Saturday, November 28, 2020

ٻه ڳوڙها - شيخ حفيظ

ٻه ڳوڙها

شيخ حفيظ



آفيس مان نڪري، ٿڙندو ٿاٻڙندو، هڪ هوٽل اڳيان اچي بيهي رهيو. ڪجهه دل من پڇيائين، ۽ پوءِ، اندر گهڙي ويو. ڪنڊ ۾ پيل هڪ ميز کيس دل وٽان جڙي، پاسو ڏيئي وڃي اتي ويٺو.

هو هڪ افسانه نويس هو، ۽ هڪ آفيس ۾ ڪلارڪي ڪندو هو. افسانه لکڻ، آفيس ۾ گهاڻي جي ڏاند جيان ڳهڻ، ۽ هوٽلن ۾ ماني کائڻ، هن جي ڪل زندگي هئي.

هوٽل ڪو عاليشان ڪين هو. وچولي درجي جو هوٽل اهڙو جنهن ۾ هڪ ويلي مانيءَ جو بل ڏهه ٻارنهن آنا اچي، ۽ چانهه جو ڪوپ وغيره ملائي، لٿي پٿي هڪ رپيو ٿئي.

هو ميز تي وڃي ويٺو ته ڊبل روٽيءَ جيان ڳٽن ڀريل هڪ ڇوڪري اچي کانئس آرڊر پڇيو.

”ڇا تيار آهي؟“ هو ڀڻڪيو.

”ڀينڊي گوشت، پٽاٽا گوشت، سائي ڀاڄي، دال، روس، مغز، مرغي...“ ڇوڪر کي ڄڻ چاٻي اچي ويئي، ۽ هو طوفان ميل جي رفتار سان کاڌن جي فهرست ٻڌائڻ لڳو.


افسانه نويس، پنهنجي لاءِ تمام معمولي ٻوڙ مانيءَ جو آرڊر ڏنو، ۽ منهن ورائي پنهنجي آس پاس واري ماحول کي جاچڻ شروع ڪيو. سامهون هوٽل جي بورچيءَ هڪ وڏي هنڊي مان چمچو گهمائي گهمائي، ڀري کڻي پليٽ ۾ وڌو. ڇوڪري، هڪ هٿ ۾ چلڪندڙ پاڻيءَ جا گلاس آڱرين ۾ لڙڪائيندي، ۽ ٻئي هٿ ۾ مانين جي ٿالهيءَ تي ٻوڙ پليٽ کڻي اچي سندس ميز تي اڳيان پٿاريا. افسانه نويس، ويچارڻ لڳو، ”ڪهڙا نه گندا آهن، هي هوٽل وارا! هن ميز تي، الائجي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو، کاڌو کائي ويا هوندا! الائجي ڪهڙن ڪهڙن مرضن جا جيوڙا ڇڏي ويا هوندا! ۽ هي بورچي....“ هن جي خيالن جي زنجير اڃان اڌ ۾ ئي هئي، ته هوٽل جو ڳاڙهو ڳٽول، ڊبل روٽيءَ وانگر سڄيل ڇوڪرو سامهون پئي گراهڪ وٽ ڀينڊي گوشت، پٽاٽي گوشت، سائي ڀاڄي، دال، روس، مغز، برياني، پلاءُ....جي ياد ڪهات ڪڍڻ لڳو، ۽ پوءِ هو ڪنڌ هيٺ ڪري مانيءَ کي کائڻ لڳي ويو. گهڙي پل رکي، هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿي ورتو، ۽ وري پنهنجي خوراڪ چرڻ ۾ لڳي ٿي ويو. ماني کائڻ کي هو هميشه ”آهر چرڻ“ چوندو هو، ڇو ته سندس خيال موجب، عام ماڻهن کي نڪي ماني ملي ٿي، ۽ نڪو هو کائي ئي ڄاڻن! ”هو ته بس چري ڄاڻن، ۽ چربي آهي آهر، نه ماني. ماني ته کائبي آهي!“ هو پنهنجي خاص نوع ۾ چوندو هو.

ٿلهو ڇوڪرو ٻئي گراهڪ کي ماني ڏئي، ٻين ميزن کي صفا ڪرڻ ۾ لڳي ويو. اتان هٿ واندو ڪري، هن پريان ٻيءَ ڪنڊ ۾ رکيل ڪٻٽ مان هڪ ڊبل روٽي ڪڍي، سلائيسن ڪٽڻ جي مشين ۾ وجهي، سلائيسون ڪٽيون، ۽ اچي هڪ ميز تي رکيائين. ڪنٽر تي وڃي، هن هڪ چانهه جو ڪوپ ورتو، ۽ ميز تي اچي، چانهه ۾ ڊبل روٽي ٻوڙي کائڻ لڳو.

افسانه نويسن ڪڏهن ڪڏهن، اکيون کڻي، هن ڏانهن ڏسي ٿي ورتو، پر وري پنهنجي ”آهر چرڻ“ ۾ مگن ٿي ٿي ويو ”هو دل ۾ سوچي رهيو هو، هي ڇوڪرو ڪير هوندو؟ ڪٿان آيو هوندو؟ ڳاڙهو ڳٽول لڳو پيو آهي! هتي هوٽل ۾ نوڪري ڇو ڪئي اٿس؟ پڙهي ڇوڪين ٿو؟ هن جيڏا ٻيا ڇوڪر ته اسڪول ۾ علم......“ يڪايڪ هن جي خيالن جي زنجير ٽٽي پيئي. ڀرسان ٻيءَ ميز تي ٻيو هڪ ڇوڪرو هڪڙي نئين آيل گراهڪ لاءِ ”آهر“ رکي رهيو هو. موٽندي، ڇوڪري جو هٿ افسانه نويس جي سامهون رکيل گلاس کي لڳي ويو، ۽ پاڻي گلاس مان ڇلڪي سندس مانيءَ تي اچي پيو. افسانه نويس کي ڪاوڙ اچي ويئي. ڪرڙيون اکيون کڻي هن ڇوڪري ڏانهن نهاريو. هن جون نگاهون ڇوڪري جي نظرن سان ٽڪريون، عجيب بي ڪسيءَ ۽ پڇتاءُ جون هيون اهي نظرون! ڪاوڙ ڀريا لفظ هن جي من مان اڦرڪي چپن تائين آيا، ۽ اتي ئي بند ٿي ويا. هن محسوس ڪيو، ڄڻ ڇوڪرو اکين ئي اکين ۾ چوندو هجي ”سائين،...... مونکي معاف ڪر. ڀل ٿيم..... تون بخش....... تون ته وڏو آهين..... آءٌ اڃا ٻار آهيان......... ڏس........ منهنجي اکين ۾....... منهنجي اکين ۾ اڃان ننڊ ڀري پيئي آهي....... آءٌ رات پوريءَ طرح سمهي به ڪين سگهيو هيس...... آءٌ سڄو ڏينهن، هن هوٽل ۾ ڳهندو آهيان.......۽........۽ سائين...... تون گوڙ ڪندين ته سيٺ مونکي ماريندو. پوءِ ........ مونکي معاف ڪر...... مان غريب آهيان....... مسڪين.....ابهم.“

ڇوڪري جي اکين مان هن انيڪ افسانا پڙهي ورتا هن، اُتي غريبت ۽ اڻ هوند جون دردناڪ ڪهاڻيون پڙهيون، ۽ ذلت ۽ بيشرميءَ جون ٺٺوليون پڙهيون. انهن اکين ۾، هن انسان جي ڪٺل، ڪچليل انسانيت جي روئداد ٻڌي، ۽ مظلوم معصوميت جون التجائون ۽ داستان پڙهيا. پوءِ هو وري ڪنڌ هيٺ ڪري آهر چرڻ لڳي ويو.

ٿلهو پٺاڻ ڇوڪرو، ڊبل روٽي ۽ چانهه ختم ڪري، اٿي کڙو ٿيو. ۽ پوءِ هو، نٻل هيسيل ڇوڪرو، ڪنٽر تان چانهه وٺي اچي ميز تي ويٺو. هن چانهه جي هڪ ٻه سرڪي ڀري، ۽ پوءِ، شايد هن محسوس ڪيو ته کيس بک به هئي. هو اٿيو، ۽ ڪٻٽ مان ڊبل روٽي ڪڍي، ٻه سنهيون سلائيسون ڪپي کڻي آيو. رکي ڊٻل روٽي وات ۾ وجهي، هن چڪ سان، گراهه وڍيو، ۽ چانهه جي ڪوپ مان سرڪي ڀري وات ئي وات ۾ مليدو ٺاهي، ڳڙڪائڻ لڳو. ”ڪيترو نه مختلف آهن، هي ٻئي ڇوڪرا! شايد هو ڊبل روٽيءَ جيان سڄڪ، ڳاڙهو ڳٽول ڇوڪرو به ڪڏهن ڳري جهري، هن نماڻي نٻل ڇوڪري وانگر سڙي سڪي گهنجيل ڪاٺيءَ مثل ٿئي ويندو!“ افسانه نويس سوچڻ لڳو.

ڇوڪر چانهه ختم ڪري ورتي. هو فقط هڪ سلائيس ڳڙڪائي سگهيو هو. ٻي هن کان ڪانه هلي سگهي. هو وري ڪنٽر ڏانهن ويو، خالي ڪوپ ڪنٽر تي رکي، هن ڊبل روٽيءَ جي بچيل سلائيس، اوبر واري ٿانوَ ۾ اڇلائي.

افسانه نويس جون اکيون ڇوڪر ۾ کتل هيون. ڇوڪرو ڊبل روٽيءَ ڏانهن ائين گهوري نهاري رهيو هو، ڄڻ چوندو هجي ”ڏسو ته سهي، منهنجو کاڄ ئي ڪيترو! پر.....“ ۽ ڇوڪر ٿڌو ساهه ڀريو...... افسانه نويس کي ڄڻ ڪنهن چوچڙي دکائي هنئين. هن جي دل ۾ خيال آيو ته هو ڇوڪر کي ڀاڪر پائي چوي ”تون اداس ڇو آهين؟ تون ٿڌا ساهه ڇو ٿو ڀرين؟ تنهنجي اداسائي ته پوريءَ ڪائنات کي اداس ڪيو ڇڏي...... معصوم ننڍڙا نينگر، تون اداس نه ٿي.....“ پر هو خاموش رهيو.

نٻل معصوم ڇوڪر، چانهه جي ڪنٽر سامهون بيٺو، ڳاڙهي ڳٽول ڇوڪري کي اداس نظرن سان چتائي ڏسي رهيو هو. ڪنٽر جي پٺيان بيٺل ماڻهو، ڳاڙهي ڳٽول ڇوڪر کي هوس ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هو. نئين نويل ڇوڪر کي ڪاوڙ اچي ويئي. ”ڇاهي ڙي؟“ ڇوڪر پنهنجو پورو زور لڳائي رڙ ڪئي.

”چريءَ جا ڦر!“ ڪائونٽر پٺيان بيٺل ماڻهوءَ سندس رڙ جو جواب ڏنو.

”هڻ ڀيڻ........ (گار ڏئي) کي،“ رانڌي اندران رنڌڻي رڙ ڪئي.

”پوءِ تون.....“ ۽ ڇوڪر چوندي چوندي رڪجي ويو. ڄڻ ڪنهن ڄڀ ڪوري ڪڍي هجيس.

ڪنٽر پٺيان بيٺل ماڻهو، ڏند ڀيڪوڙي ٻاهر نڪتو. هن ڇوڪر جي وارن کان وٺي، کيس ٻه ٽي ڌانڌوڙا ڏنا، ۽ سندس ڪنڌ مٿي ڪري، سندس منهن ۾ ڏسڻ لڳو. ڄڻ چوندو هجي ”سمجهو ڇا ٿي ڙي؟.... گوڙ ٿو ڪرين؟.... سڌو ٿي هلندين يا...“ ۽ پوءِ هن کي ڇڏي ڏنائين.

ڇوڪر جا وار ڇٽا، ته هو گهڙي پلڪ ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو رهيو، ڄڻ ڪجهه سوچيندو هجي، پوءِ هن ڪنڌ کنيو، ٻه موتين جهڙا ڳوڙها، ڇوڪر جي پلڪن تي ڄمي بيهي رهيا ڄڻ چوندا هجن، ”ياد رک، اڳتي، ايترو به ٻاهر ڪونه اينداسونءِ!“

ماني ختم ٿي چڪي هئي. افسانه نويس هٿ ڌوئي، دخل تي اچي پئسا ڏنا. ٻاهر نڪري، هو ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر ڏانهن هلڻ لڳو.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment