Monday, November 30, 2020

هڪ گجراتي گيت جي آڌار تي لکيل - گوورڌن محبوباڻي

(هڪ گجراتي گيت جي آڌار تي لکيل)

ڪهاڻي

گوورڌن محبوباڻي – اجمير



ڳوٺ جي الهندي ڇيڙي تي صرف اهو ئي هڪ کوهه هو. ڳوٺ جون سندريون گهڻو ڪري ان کوهه تان پاڻي ڀرڻ اينديون هيون. صبح يا شام جي وقت، جڏهن سورج پنهنجي لالي آڪاس جي نيلي اڱڻ  ۾ ڦهلائي ڇڏيندو هو، تڏهن کوهه جو ڀروارو وايو منڊل انهن ڇٻيلين جي ٽهڪن ۽ چوڙين جي مڌر جهنڪار سان گونججي اٿندو هو. انهن چنچل ڇورين جو روپ، رنگ، جوڀن ۽ لوڏ ڏسي، کوهه جي اندر ۾ عجيب هلچل مچي ويندي هئي. هن جي هرديي ۾ هڪ انوکي جذبات جون لهرون اٿنديون هيون. سوچيندو هو، ”ڇو مون سان ڪا ٻه اکر به ٻولي نه ٿي – الائي ڇو؟ سڀ پنهنجي مستيءَ ۾ محو آهن. پاڻ ۾ ئي مذاق ڪري، ٽهڪ ڏيئي هلي ٿيون وڃن!“ ويچاري جي دل جون تمنائون دل ۾ ئي رهجي وينديون هيون. هو البيليون ته موٽي وينديون هيون ۽ ويچارو کوهه لاچار دل جي امنگن کي دٻائي سانت ٿي ويندو هو.


اهو روزانو دستور هو. مگر هڪ ڏينهن ........... جڏهن رات – راڻيءَ جي پنهنجي ستارن لڳل ڪاري پوتي آسمان مٿان ڦهلائي ڇڏي هئي، جڏهن اوچن وڻن جي وٿين مان سوساٽ ڪري لنگهندڙ هوا ڪو مڌر ساز وڄائي رهي هئي، تڏهن اوچتو آواز آيو – ”ڇم........ ڇم........ ڇم.....“ ان اَويلي وڳڙي هيءُ آواز ڪهڙو؟ ڇا آڪاس مان ڪا اپڇرا هيٺ ڌرتيءَ تي اچي رهي هئي؟ شام جي سندر نظارن جي نشي ۾ اڌ ٻوٽيل اکيون کولي کوهه حيرت مان چوطرف نهاريو. وري آواز آيو..... ”ڇم........ ڇم........ ڇم.....“ ۽ وڻن جي اوٽ مان هڪ نوراني ناري چيلهه تي گهاگهر رکي، ڌيري ڌيري کوهه ڏيد وڌڻ لڳي. هيءَ ڪير هئي؟ مانگ ۾ سنڌور، مستڪ تي چمڪندڙ چندي، سرير تي ريشمي ڪپڙا، گلابي رئو، هٿن تي لال ميندي ۽ پيرن ۾ ڇم ڇم ڪندڙ مڌر ڇير .......... نوڙيءَ ۾ ٻڌل گهاگهر گرڻيءَ تان گسڪندي هيٺ پهتي. کوهه جي هر ديي ۾ هلچل پيدا ٿي. ۽آواز آيو، ”تون ڪير آهين سندري؟“

ان نوورنيءَ ڪو به جواب ڪو نه ڏنو، صرف حيرت وچان هن چوطرف نهاريو. کوهه مـُرڪيو. مڌر آواز ۾ پڇيائين، ”سندري! تون شايد هن ڳوٺ ۾ نئين آئي آهين. اڳ ته مون ڪڏهين به توکي ڪو نه ڏٺو آهي.“

”جي! هن ڳوٺ ۾ آئي مون کي اڃا ٻه ڏينهن ٿيا آهن،“ سندريءَ ڪومل سُر سان چيو، ”تازو شادي ڪري ساهرن ۾ آئي آهيان.“

”اڃا ٻه ڏينهن ٿيا آهن تنهنجي شاديءَ کي؟ پوءِ نئين ڪنوار ٿي، تون پاڻ پاڻي ڀرڻ ڪيئن آئي آهين؟“

سندري شرمائجي ويئي. لڄ وچان سندس ڳلن تي هزارن گلابي گلن جي لالائي ڊوڙي آئي. چپ کي چڪ پائي آهستي چيائين، ”ڇا ڪريان؟ منهنجو پتي پوڙهو آهي. هن ۾ ايڏي طاقت ڪانهي، جو پاڻ پاڻي ڀري. گهر ۾ ٻيو ڪو ڪونهي، سواءِ اسان ٻن جي.“

”پوڙهو پتي؟ تنهنجي پوڙهي سان شادي! اهو ڪيئن؟“

سندريءَ جي اکين ۾ آنسو تري آيا. ڏکاري آواز ۾ چيائين، ”اسان جي سماج جا اهڙائي ڪرتوت آهن. چانديءَ جي چمڪي منهنجي پيءُ جي اکين تي انڌ جا کوپا چاڙهي ڇڏيا، ۽ هن پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي قربانيءَ جي ٻڪري سمجهي مـُٺ رپين ۾ نيلام ڪري ڇڏيو.“

”ڏاڍو ظالم آهي زمانو، نهايت برو آهي اڄوڪو سماج،“ کوهه سرد آهه ڀري چيو.

”پر تون هن اَويلي وڳڙي اڪيلي ڇو آئي آهين؟“

”ڏينهن جي وقت مان گهر کان ٻاهر ڪين نڪرندي آهيان،“ سندريءَ چيو.

”ائين ڇو؟“

”لڄ ايندي آهي مون کي – متان منهنجون جيڏيون سرتيون يا پاڙي واريون مون کي چيڙائين  ۽ تنگ ڪن!“

”ٺيڪ – تنهنجو نالو؟“

”چمپا............ ۽ تنهنجو؟“

”ماڻهو مون کي ”پنگهٽ“ جي نالي سان پڪاريندا آهن.“

ٿوريءَ دير لاءِ ٻئي خاموش رهيا. چمپا گهاگهر ڀري چيلهه تي رکي. پنگهٽ پيار مان پڇيو، ”وري ڪڏهن ايندينءَ؟“

”سڀاڻي هيڏيءَ مهل،“ چمپا وراڻيو - ۽ پوءِ هوءَ ڇم ڇم ڪندي کوهه جي نظرن کان غائب ٿي ويئي.

ٻئي ڏينهن ..........

پنگهٽ پڇيو، ”تون اداس ڇوآهين، چمپا؟“

”منهنجي قسمت ۾ ئي اداسي لکيل آهي! سورهن سالن جي جوان ڇوڪري ۽ ٻاهٺ سالن جو ٻڍو گهوٽ – ڪهڙو نه الٽو آهي دنيا جو دستور – انڌو آهي اسان جو سماج.“

”ڇو، تون شاديءَ مان خوش ڪين آهين؟ تنهنجو پَتي ته بيحد شاهوڪار آهي. ڏس! توکي سهڻا ڪپڙا ڏنا اٿس، دلڪش ڳهڻا ڏنا اٿس. زيور ته زالن لاءِ سڀڪجهه هوندا آهن.“

”تون به دنيا جي انسان جيان ڳهيلو آهين، پنگهٽ! عورت جي دل کي اڃا توسمجهيو ناهي. هر عورت هم عمر ساٿي چاهيندي آهي. ويچار ته ڪر، منهنجي زندگيءَ جي بهار اڃا هاڻي شروع ٿي آهي، مگر هن جي زندگيءَ جي خزان به ختم ٿي چڪي آهي. ڪٿي چمڪندڙ چنچل جواني ۽ ڪٿي گهنجيل پوڙهي پيشاني؟ ويران وارياسي زمين ۾ جڏهن ننڍڙي لهر ڇل ڇل ڪندي گهڙندي آهي، تڏهن ان ويرانيءَ کي سرسبز ڪرڻ بدران پاڻ سڪي ٺوٺ ٿي ويندي آهي. سمجهين ٿو، پنگهٽ! منهنجا امنگ، منهنجا جذبا ۽ منهنجا ارمان ڦٽڻ کان اڳ ئي ڪومائجي ويا! دل جون تمنائون دل ۾ ئي ٻوساٽجي ويون!“

”منهنجو به اهڙو حال آهي، سکي!“ پنگهٽ چيو. ”مان به چاهيندو آهيان ته ڪا مڌر چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري مون سان ڳالهائي، ڪا پنهنجي دل جو حال مون سان اوري، پر ڪا به سندري مون ڏي ڌيان ئي ڪين ڏيندي آهي. هڪ تون آهين، جنهن منهنجي سالن کان سانڍيل نراش اڀلاشا کي آشا جي جهلڪ ڏيکاري آهي. مون سان سنٻنڌ رکندينءَ، چمپا؟“

”ڇو ڪين؟ مگر سنسار وانگر تون به سوار ٿي نه ثابت ٿين!“

”مان ۽ سوارٿي؟ اڙي واه! جيون جو اپڪار ڪرڻ جنم کان وٺي منهنجو فرض رهيو آهي: مان سنسار کي اهو امرت ڏيندو رهيو آهيان، جنهن بنا شايد ڪو جِي نه سگهي.“

”پڪو سنٻنڌ رکندين مون سان؟ ٻڌو اٿئي ته دوست اهو، جو مصيبت ۾ ڪم اچي. مشڪل ۾ ئي مترن جي سچائيءَ جي پريکشا ٿيندي آهي، پنگهٽ!“

”تون ڪو ويچار نه ڪر. ضرورت پيئي ته مان تو لاءِ سڀ ڪجهه ڪندس.“

”ٺيڪ. مان روز رات جو تو وٽ اينديس. ساري رات توسان مٺڙيون ڳالهيون ڪنديس. هن پوڙهي لاءِ مون کي نفرت آهي، سخت نفرت.“

ان کان پوءِ جڏهن روز رات جو چمپا جو پوڙهو پتي، آفيم جي ذري کائي سويل ئي ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويندو هو، تڏهن چمپا چيلهه تي گهاگهر رکي، ايندي هئي پنگهٽ وٽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ٻنهي جي پريت جو پيچ ويو پڪو ٿيندو.

هڪ رات چمپا پاڻي ڀري، سويل ئي موٽڻ لڳي. پنگهٽ ذرا حيرت مان پڇيو، ”هيءُ ڇا سکي: سويل ئي ڇو ٿي وڃين؟ ڇو، اڄ ڳالهيون نه ڪندينءَ؟“

”طبيعت ٺيڪ ناهي هُن جي،“ چمپا البت اداس نوع ۾ وراڻيو، ”ڪالهه کان دم جو دورو تيز ٿي پيو اٿس.“

پنگهٽ ڪڇيو ڪين. چمپا تڪڙي تڪڙي هلي ويئي.

........... ۽ ان کان پوءِ برابر ڪيترا ڏينهن هوءَ پنگهٽ وٽ ڪين آئي. ويچارو پنگهٽ! رات ٿيندي هئي ته ڳوٺ کان ايندڙ سڙڪ تي اکيون وڇائي وهندو هو ۽ چمپا جي اوسيڙي ۾ ساري رات جاڳندي گذاريندو هو، مگر هوءَ ڪين ايندي هئي. هن سوچيو ”شايد چمپا هلي ويئي، اصل لاءِ........“

ليڪن هڪ آڌيءَ رات جو، جيئن هن ڇرڪ ڀري اکيون کوليون، تئن هن چمپا کي سامهون زمين تي ويٺل ڏٺو – ڇڙيل وار، سفيد ميري ساڙهي ۽ چوڙيون غائب. هوءَ گوڏن ۾ منهن وجهي سڏڪا ڀري رهي هئي. حيرانيءَ مان پنگهٽ پڇيو، ”روئين ڇو ٿي، چمپا؟“

”مان وڌوا ٿي ويس – منهنجو پتي گذاري ويو.“

”ڇا چيئه؟ گذاري ويو! ڪڏهن؟“

”اڄ صبح جو......... هاڻي منهنجو ڇا ٿيندو؟“

”ڇو؟“

”مان بيواهه ٿي چڪي آهيان – هاءِ مون ڇا ڏٺو، ڇا ماڻيو هن دنيا ۾؟ ڏس پنگهٽ اڃا ته منهنجي پيرن تان پوري ميندي به ڪين لٿي آهي – ڪهڙو منهن کڻي وهنديس سماج جي وچ ۾!“

”ڇو، ڇو – سماج توکي ڇا ڪندو؟“

”ڇا ڪندو؟ مان سماج جي نظرن ۾ ڪِري پيس، پنگهٽ!“

”عورتون مون کي نڀاڳي سمجهي، مون کان پاسو ڪنديون، ۽ ڪامي ڪـُتا پهرين منهنجي مذاق اڏائيندا ۽ پوءِ پنهنجي ناپاڪ خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ هر طرح جون شيطاني ڪارروايون ڪري، مون کي ستائيندا. مان ڇا ڪريان؟ منهنجو ته ڪو ئي آڌار ئي نه رهيو!“

”چري آهين، چمپا! موٽي وڃ مائٽن ڏي.“

”مائٽن جي گهر جا دروازا به مون لاءِ بند ٿي چڪا آهن، پنگهٽ! وڌوا ڌيءَ کي پيءُ به گهر ۾ اجهي ڏيڻ کان ڪيٻائيندو آهي. چو طرف راهون بند آهن. مان بيوس آهيان، پنگهٽ!“

”اوه، ڏاڍا برا آهن سماج جا قانون.“

”ليڪن منهنجو قصور ڪهڙو؟ مون لاءِ ته شادي بربادي ثابت ٿي. هاڻي منهنجي هيءَ سندرتا، منهنجي هيءَ جواني يا ته رڙندي رئندي لوساٽجي ويندي، يا هـَوسي ڪتن جو شڪار ٿيندي.“

”پوءِ ڇا ٿي ڪرڻ چاهين؟“

”آئي آهيان تو وٽ – تون ئي منهنجو ساٿي آهين.“

”مان؟........ مان توکي ڪهڙي مدد ڏيئي سگهندس؟“

”شرڻ ڏي مون کي پنهنجيءَ گود ۾.........“

”ڇا تون خودڪشي ڪندينءَ؟“ کوهه ڇرڪ ڀري پڇيو، ”نه نه مان توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس: آپ گهات مها پاپ آهي!“

”منهنجي لاءِ ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو پڃ ڪونهي. پنگهٽ! سماج جون حيواني لتون مون کي لتاڙڻ لاءِ تيار آهن – سماج جا ٺيڪيدار، بگهڙ بڻجي منهنجي هر انگ کي چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ پنهنجون لال لال اکيون ڦاڙي مون ڏي تڪي رهيا آهن – مون کي بچاءِ انهن ظالمن جي چنبن مان!“

”مان توکي اجهو ته ڏيان، چمپا،“ پنگهٽ چيو، ”پر خبر اٿيئي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ دنيا مون کان منهن موڙي ڇڏيندي: مان ويران ٿي ويندس، برباد ٿي ويندس.“

”مگر تو ته انجام ڏنو هو، پنگهٽ! مشڪل ۾ منهنجي مدد ڪرڻ جو.“

”پر مان لاچار آهيان. ذرا ويچار ته ڪر، مان توکي شرڻ ڪئن ڏيان. توکي منهنجي آغوش ۾ پيل ڏسي ماڻهو هميشه لاءِ مون کان منهن ڦيري ڇڏيندا. منهنجو امرت جهڙو پاڻي تنهنجي مرده جسم سان ملي زهر بڻجي پوندو، ۽ پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو هن طرف کان لنگهندا به ڪين: سندريون ڀلجي به هن طرف ڪين اينديون. ڌيري ڌيري منهنجو جسم سُڪي ٺوٺ ٿي ويندو، ۽ پوءِ منهنجي ويران جسم ۾ چٻرا اچي پنهنجا ڏيرا ٺاهيندا. نه نه مان توکي اجهو ڏيئي ڪين سگهندس!“

”بس! ڊڄي وئين ايتري ۾؟ وڏو پرمار ٿي ٿي سمجهيئه پاڻ کي، سوار ٿي ڪٿي جو! اڳ ته وڏيون ٻٽاڪون ٿي هنيئي پنهنجي سچائي جون، ۽ هينئر............ پر تنهنجو ڪهڙو ڏوهه! مان بيواهه جو آهيان: بيواهه کان هرڪو ٿو ڇرڪي. خبر ناهي مون کي ڪهڙو داغ لڳل آهي....... مون سوچيو هو ته هن خود غرض دنيا کان منهن موڙي، مان هميشه لاءِ پاڻ کي توسان ملائي ڇڏينديس؛ پر تون به ٻين جيان رس لوڀي نڪتين! جڏهن ساريون راتيون تنهنجي بغل ۾ ويهي تو سان ڳالهيون ڪندي هيس، تڏهن تون ڪهڙا نه وعدا ڪندو هئين؛ مگر هينئر جڏهن دائما وصل لاءِ تو وٽ آئي آهيان، تڏهين ائين ٿو ڳالهائين، گويا مون سان تنهنجو ڪو واسطو ئي ڪين هو! سوچيو هوم ”جڏهن سماج مون کي ڏهاڳ جو ڏنڀ ڏنو آهي، تڏهن تون مون کي سهاڳڻ بڻائي، هميشه لاءِ پنهنجي سيني ۾ سمائي ڇڏيندين“: پر تون به اول درجي جو مڪار ۽ ڪپتي ثابت ٿئين!“ چمپا اٿي کڙي ٿي.

کوهه جو جگر ڪنبي اٿيو – هن جي اندر ۾ هڪ عجيب هلچل شروع ٿي ويئي. ڏڪندڙ لهجي ۾ هن چيو، ”ترس، چمپا!“

”ڇا لاءِ؟“

”مون کي ويچار ڪرڻ ڏي.“

”ويچار؟ هاڻي؟ پهرين، جڏهن پريت ٿي رکيئي تڏهن ڇو نه ٿي ويچار ڪيئي؟ پر مان ته وڃان ٿي. وري موٽي تو وٽ ڪا نه اينديس – ها! پر هڪ ڳالهه ياد رکج: جڏهين ڳوٺ جي ماڻهن واتان منهنجي بيهودي پچار ٻڌين، تڏهن مون کي ڏوهه نه ڏج، پنگهٽ! چڱو آخرين الوداع..........“

پنگهٽ جي دل تي چوٽ لڳي. هن رڙ ڪئي، ”چمپا! موٽي آءُ!“

”موٽي اچان؟ ڇو؟“

”اچ اچ! مان توکي پاڻ سان ملائڻ لاءِ تيار آهيان. جڏهن سماج توکان منهن موڙيو آهي، تڏهن مان توکان منهن ڪيئن موڙيندس. خوب ڄاڻٻان ٿو ته توکي اجهي ڏيڻ کان پوءِ تنهنجو ۽ منهنجو موت لازمي آهي، پر ڀلائي ڪندي مرڻ به ته امرتا جو درجو پائڻ آهي. اچ! منهنجي آغوش ۾ اچ!“

خوشيءَ وچان چمپا جون اکيون چمڪي اٿيون. هن ڊوڙ پاتي - ۽ پوءِ پنگهٽ جي پاڻيءَ ۾ ڌڪاءُ ٿيو..........

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)


No comments:

Post a Comment