Monday, November 30, 2020

لوئي تنوير- عباسي

لوئي

تنوير عباسي



مون هن کي سڃاتو ئي ڪين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو، واقعي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو به سالن کان پوءِ هو. هن جي مٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون، وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو هئائين. سندس رنگ ڪنهن اس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، ۽ قميص جا بٽڻ کليل هئس، اندران سندس پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.


مون کي اعتبار ئي نه آيو ته هي ڪو ساڳيو رفيق آهي، جو مون سان پورو سال گڏ پڙهيو هو - جنهن جو منهن ڀريل ۽ رنگ نکريل هوندو هو، جنهن جا وار سدائين سليقي سان سنواريل هوندا هئا ۽ جنهن جي نراڙ تي هڪڙي چڳ سدائين لهرائيندي نظر ايندي هئي. ۽ سدائين صاف پئنٽ ۽ رنگين بش شرٽ ۾ ملبوس نظر ايندو هو.

مان ۽رفيق ڇهين درجي ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. ان زماني ۾ جڏهن ماستر اسان کي پڙهائيندو هو، ته هي نوٽبڪ تي ماستر جي ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ٺاهڻ ۾ مشغول نظر ايندو هو ۽ جڏهن ڪلاس پوري ٿيڻ بعد مون کي اهي ڪارٽون ڏيکاريندو هو، ته اسين ٻئي گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئاسين، ۽ ٿوريءَ دير بعد هن جي چپن تي هڪ مرڪ کيڏندي نظر ايندي هئي، ڄڻ ته انهن ٽهڪن ڏيڻ سان هن کي سندس محنت جي پوري قيمت ملي وئي هجي.

سڄو سال هن ماسترن جي ڪارٽونن ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ڪڍڻ ۾ گذاري ڇڏيو، ۽ جڏهين نتيجو نڪتو ته ظاهر هو ته هو ناپاس ئي ٿيو.

ان کانپوءِ، هن سان گڏجڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو. ڇو ته مان پاس ٿي ويو هئس، ۽ هي ساڳي ئي درجي ۾ ماسترن جا ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جا اسڪيچ پيو ڪڍندو هو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، مون کي خبر پيئي ته هن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي. هن بورڊ تي هيڊ ماستر جو ڪارٽون ٺاهيو هو. ان ڏوهه ۾، اسڪول کان نڪرڻ بعد، وري هو مون کي نظر نه آيو، ۽ مون به ڪراچي ڇڏي، حيدرآباد ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي.

اڄ ٽن سالن بعد جيئن ئي مان چانهه پيڻ جي خيال کان هوٽل ۾ گهڙي رهيو هئس، ته هن مون کي ٻانهن کان جهلي پاڻ ڏي ڇڪيو. واقعي پهرين مون هن کي سڃاتو ئي ڪو نه، پر پوءِ غور سان ڏسڻ بعد، معلوم ٿيم ته هو ساڳيو رفيق آهي. اسڪيچن ۽ ڪارٽونن وارو رفيق، جنهن جو منهن ڀريل هوندو هو، ۽مون سان گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو.

مان هن کي پنهنجي گهر وٺي آيس. هن مون کي ٻڌايو ته هن کي گهر مان ڪڍيو ويو آهي - انهيءَ ئي فن جي شوق سببان. سندس والد جو چوڻ هو ته هو رنگن برشن تي اجايو خرچ ٿو ڪري ۽ سدائين سندس ڪپڙن تي رنگن جا داغ نظر اچن ٿا - بيڪار پيو ٿو وقت وڃائي- ان ڪري اهو شوق ڇڏي ڏئي. پر هو بدستور تصويرون چٽيندو رهيو. ڪڏهن درياءَ جي مست لهرن جون، ته ڪڏهن اوڀر تي اٿندڙ شفق جي وڻندڙ لالائيءَ جون.

انهيءَ کان پوءِ گفتگو جو موضوع ڦري، ان وقت جي حالتن تي آيو. هي اهو وقت هو، جو ماڻهن ۾ پنهنجي قوميت جو احساس اچي چڪو هو، ۽ هر طرف کان پنهنجي تهذيب کي بچائڻ جا آواز اٿي رهيا هئا. نوجوان طبقو ڪافي سجاڳ ٿي چڪو هو، پر رفيق نهايت جذباتي ٿي ويو هو. هن چيو، ”هاڻي ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏي، مون پنهنجي وطن کي تصويرن ۾ چٽڻ شروع ڪيو آهي.“ هن مون کي ڪجهه تصويرون به ڏيکاريون- ”سکر براج“، ”لئنسڊائون پل“، ”سنڌي نينگرين جو کوه تي جهرمٽ“، ”سنڌي ٻڪرار پنهنجي ٻڪرين سان“، ”ڪوٽڙي براج جي ڪنڌيءَ سان خانه بدوشن جا لڏا“- انهن سڀني نظارن کي هن رنگن جي قيد ۾ آڻي ڇڏيو هو. هن شاهه جي بيتن کي تصويرن ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو. ”نوري“، ”سسئي“ ۽ ”مارئي“ اهي سڀ هن چٽيون. انهن ۾ مون کي ”مارئيءَ“ جي تصوير ڏاڍي وڻي- هن ۾  ڏيکاريو ويو هو ته هڪ عاليشان محل ۾ مارئي پٽ تي ليٽيل آهي. هن جا وار پريشان آهن، ۽ سندس سادا ۽ ميرا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن ۽ هوءَ انهن ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ اوگهڙ کي لوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

”هن تصوير جي قيمت گهڻي ٿيندي؟“ مون هروڀرو کانئس پڇيو. ”هن تصوير جي قيمت؟“ هن جي چپن تي طنزيه مرڪ ڊوڙي وئي. ”ماڻهن وٽ پئسو ڪٿي آهي. اهڙن تصويرن تي خرچ ڪرڻ لاءِ؟ هنن کي فلم ائڪٽريسن جون اڌ اگهاڙيون تصويرون کپن“ ائين چوڻ سان هن جي دل ڀرجي آئي، ۽ چيائين ”ڀاءُ! اسان جو عوام بکيو آهي. هن کي جنس جي بک، روح جي بک..... اهي. هن جو به ته ڏوهه نه آهي. هن کي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنهنجي بک مارڻي آهي ۽ آرٽسٽ؟ اهي به بکيا آهن. پيٽ جا بکيا. گويا هي به هڪڙو بک جو سودو آهي. آرٽسٽ عوام جي بک مٽائن ٿا ۽ عوام آرٽسٽن جي........“

ٻه ٽي ڏينهن مون وٽ رهڻ بعد، هو روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويو.......... ۽ سندس خط مون ڏي ايندا رهيا. ڪڏهن لاڙڪاڻي مان ته ڪڏهن سکر مان، ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان، پهريائين تڪڙا تڪڙا خط لکندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري خط لکڻ به بند ڪري ڇڏيائين. سندس خطن ۾ سدائين سندس فن جي قدر نه ٿيڻ جوذڪر هوندو هو.

هڪ سال بعد، اوچتو هن جو خط آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي اچڻ متعلق لکيو هو.

جنهن ڏينهن هو اچڻ وارو هو، تنهن ڏينهن مان اسٽيشن تي ويس. گاڏي اچڻ تي مون ٿرڊ ۽ الٽر گاڏا ڳولڻ شروع ڪيا. خلاف توقع هو هڪ سيڪنڊ ڪلاس گاڏي مان سوٽ ڪيس کڻي هيٺ لٿو.

مون ڏٺو ته هو ساڳيو رفيق هو. اسڪول وارو رفيق، جنهن جا ڳل ڀريل هئا ۽ وار سليقي سان سنواريل هئا، ۽ هڪڙي چڳ سندس پيشانيءَ تي لڙڪي رهي هئي، ۽ هو هڪ اوچي سوٽ ۾ ملبوس هو.

هن گاڏيءَ مان لهڻ شرط سوٽ ڪيس ڪوليءَ جي حوالي ڪيو ۽ مون سان چنبڙي ويو. گهر وٺي اچڻ بعد، مون هن کي چيو، ”تنهنجي حالت هاڻي سڌري وئي آهي- شايد هاڻي دنيا تنهنجي فن جو قدر ڪرڻ لڳي آهي.......!“

”ها...........!“ هن هڪ ڦڪيءَ مرڪ سان چيو. ”ڇو ته مون پاڻ دنيا جي ”جذبات“ جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي.“ ائين چئي، هن سوٽ ڪيس کوليو، ۽ هڪ تصوير ڪڍي، ٿڌو ساهه ڀري، ان تي حسرت واري نظر وڌائين، ۽ پوءِ وڌائي مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنائين.

مون هن کان تصوير وٺي ڏٺي........ اها ساڳي ”مارئيءَ“ جي تصوير هئي اهاساڳي، جيڪا هن اڳئين سال مون کي ڏيکاري هئي. فرق فقط اهو هو ته هن جي ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙن مان بدن جي اوگهڙ ظاهر ٿي رهي هئي. ۽ آهن جي ”لوئي“ لهي وئي هئي........!

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment