Showing posts with label ڪھاڻي، افسانو، لوئي، تنوير عباسي،. Show all posts
Showing posts with label ڪھاڻي، افسانو، لوئي، تنوير عباسي،. Show all posts

Monday, November 30, 2020

لوئي تنوير- عباسي

لوئي

تنوير عباسي



مون هن کي سڃاتو ئي ڪين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو، واقعي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو به سالن کان پوءِ هو. هن جي مٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون، وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو هئائين. سندس رنگ ڪنهن اس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، ۽ قميص جا بٽڻ کليل هئس، اندران سندس پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.