زندگيءَ جو روڳ
بشير مورياڻي
”جيل موڪليوس!“
”يا اهڙي سيکت ڏيوس، جو عمر ڀر ياد ڪري!“
”ٻار ٻچار به اٿس؟“
”انهن جو خيال به ڪونه ٿيس؟!“
”ڏاڍو ڪو چنڊال ٿو ڀائنجي!“
اهي سڀ ڳالهيون صدروءَ جي باري ۾ ٿي رهيون هيون، ۽ هو ڪنڌ
جهڪائي ماڻهن جي انبوه جي وچ ۾ بيٺو هو. هن جو چهرو هر قسم جي جذبات کان خالي هو.
هو رڳو تڪڙو تڪڙو ساهه کڻي رهيو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاٺ مڏيءَ جي مالڪ غوث بخش ڏانهن
پئي ڏٺائين، جيڪو ماڻهن جي ميڙ ۾ بيهي ساڻن ڳالهائي رهيو هو.
