Saturday, November 28, 2020

زندگيءَ جو روڳ - بشير مورياڻي

زندگيءَ جو روڳ

بشير مورياڻي



”جيل موڪليوس!“

”يا اهڙي سيکت ڏيوس، جو عمر ڀر ياد ڪري!“

”ٻار ٻچار به اٿس؟“

”انهن جو خيال به ڪونه ٿيس؟!“

”ڏاڍو ڪو چنڊال ٿو ڀائنجي!“

اهي سڀ ڳالهيون صدروءَ جي باري ۾ ٿي رهيون هيون، ۽ هو ڪنڌ جهڪائي ماڻهن جي انبوه جي وچ ۾ بيٺو هو. هن جو چهرو هر قسم جي جذبات کان خالي هو. هو رڳو تڪڙو تڪڙو ساهه کڻي رهيو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاٺ مڏيءَ جي مالڪ غوث بخش ڏانهن پئي ڏٺائين، جيڪو ماڻهن جي ميڙ ۾ بيهي ساڻن ڳالهائي رهيو هو.


”ڪم سچ پچ جيل وڃڻ جهڙو ڪيو اٿس. ڇا خود ڪشي ڪرڻ گناهه نه آهي؟“ هن سوال پڇي، ماڻهن جي منهن ڏانهن داد طلب نگاهن سان ڏٺو، ڄڻ ته رڳو هن جي ذهانت اهو سوال جهٽي ورتو هو. ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا، پر خاموش رهيا. هڪ بزرگ صورت شخص ماڻهن کي پري هٽائيندو اڳتي وڌي آيو.

”جيڪي اوهان چيو سو بيشڪ صحيح آهي. خودڪشيء جو ارادو ڪرڻ به ڏوهه آهي.“ ماڻهو ڪنڌ لوڏي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ لڳا. ڪن هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ۽ نگاهن ئي نگاهن ۾ هڪٻئي کان سوال جواب ڪيا.

”ٻار ٻچا اٿس!“ اُن بزرگ شخص سوال ڪيو.

”شايد،“ مڏيءَ جي مالڪ غوث بخش بي پرواهيءَ سان چيو.

”هائو اٿس. ٽي ٻار به اٿس،“ هڪ مزدور جواب ڏنو.

”ته پوءِ مان اوهان کي عرض ٿو ڪريان،“ بزرگ، غوث بخش کي مخاطب ڪندي چيو، ”ته انهيءَ بدنصيب تي رحم ڪريو. کيس ٿاني نه موڪليو.“

”هو ڪنهن رحم جي لائق نه آهي. هن کي جڏهن پاڻ تي ئي رحم نه آيو. ته پوءِ ٻيو ڪو مٿس ڪيئن رحم ڪري؟“ صدرو، ڪنڌ جهڪائي، ڳوڙهن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. بزرگ چيو، ”هن تي نه سهي، پر هن جي ٻارن تي ضرور رحم ڪريو. سوچيو، جيڪڏهن هي جيل ۾ پوندو، ته پوءِ انهن جي سار ڪير لهندو؟ ڪير انهن کي پاليندو؟ گهر جي سنڀال ڪير ڪندو؟“

غوث بخش ڪجهه دير سوچيندو رهيو.

”چڱو، توهان ستايو آهي، تنهنڪري ڇڏيانس ٿو.“

”مرادوند ٿيندؤ، خوش رهندؤ شال،“ بزرگ پنهنجي عزت افزائي تي خوش ٿي هلڻ لڳو. وري پٺتي موٽي صدروءَ جي ويجهو آيو.

”وري اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪجانءِ- توکي زندگي ضايع ڪرڻ لاءِ نه ملي آهي. ان کي بهتر بڻاءِ. بزرگ جي وڃڻ کان پوءِ، اڪثر ماڻهو به هلڻ لڳا. رڳو مڏيءَ جا مزور ۽ منشي بيٺا رهيا.

غوث بخش وري وڃي موڙي تي ويٺو. صدرو ساڳيءَ حالت ۾ بت بڻيو بيٺو رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ مزور سڏڻ آيس.

”هل ڙي! سيٺ ٿو سڏئي، ٽن ڏينهن جو حساب صاف ڪري، دڳ ڇڪ.“

هو مزور جي پٺيان هوريان هوريان هلندو ويو.

”منشي صاحب، سيٺ جو حڪم آهي ته هن جو ٽن ڏينهن جو حساب چڪتو ڪري ڇڏيو.“

منشي صاحب هڪ سنهو، ڊگهو رجسٽرڊ کوليو. ان ۾ ڪجهه لکيائين. ”هيڏي اڄ، کٻو آڱوٺو ڪڍ...“

ٻاهر نڪري، سيٺ کان موڪلائڻ بنا، هو هلڻ لڳو، ته سيٺ گهرائي چيس، ”ڇورا، ڇو حياتيءَ کان ڪڪ ٿيو آهين!“

صدروءَ وراڻيو، ”سائين، مون کان ته موت به ڪڪ آهي.“

ائين چوندي، کيسي ۾ پيل 3 آنا 12 آنن کي هٿ جي آڱرين سان محسوس ڪندو، اڳتي هلڻ لڳو.

هو پريشان هو. هو جڏهن به پريشان ٿيندو هو ته شدت سان پنهنجا پيءُ ماءُ ياد ايندا هيس. هن جو خيال هو ته هن جي پريشانين جو سبب به اُهي ئي هئا، جن کي مئي ڪافي وقت ٿي چڪو هو هن کي سڀ کان گهڻا خار، ان مهل ماءُ تي ايندا هئا. هن جي دل ۾، تڏهن ماءُ لاءِ ذرو به عزت نه رهندي هئي. ”چوندا آهن ته ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. پر منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان شايد ڪا دوزخ جي باهه هئي، جنهن جون جڀيون اڄ به منهنجي جسم کي جلائي رهيون آهن،“ هو سوچيندو هو.

صدروءَ جو خيال هو ته جي هو شادي نه ڪري ها، ته هن جون پريشانيون وڌن نه ها. هن جي زندگي برباد نه ٿئي ها. ماڻس کي هن جي شاديءَ جو ڪيڏو نه شوق هوندو هو. هو اڃا جوان ئي مس ٿيو هو جو هن اها دعا گهرڻ شروع ڪئي هئي، ”خدا ڪڏهن اهو ڏينهن ڪندو منهنجو صدر پرڻبو!“

هوءَ اهو جملو گهڻو ڪري تڏهن دهرائيندي هئي، جڏهن هن جون پاڙي واريون، هن سان ڪنهن شاديءَ وهانءَ جو ذڪر ڪنديون هيون، يا ڪنهن شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪا نينڊ ملندي هئس، يا جڏهن مڙس سان صدروءَ جي آئنده جي باري ۾ ڳالهائيندي هئي. صدرو، پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن تائين ته بيڪار گهمندو رهيو. پوءِ پڻس کي ڪو خيال آيو، يا ٻين پاڙي وارن جي ريس تي، پٽ کي ميونسپل پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايائين. هو اڃا پنجين سنڌيءَ ۾ ئي هو، جو پڻس رضا ڪئي. صدروءَ کي وقت کان اڳ آيل تلخ مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو. ڪي پاڙي وارا ڪڏهن پڇندا ڳاڇندا هئن. ماڻس انهن سان ڪم تي موڪلي ڏنس، ۽ اهڙيءَ طرح هن جو تعليمي مستقبل ختم ٿي ويو.

هن جڏهن پنهنجي پهرين ڪمائي ماءُ جي تريءَ تي آڻي رکي، ته ماڻس گهور گهور ويس، لکين دعائون ڪيائينس، ۽ ان وقت هن جي اها پراڻي خواهش ڏاڍيءَ تيزيءَ سان اڀري آئي، ته پنهنجي صدر جي شادي اکين سان ڏسي! هن کي رپئي جي نوٽ تي صدروءَ جي ڪنوار جي مبهم تصوير نظر آئي. هن جي محويت تڏهن ٽٽي، جڏهن صدروءَ چيس، ”امان ٻه گرهه پچائي ڏي ڀلا!“

هن صدروءَ کي پيار ۾ محبت سان ڏٺو. هن جو صدر ڪيڏو نه وڏو ٿي ويو هو! هن کي جلد کان جلد پرڻائڻ گهرجي.

جلد نه، دير سان ئي سهي، نيٺ هڪ ڏينهن صدروءَ جي شادي ٿي. ماڻس جي دل جي خواهش پوري ٿي. هن کي به شايد پٽ جي شادي ئي ڏسڻي هئي. پٽ جي شاديءَ کان پوءِ جلد ئي گذاري وئي. هاڻي صدرو ۽ جوڻس اڪيلا ٿي پيا، هو، نئين شاديءَ جي نشي ۾ پهريائين ايترو ٻڏل رهيو، جو تن من جي سڌ به ڪانه رهيس، پر جئن وقت گذرندو ويو، تئن زندگيءَ جون تلخيون نئين سر پيدا ٿينديون ويون، جن هن کي چماٽون هڻي هڻي اگهور ننڊ مان جاڳائي وڌو.

هن کي پهريون ٻار ڄائو، ته ڏاڍي خوشي ٿيس، ۽ جڏهن جوڻس ويم جا ڏينهن ڪاٽي وري تندرست ٿي، تڏهن بادشاهه پير جا نڪل ۽ ريوڙيون ورهايائين پوءِ جوڻس محض ٻارن ڄڻڻ جي مشين ٿي پيئي. هن کي هر سال ٻار ڄمڻ لڳو. هوءَ پاڻ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ويئي ۽ کيس هميشه هڪ نه ٻئي مرض جي شڪايت رهڻ لڳي. صدرو بدستور مزوري ڪندو رهيو. پوريءَ سوريءَ ڪمائي مان گهر جو ۽ دوائن جو خرچ ڪيستائين ڪو ڪري سگهندو. هو زال جي وٿين مان ويندڙ زندگي هڪ طرف، ٻارن جون بکون ۽ اٻالا حال ٻئي طرف. صدرو عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويندو هو.

پهريائين، جڏهن گهر جو الڪو نه هوندو هيس، ڏکيو سکيو مڙئي چڱو گذر ٿيندو هوس، ۽ جڏهن جوڻس تندرست رهندي هئي، تڏهن هو پاڙي جي اوستن سان ٻاهر مسافريءَ تي به ويندو هو ۽ اتان ڪمائي موڪليندو هو. هاڻي ائين به ڪري نه پئي سگهيو. هڪ ته جوڻس جي حالت اگهي پئي رهي، جنهنڪري ٻارن جي سنڀال به هن کي ڪرڻي پوندي هئي. ٻيو ته ٻاهر ڪم تي وڃڻ سبب هن جو خرچ به گهڻو ٿي ويندو هو. اتي هن کي کاڌي ۾ ويسي به ڏيڻي پوندي هئي، ۽ ٻيواڙيو ٿڙيو خرچ جدا. پر مصيبت وري اها هئي جو شهر ۾ ڪم مڙيئي پورو سارو هو. هفتي ۾ چار ڏينهن مس ڪم سان لڳو ٿي نه ته ٻيو ٿيو ڀلو!

جوڻس کي پهريائين هلڪو بخار اچڻ لڳو هو، جو پوءِ وڌي ويو هو، ۽ انکانسواءِ مٿي ۾ ڀنواٽي به ايندي هيس، ۽ سيارو آيو ته کنگهه به شروع ٿي ويس.

ماءُ جي سنڀال کان سواءِ، ٻار به اٻاڻڪا ۽ ڪڪ ٿي پيا هئا. انهن مڙيني ڳالهين هن کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ هو جڏهن به پريشان ٿيندو هو ته ماءُ کي ضرور ياد ڪندو هو، جنهن هن کي جهنجهٽ ۾ ڦاسايو هو. نه هجي ها بانس، نه وڄي ها بانسري، نه ڪري ها شادي، نه پوي ها ڳڻتين ۾. گويا هن جي شاديءَ جي اڪيلي ذميوار ماڻس ئي هئي!

هو جڏهن به گهڻو پريشان ٿيندو هو، تڏهن دل ئي دل ۾ ماءَ تي ڇوهه ڇڊيندو هو، پر پوءِ جلدي کيس پڇتائڻو به پوندو هو ۽ وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ کيس اهڙي قسم جي خيالي ڄار مان نجات ملندي هئي.

”مري ويلن جو ڪهڙو ڏوهه؟ زندگي ته گذارڻي آهي. ان سان منهن ته ڏيڻو ئي پوندو.“ ۽ انهيءَ گهڙيءَ هن جي دل ۾ پنهنجي بيمار زال ۽ ٻارن لاءِ رحم ۽ پيار جو جذبو جاڳندو هو.

”هن ويچاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه!“ هو زال بابت سوچڻ لڳندو هو. ”مان ئي پنهنجي جنسي خواهش جو ٻانهو آهيان. مون پنهنجي هٿن سان پاڻ ئي هي سڀ پريشانيون پيدا ڪيون آهن ۽ پاڻ ئي انهن جي شڪايت ٿو ڪريان! زندگيءَ جو ته ڪوئي ڏوهه ڪونهي ۽ منهنجي زال جو به ته ڪوئي ڏوهه ڪونهي ۽ منهنجي زال جو به ته ڪوئي ڏوهه ڪونه آهي!“

آخر جڏهن روزگار سان لڳو، تڏهن ڪجهه ساهه پيس پهرئين ڏينهن جي مزدوريءَ مان گهر لاءِ سيڌو وٺي آيو. ٻئي ڏينهن ڪم تي ويندي سوچيندو پئي ويو، ”جمعي تائين منهنجا ٽي روز ٿيندا. پوءِ ضرور ڪنهن سياڻي طبيب کان هن کي تپاسرائيندس“ جڏهن ڪم واري جاءِ تي پهتو ته مستري صاحبڏني چيس، ”صدورا!“ هو سدائين هن جي نالي کي ائين بگاڙي ادا ڪندو هو. ”اڄ ٻيلي تون فرحت وٺ، بٺي تان سرون ڪونه آيون آهن. اڄ ڪم بند ڪيو اٿئون. رڳو رسولي ۽ رحيم بخش کي اندر ”پيٽين“ ڪرڻ تي لڳايو اٿم.“

هن ٻڙڪ به نه ٻولي ماٺ ڪري، ڪنڌ جهڪائي گهر موٽي آيو. جوڻس هن جي منهن مان اصلي ڳالهه ته سمجهي وئي.“

”تڪليف وڌي وئي آهي؟“ هن جهڪي، نرڙ تان وار هٽائيندي پڇيس. هوءَ جواب ۾ کنگهه ۾ اچي ڇٽڪي ۽ هو ٻارن کي وٺي اڱڻ ۾ اچي ويٺو. سوچڻ لڳو، ”ڪهڙي طبيب کي ڏيکارجي؟ ۽ پئسا ڪٿان اچن؟ مفت ۾ چڪاسڻ لاءِ ته ڪوئي تيارئي ڪونه ٿيندو؟ ۽ جنهنجي دوا ٿيندي رهي ٿي، انجو ته ڪوئي حال ڪونهي.“

هنکي حڪيم فتح محمد ياد اچي ويو. ”ڪهڙو نه مهربان آهي“ هڪ دفعي هو پنهنجي پاڙيسري اوستي محمد عليءَ سان گڏجي وٽس ويو هو. محمد عليءَ جي ننڍڙي بيمار هئي. هو ان جي دوا وٺڻ پئي ويو، ته رستي تي صدرو گڏجي ويو هوس. ڳالهيون ڪندي هو وڃي حڪيم فتح محمد جي دواخاني تائين پهتا هئا.

”انهيءَ کي ڏيکارجي پر پئسا ته هو به گهرندو ۽ پئسو پاڻ وٽ ٺهي ئي ڪونه تنهن هوندي به ڪوشش ته ڪريان. من ڪو روح ۾ رحم پويس.“

هو ٻارن کي راند ۾ مشغول رکي، انهيءَ مهل حڪيم فتح محمد وٽ ويو، ۽ کيس سموري ماجرا ڪري ٻڌايائين.

”سڀاڻي مان گهڻو ڪري ڪم سان لڳندس. جي اوهان علاج شروع ڪندا ته پئسا روز جو روز اوهان کي ملندا رهندا.“

حڪيم فتح محمد، هن سان همدردي ڏيکاري، ۽ بيمار کي دواخاني آڻڻ لاءِ کيس چئي، ٻين سيڙيل مريضن ڏانهن متوجه ٿيو.

صدرو تڪڙو تڪڙو گهر ويو. پاڙي مان اٺ آنا اڌار وٺي زال کي بگيءَ ۾ چاڙهي، حڪيم فتح محمد جي دواخاني تي وٺي آيو. مريضه کي تپاسڻ کان پوءِ حڪيم چيس.

”سلهه جو خطرو آهي. علاج نه ٿيڻ جي حالت ۾ هڪدم ٿي پوندي- ڪي آثار ۽ اهڃاڻ ته هاڻي به نظر اچن ٿا.“

هن جا طاق لڳي ويا.

”توهان مهر ڪري علاج شروع ڪريو. خدا گهريو ته پئسا روزانو، سڀاڻي کان اوهانکي پهچايئندو رهندس. حڪيم هن سان شريفاڻو ورتاءُ ڪيو، ۽ ٻن ڏينهن جي دوا ڏنائينس. اهو سڄو ڏينهن هن تي قبر جهڙي خاموشي طاري رهي.

ٻئي ڏينهن به هو ڪم تي چڙهي نه سگهيو. هن کي هاڻي حڪيم فتح محمد جو مرم مارڻ لڳو، جنهن شرافت ۽ همدرديءَ وچان هن جي گهر واريءَ کي مفت تپاسيو هو، ۽ دوا به ڏني هئائين.

”حڪيم جي پئسن جو ڇا ٿيندو؟“

سومهڻي مهل محمد عليءَ اچي هن جو در کڙڪايو.

”ٿيو ڪو چاڙهو؟“ صدروءَ جو منهن لٿو ڏسي محمد علي پڇيو.

”مستري صاحبڏني ته صفا رکو جواب ڏنو. شهر ۾ ڪم جي ڍرائي آهي. ٻاهر وڃي نٿو سگهان. گهر جي ته توکي خبر آهي. ڪيان ته ڇا ڪيان؟“

”ڪاٺ مڏي تي مزوري ڪندين؟“ محمد عليءَ ڪجهه سوچي پڇيس.

اهو سوال هن لاءِ اوندهه ۾ روشنيءَ جي ڪرڻي مثال هو.

”ڪنهن جي مڏيءَ تي؟“ هن دلي اضطراب کي خوشيءَ ۾ تبديل ٿيندي محسوس ڪيو.

”غوث بخش کي سڃاڻين؟“

هن ڪنڌ لوڏي ”هائو“ ڪئي.

”ڇا ارادو ڪيئي؟“

”يَر، اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي؟“

”ته پوءِ مونسان گڏجي هلجانءِ.“

جنهن ڏينهن کان، صدروءَ ڪاٺ مڏيءَ تي مزوري ڪرڻ شروع ڪئي، ان جي ٽئين ڏينهن هڪ دردناڪ حادثو ٿيو. مڏيءَ جي مزدورن جو هونءَ ڪم رڳو ڪاٺيون ڍوئڻ هو پر هنن کي اڪثر بيگار ۾ به وهايو ويندو هو. تنهن ڏينهن بخشڻ کي مستري ڪاٺ چيريندڙ مشين تي بيهاريو هو. هو اڻڄاڻ هو. مشين جي پوري خبر ڪانه هيس. اچانڪ هن جي ٻانهن مشين جي ڪات سان ڪپجي پيئي. هنجي رڙين تي مزور ۽ مستري ڊوڙندا آيا، ۽ بٽڻ دٻائي مشين بند ڪئي ويئي. مڏيءَ جا باقي مزور، منشي ۽ مڏيءَ جو مالڪ غوث بخش اچي پهتا. غريب مزور جي ٻانهن رڳو گوشت جي تند تي پئي لڙڪي. اهو دردناڪ نظارو ڏسي گهڻن پنهنجا منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيا. هن کي اسپتال نيو ويو. ٻن ٽن ڏينهن تائين مزورن ۾ انهيءَ حادثي جو چو ٻول رهيو. صدروءَ کي ٻين مزورن جي واتان ٻڌڻ ۾ آيو، ته بخشڻ کي سيٺ 250 رپيا به ڏنا، ۽ علاج به پنهنجي خرچ سان ڪرائي رهيو اٿس.

ان کان پوءِ صدرو هڪ عجيب ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا رهيو.

عيدو، ڪاٺين کڻڻ لاءِ گدام ۾ آيو، ته صدروءَ کي بيٺل ڏٺائين.

”صدر راجا! ٻيڙيءَ جو وزم ٻزم ته هڻاءِ.“

”هون“ هن جي خيالن جو سلسلو ڇڄي پيو.

”هون جا ٻچا ٻيڙي ڪڍ!“

”هون------ها!“ هو ڄڻ ته ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ۽ کيسي مان ٻيڙي ڪڍڻ لڳو. ”بخشڻ کي حالي ته بهاري ٿي پيئي. گهر ويٺي 250 رپيا ملي پيس!“ هن عيدوءَ کي ٻيڙيءَ ڏيندي چيو.

”غريب جي ٻانهن ته ويئي نه- سودو نفعي وارو ٿوروئي آهي؟“

صدرو چپ رهيو. سوچيندو رهيو.

”اڍائي سو رپيا مون کي ڪيڏو نه فائدو پهچائي سگهن ٿا!“

هو وري خيالي ڄار ۾ ڦاسي ويو. هن جي اکين اڳيان زال جو نحيف جسم، مبهم صورت ۾ ڦرڻ لڳو.

”هن جي حالت خراب ٿي رهي آهي. هوءَ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. ٻارن جي حالت خراب آهي مونکي 250 رپين جي سخت ضروت آهي. ڪاش مان بخشڻ هجان ها!“ هو سوچي رهيو هو.

”مان به ته ائين ڪري سگهان ٿو!“ هن کي هڪ خطناڪ خيال آيو. وري سوچيائين ته بخشڻ ائين پاڻ ته نه ڪيو هو. شايد ڪوئي به ائين نه ڪري سگهندو. ائين هنجي ذهن ۾ خيالن جي آنڌ مچي ويئي. آخر هن طئي ڪيو ”پر، مان ائين ڪري سگهان ٿو. مون ۾ ايتري قوت آهي. ايتري....“

هو تيزيءَ مان، بي اختيار ٿي مشين واري ڪمري ڏانهن وڌيو. مشين ان وقت بند هئي. هڪڙي ڪاٺ جي تختي تي ڪيترائي بٽڻ لڳل هئا. هو هڪ هڪ بٽڻ کي هيٺ ڪندو ويو. آخر هڪڙي بٽڻ کي هيٺ ڪرڻ سان مشين گڙگڙاهٽ ڪري هلڻ لڳي. مشين چالو ٿيڻ جي آواز تي مستري ٻئي ڪمري مان نڪري ڀڄندو آيو. ۽ ان کان اڳ ۾ جو صدرو پنهنجي ٻانهن مشن جي ڪرٽ ۾ ڏئي، هو وٽس اچي پهتو، ۽ کيس ڳچيءَ کان پڪڙي ڇڪي ورتائين. هن کي سيٺ غوث بخش جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جتي سڀئي مزور ۽ ٻيا ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هن تي خودڪشيءَ جو الزم هڻي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيائون.

صدرو، کيسي ۾ ٽن رپين، ٻارهن آنن کي هٿن سان محسوس ڪندو گهر پهتو.

”اڄ دوا وٺڻ وسري ويئي ڇا؟“ جوڻس پڇيو، جيڪا هنجي منتظر پئي ڏٺي.

هن چپ چاپ، کيسي مان ٽي رپيا ٻارھن آنا ڪڍي هن جي اڀري بيمار جسم تي پکيڙي ڇڏيا.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment