آءٌ به ته الله جي پياريءَ اشرف المخلوقات جو هڪ فرد آهيان.