Saturday, November 28, 2020

نئون شڪار- ابن الياس سومرو

نئون شڪار

ابن الياس سومرو



اندران پٽَ جي پاٽي، ۽ ٻاهران گار جي لولي لڳي پيئي هئي. ”اڙي، تنهنجو دستگير ڳاٽو ڀڃي، مولا مشڪل ڪشا نڙيءَ ۾ ڳنڍ ڪڍيئي، شل ايڏوڙو وڃين؛ روز ٿو نانگن کاڌو، منهنجي معصومڙي کي ماري.“ اندران ماسي ڦاپو پٽ پاراتو ڪري رهي هئي: جيڪڏهن ڪو نورل کي ماريندو هو، ته بس ڪاري واري مچائي ڏيندي هئي؛ هونءَ ماڻهن کي خبر هئي ته هميشہ ننڍڙي نورل کي، گولين جي راند تي يا ڪنهن ٻئي سبب، ڪوپاڙي اوڙي جو ڇوڪر ٻاڪر ماريندو هو ته هي جهيڙو لڳندو هو، پر اڄ ماسي ڦاپوءَ، ماڻهن ڏي نهاري، ڳالهه ئي ڪا اور پئي ڪئي! چي، ”ڪميڻو ڪنهن جاءِ جو، در وٽ بيهيو، اندر پيو ليا پائي، شرم نٿو اچيس؛ پنهنجي ماءُ ڀيڻ ڪانهيس ڇا؟


ٻاهر وري جعفر جو ڀاءُ غلامون، سو گارين جا دس چاڙهي رهيو هو. ”تنهنجي ماءُ.....، تنهنجي ڀيڻ....، ٻاهر ته ڪڍينس، ته لت لت تي رکي ٿو چيريانس.“

صبح جو!! جو وقت هو، رستي تي ڳنڍن وارا، ۽ لٺين ۾ ڦوڪڻا ٻڌي وڪڻڻ وارا، به اچي گڏ ٿيا، تنهن سان گڏ کنڊ جي ڊيپوءَ تي ماڻهو اچي جمع ٿيا هئا، سي به ٻاهر نڪري اچي ملاکڙو ڏسڻ بيٺا. وڏو ڌمچر مچي ويو، ۽ هڪ عجيب صورت حال پيدا ٿي چڪي هئي.

ماسي ڦاپوءَ جو ڪنهن داد فرياد نه ڪيو، سڀني ائين چيو ته هن ڇوڪري جو اصلي ڏوهه ڪونهي، سڀ انهيءَ مائي جا ڪم آهن، جا چوويهه ڪلاڪ ”وڙهان وڙهان“ پئي ڪري!

هونءَ، اسانجي پاڙي ۾، جنهن کي غريب آباد جي نالي سان سڏيندا آهن، عام طور ان وقت تي هڪ خاموشي ۽ سست رفتاريءَ جو عالم هوندو آهي. پاڙي جي جاڳڻ جو وقت صبح جو 8 بجي، ۽ رات جو اٺ وڳا هوندو آهي، نه ته سڀڪو پنهنجو منهن وٺيو پيو ويندو آهي. مثلاً، امام بخش چاچو، پنج ست مينهون ۽ ڍڳيون ڪاهيو، پناهگير ڇوڪرين کي هٽائيندو لنگهندو آهي. هي انهن کان انهيءَ ڪري خفا ٿيندو هو جو هو هميشه ڇيڻي کڻڻ جي لالچ ۾ ڍڳين ۽ مينهن جي پٺ ۾ اکيون وجهيو پيون هلنديون هيون، ڇيڻو لٿو ناهي، ۽ کنيو نه آهي. ”اري اُٺائو، سليمن، خبردار! جاني نه پائي“ وغيره جا آواز ٿيندا هئا. حسين رازو، سٿڻ جو هڪڙو پائنچو مٿي ۽ هڪڙو هيٺ، تڪڙو تڪڙو، آڱرين تي نه ختم ٿيندڙ حساب ڪندو پيو ويندو آهي، جنهن کي غريب آباد جا لچا لچا ڇوڪرا ڏسي پريان چوندا هئا، ”حسين! ڏوڏيءَ جو سير گهڻي آهي؟“ حسين، بنا لوڻي ڦيرائڻ جي، چوندو هو ”ماڻهين کان وڃي پڇو.“ ۽ قاضي صاحب جو وڏو پٽ، گرلس هاءِ اسڪول جي لاريءَ جي انتظار ۾ ٿنڀ بنيو پاسي ڪنڊ ۾، چپ چاپ بيٺو هوندو آهي.

مگر اڄ ته قصوئي اونڌو هو، هڪڙي طرف گار، ٻئي طرف پِٽ، ۽ ٽئين طرف ماڻهن جو گوڙ، ڪوبه جهيڙي ۽ گارين کي بند ڪر جي جرات ئي نه پيو ڪري، ڦاپوءَ کي ماٺ ڪرائڻ ڪنهن به حالتن ۾ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. ڦاپوءَ جو هرهڪ لفظ ۽ هرهڪ ڳالهه پاڙي ۾ وڏي کان وڏي ڳالهه هوندي هئي، جنهن جو مقابلو ڪير به نه ڪري سگهندو هو.

ڦاپوءَ جي گهر جي حالت ڇا هئي؟ ٽي پٽ هئس: هڪڙو مس وهيءَ رسيو هو، ڇڙهو ڇانڊ هو، پر ڪنهن به پرائيءَ نياڻيءَ سياڻيءَ ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندو هو، مانيءَ ڳڀو ٻڌي، ڍڪيءَ جو گهران نڪرندو هو، ڪوهه ڏيڍ پنڌ تي مزوري ڪري مس اٿلي واپس ورندو هو. باقي ماسي ڦاپوءَ جا ٻه پٽ، بس سياري اونهاري، ڪاري ٿلهي بافتي جون ليڙون لڙڪائيندا، پاڙي جي ننڍڙن ٻارن سان وتندا هئا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙون پائيندا، ۽ آئي وئي جون ڇڙٻون جهليندا هن کي ٻه نياڻيون به هيون جن مان هڪ کي مڙس ڇڏي ڏنو هو، ۽ ٻي پنهنجي ٻارن ۽ خاوند سميت وٽس رهندي هئي، ڦاپوءَ کي ان ڌيءَ مان هڪ سامايل ۽ خوبصورت ڏهٽي به هوندي هئي، بس، ڦاپوءَ جي پهنجن شادي ٿيل ڌيئن سان ايڏي محبت ۽ سندس ٻيا اهي ننڍا وڏا جهيڙا جهٽا سڀڪو پاڙي وارو ائين چوندو هو ڪير آخر هنن سان پنهنجو پلؤ اٽڪائيندو! ڪنهن کي پنهنجي عزت وڃائڻي آهي، جو هن ڪني ڪينجهر ۾ هٿ وجهندو! ميان! پٽڪو به سلامت نه هوندو انهيءَ نئين ناٺيءَ جو.“

زالون ڪنهن راڄ ڪاڄ ۾ گڏ ٿينديون هيون، ته ڦاپوءَ جي ڳالهه ضرور آڻي وچ ۾ وجهنديون هيون، خاص ڪري، مائي ڪريمان ڳالهه چوريندي هئي، جيڪا هڪ ئي وقت پاڙي جي دائي، ٻوڙ ڀاڄيءَ جي خبر رکندڙ، ۽ بنا تند تار نياپا آڻيندي هوندي هئي، ڳل تي اڱر رکي، شروعات ڪندي هئي، ”مائي! ڳالهه ٿي ڪجي، ته وڃيو پري پوي، منهنجي غلامونءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو سندس، جو گاريون به ڏنائين، ۽ پٽ پاراتو به ڪيائين، پنهنجيءَ وهڙيءَ کي نٿي جهلي، جا ڀتيون پيئي ٽپي.“ ڪريمان دائيءَ جو گهر، ڦاپوءَ جي ڀر ۾ هوندو هو، تنهن ڪري سندس ڳالهه، ٻين جي بنسبت، سچي ۽ معتبر سمجهي ويندي هئي. سڀني جو ڇرڪ نڪري ويو، ”هان!“ ”مائي هي زماني جا حال آهن.“ ”توبه! خدا حقون به رکي ناحقون به رکي...“ ناني جنت، جيڪا ڪنهن ڪنڊ ۾ زالن کان پرڀرو، ننڍين ننڍين نينگرين سان مغز ماري پيئي ڪندي هئي، ۽ وقت سر زالن کي مٿي جي سور جا ڦيڻا پيئي هڻندي هئي، ۽ سندس ٻارڙن جا تپ پيئي ٻڌندي هئي، سا به اُتي پنهنجي مذهبي معلومات ۽ پنهنجي موجودگيءَ جي اظهار ڪرڻ خاطر، ڪنهن ڪنهن مهل، وچ ۾ ورندي ضرور ڏئي ”امان! ڪهڙو ضرور آهي، ايڏين اڌين ساماڻل نياڻين کي گهر ۾ وهارڻ جو، شرع محمديءَ موجب، سويل ئي شينهن ڪلهي چاڙهي ڇڏجين.“

اهڙين ڳالهين هلندي، جي مٿان ڦاپل اچي سهڙندي هئي، ته پوءِ وري خبر نه آهي، ته ڇو، سڀئي منهن ٻئي پاسي ڪري، يا ماٺ ڪري ويهي رهنديون هيون، ۽ ويچاري ڦاپل وري ماٺ ڪري ويهي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، چلم جا ٻه ٽي گڙڪاٽ ڪڍي، هلي ويندي هئي. پاڙي ۾ هن کي ڪيترن نالن سان سڏيندا هئا. ڦاپو ڦڪڙ، ڏائڻ، ڪاز ڄڀي، سڃي سکڻي، گهر تاڪائو، ۽ خبر نه آهي ته ٻين ڪهڙن لقبن سان کيس ياد ڪندا هئا. هن کي به اها سڄي خبر هوندي هئي، ته ماڻهو پرپٺ کيس ڇا ٿا سمجهن، پر، وس پڄندي جهيڙي جي پاڻ شروعات ڪانه ڪندي هئي، هائو، جي ڪنهن پهريائين هن سان هٿ اٽڪايو، ته پوءِ مجال آهي جو آڻ مڃي!

آخر هن جي ڏهٽيءَ لاءِ مائٽيون اچڻ لڳيون، مگر سڀ ڌريون هن جي ڏهٽيءَ کي ڏسي، پسند ڪري، مٺائي، ڏيئي، رضامند ٿي وينديون هيون، پر وري شاديءَ جي ڏينهن ٻڌڻ لاءِ ڪا ڌر ڪانه موٽندي هئي، هتي پٺيان انتظار ۾ هوندا هئا ته اجهو ٿا اچن ۽ ڏينهن پڪا ڪن. سڀڪو انهيءَ تي گهڻو خوش پيو ٿيندو هو، اهي ساڳيا پاڙي وارا جيڪي هن جي وهاريل نياڻيءَ کي اٿارڻ لاءِ هن کي ڦٽ لعنت ڪندا هئا، سي اندر ئي اندر پيا کڳيون هڻندا هئا. سر گوشيون ٿينديون هيون، ٽهڪن تي ٽهڪ لڳندا هئا، ۽ تاڙين تي تاڙيون وڄنديون هيون، پر سڀني کان دائي ڪريمان مڙيئي اڳتي هوندي هئي. نيٺ هلندي هلندي، ماسي ڦاپو ويچاري ڊهي پيئي. ڪجهه کنگهه، ڪجهه تپ ته هن کي مندن کان ايندا هئا. اُڏوهي لڳل اڪيليءَ ٿوڻيءَ وانگر واءُ جهڪ جا ڌوڻا جهليندي جهليندي لڏندي لمندي، نيٺ وڃي پٽ پيئي. پر جيئڻ جي ڪا زال ۾ امنگ هئي! صبح جي پهر ۾، جڏهن بت ۾ ڪجهه خنڪي ڀائيندي هئي، تڏهن پنهنجن پراون تي بس ڪڙڪاٽ پيا پوندا هئس مٿاڇري مٿاڇري ڏسندڙن کي ته لکائي ڪانه پوندي هئي ته ڪا بيمار آهي.

ترت ئي هڪڙي ڏينهن صبح جو، دائي ڪريمان جي معرفت، سڄي پاڙي ۾ هيءَ ڳالهه پکڙجي ويئي، ته ڦاپوءَ جي ڏهٽيءَ کي ويٺي ويٺي پبٽ ٿي پيو آهي! سڀ ان کي شرع ۽ مذهب جي خلاف سمجهڻ لڳا، ساڳيون چميگويون نئين سر شروع ٿي ويون، اشارا ٿيڻ لڳا، دٻيل دٻيل کلڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، ڳليءَ ڳليءَ ۾ ذڪر نڪتو ۽ ساڳئي ڏينهن شام جو ڦاپوءَ جي موت جو ڄاڻ پهتو. سڀني جي واتان رڳو ”اڙي!“ ٿي نڪتي. چيائون ”ڇو؟ ڪڏهن اهڙي بيمار ٿي؟“ ”ڪيئن مئي، ڇا ٿيس؟“ اهي مختلف سوال ماڻهن جي واتان پئي نڪتا. ساڳيون زالون جي سندس عيب جوئي ڪرڻ لاءِ هميشه سندرا ٻڌيو بيٺيون هونديون هيون، سي به ارمان ڪرڻ لڳيون، سندس ڪفن لاءِ گهر ۾ هڪ پئسو به نه هو، شام تائين ڪوبه ڪفن دفن جو بندوبست نه ٿي سگهيو. پاڙي ۾ چندو ٿيو. جيڪي ڪنجهي ڪرڪي ٻه چار پيسا گڏ ٿيا، تن مان مرحومه جو ميت اجاريو ويو ۽ امانت ڌڻين کي پهچائي وئي. مرڻ کان پوءِ جن جي گهران ڪفن لاءِ پيسو پائي نٿو نڪري، انهن تي کلڻ ته تمام سهنجو ڪم هو، پر انهن جي عزت سنڀالڻ، تمام ڏکيو ڪم. پاڙي وارن کي ڦاپوءَ جو جهيڙو، ۽ گارگند جلد ٿي آڏو آيو، ۽ سندن واڇون تماشي ڏسڻ لاءِ تمام جلد ٽڙي ٿي ويون، پر عزت تي ڏک ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان به ڳوڙها ڪونه ڪريا!

دائي ڪريمان جو پٽ غلامون ڏس هاڻ ته ڳاٽ مٿي ڪيو پاڙي ۾ وتي گهمندو، ڪڏهن سيڌي جي دڪان وٽ، ڪڏهن بجليءَ جي ڳاڙهي ٿنڀي وٽ، ۽ ڪڏهن ڪنهن جي گهر جي دروازي اڳيان اچو بيهي نورل کي به مار نٿي ڏنائين؛ زالون کيس ڏسندي ڏسندي پاسو ڏيئي پئي لنگهيون، مرد به ماٺ ماٺ ۾ ڪن ٽار ڪيو پئي هليا چليا، مگر ڪوبه هن کي چوڻ وارو نه هو. امام بخش چاچو ڍڳيون مينهون وٺيو، پناهه گير ڇوڪرين کي ڇينڀيندو، ڳالهائيندو ائين ئي لنگهندو ٿو رهي، حسين رازو سٿڻ جو پائنچو هڪڙو هيٺ ته ٻيو مٿي، آڱرين تي حساب ڪندو ائين ئي ويندو ٿو رهي، پاڙي جي اٿڻ جو وقت، صبح جو اٺ بجا، ۽ سمهڻ جو رات جا اٺ بجا، اڄ به ساڳيو آهي. اهڙيءَ طرح وقت پنهنجي اڻ لکي رفتار سان ائين ئي گذرندو پيو رهي. ڦاپوءَ جا جهيڙا جهڳڙا ته هاڻ بلڪل بند ٿي چڪا هئا.

سانوڻ جو مهينو آيو، جهڙڦڙ ٿي، سنهي بوند پئي پيئي، رستي تي ڪجهه ٻار پئي ڊوڙيا، ماڻهو ڪي دڪانن وٽ بيٺا هئا، ۽ ڪي آيا ويا پئي، غلامون پنهنجن ٻن سنگتين سان گڏ پيروءَ ٽانگي واري جي طنبيلي وٽ بيٺو هو، ٻنهي هٿن سان وار ٺاهيائين، منهن آسمان ڏانهن ڪيائين ۽ ٿورو مشڪي چيائين، ”ڀيڄ مولا..... ڪو نئون شڪار ڏيار.... ڀيڄ..... ڀيڄ.“

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment