تنوير عباسي
مون هن کي سڃاتو ئي ڪين. ان ۾
منهنجو ڏوهه نه هو، واقعي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو به سالن کان پوءِ هو. هن جي
مٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون، وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو
هئائين. سندس رنگ ڪنهن اس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، ۽
قميص جا بٽڻ کليل هئس، اندران سندس پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.
