Saturday, November 28, 2020

پريشان انسان - ع - ق - شيخ

پريشان انسان

ع - ق - شيخ



مٿي ۾ سور، دل جي ڌڪ ڌڪ، بدن ۾ هلڪو هلڪو بخار، چيلهه ته ڄڻ ڪنهن چچري ڇڏي هجي، پنين ۾ سور، ۽ خيال پريشان، گهر ۾ سيڌو سامان کٽل، مهيني جي اوڻٽيهين اونداهي، پگهار جو ڪڏهوڪو ڏيوالو نڪري ويل، اها ڪوڏي ڪانهي جو شام جو ٺلهو چانهه جو ڪوسو پاڻي کڻي نڙيءَ مان اوتجي، ٻه ٻار دائمي بيمار ۽ دوائون بلئڪ مارڪيٽ مان به ملڻ محال، ته پوءِ اهڙي ماحول ۾ ارمان، ارادا، امنگون ۽ آسرا، مستقبل جا روشن خيال، زنده دلي، خوش مزاجي ۽ راحت جون سڀئي ساعتون ڪهڙي ڪم جون! هن جيئڻ جي جنجال، جو محشر اڃان ٻيون ڪهڙيون عقوبتون ڪندو! باقي پٺيان بچيو ڇا؟

انور جي تڪليفن جي انتها ٿي چڪي هئي. کٽ تي ليٽندي، انيڪ خيال ۽ اوسيڙا هن جي دماغ کي وڪوڙي ويا، جهڙيءَ طرح ڏينڀن جو ولر ڪنهن جي جسم کي چهٽي چنبڙي اڏامي وري اچي چهٽي. اها ڳالهه ڪا هن لاءِ نئين نرالي ڪانه هئي. هو ننڍي هوندي کان ئي، زندگيءَ جي حسين لحظن لاءِ واجهائيندي، سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ به ڪڏهن سک جو سمون ڪونه سنڀريو. زماني ۽ ان جي گردش هن تي ڪافي زور آزمايون ڪيون هيون. ڇا لڳي هن جي چاليهه ورهيه ڄمار، ڇا لڳن هن جي مٿي جا هرک جهڙا وار. منهن ميرانجهڙو، ماس ته سندس جسم تان ڄڻ ڪنهن روڙي ڪڍي ورتو هو بت ۾ باقي هڏا هئا جي فقط چمڙيءَ سان ويڙهيل هئا. زندگيءَ جي چمڪ ٿوري يا گهڻي اکين ۾ ته رهندي ئي آهي، پر هن جون ته اکيون به ڏرا ڏيئي ويون هيون. پڙهيو ته پورو سورو هو، پر زماني جي تتل ديڳ ۾ ”ڪڙهيو“ سو ڪافي هو. مائٽن ننڍي هوندي ئي پرڻائي ڇڏيو هوس. چار پنج ٻار پيدا ڪيا هئائين. سرڪار جو معمولي ملازم ۽ پگهاردار هو. ڪو وقت هو جو هو پنج ئي وقت نماز پڙهي، وظيفا ڪڍي، الله سائينءَ جي حضور ۾ آزيون ۽ نيزاريون ڪري، مٿي کي اهڙي ته زور سان سجدي ۾ گسائيندو هو جو سندس نيازمند پيشانيءَ تي هڪ ڪارو داغ رهجي ويو هو. پر خبر ناهي الله سائين مٿس ڏمريل هو يا شيطان جي ساڻس سنگت هئي هن جي قسمت ۾ ڦيرو نه اچڻو هو سو نه آيو. پنجن ڇهن سالن جي لڳا تار رياضت ۽ نماز کانپوءِ، هن جي طبيعت ۾ اهڙو ڪو ابتو چڪر آيو جو هن ڏاڙهي ڪوڙائي، نماز کي طلاق ڏيئي ڇڏي. انهيءَ جي عوض، هن ۾ هڪ ٻي عادت، ويچارڻ ۽ وجهلڻ جي، گهر ڪري وئي، خاص ڪري جيڏيءَ مهل رات جو اچي هو کٽ تي ڊهندو هو، ته خيال ۽ سوال هن جي دماغ ڏانهن ولرن جا ولر ڪندا، ڊوڙندا ايندا هئا، ۽ ائين هر رات خيالن جي ڄار ۾ ڦاسي، ڦٿڪي ڦٿڪي، پاسا ورائي ورائي، اوٻاسيون ڏيئي، سمهي رهندو هو، ۽ صبح جو سج اڀرئي کان پوءِ اٿي، مشين وانگر آفيس جي ڪارخاني ۾ ٺڪ ٺڪ ڪري، ڏينهن ڪاٽي ڇڏيندو هو، ۽ رات، ساڳي تات، اهوئي ڳن، اهوئي رنبو، پور پچائيندي پچائيندي، بي آراميءَ ۾ وڃي آرامي ٿيندو هو.

اڄ به دستور موجب کٽ تي اچي ليٽيو هو، ته هن محسوس ڪيو ته هاڻي هو ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهي. هن جي جسم ڏيئي وٺي اچي دنگ ڪيو آهي. عين انهيءَ وقت هن جي ذهن ۾ هڪ سوال تري آيو. ”جيڪڏهن اڄ رات جو مري وڃان ته هوند ڇا ٿئي؟ ٿيندو وري ڇا؟ ڄڻ ڪو ڪتو مري ويو. نه نه، آءٌ مري ويندس ته ڏاڍو نقصان ٿيندو. سڄي آڪهه تڪليف هيٺ اچ ويندي. لاش کي به ڪفن نصيب ٿئي يا نه! گهر ۾ ته سڃ پئي واڪا ڪري ڪفن ۽ قبر لاءِ ته پئسا گهرجن. گهر واريءَ ۽ ٻارڙن جي روڄ راڙي تي ڪو پاڙيسري لڙي به ايندو الائي نه. ڪنهن کي من قياس به اچي، چندي چيري مان ئي من منهنجي پڇاڙي سرهي ٿي وڃي. جي نه ته پوءِ ڀلا ڇا: مئي کان پوءِ سج اڀري نه اڀري، مرڻ کان پوءِ مونکي ڪهڙي پرواهه، پوين جا ڀاڳ پوين سان. ٻارڙا هٿ پير هڻي پاڻهيئي جوان ٿي ويندا. پر، کين نيٺ ڪير کارائيندو، ڪير پياريندو، هنن بيمار ٻارڙن کي دوا درمل ڪير وٺي ڏيندو. ڊاڪٽرن جي في ڪير ڀريندو، کين دوا نه ملندي ته چاق وري ڪيئن ٿيندا. هو پڪ چڙي مري ويندا. باقي ٻيا ٻه ٻار؟ من اهي ئي سڌري پون، چار اکر پڙهي من مون وانگر، جهڙي تهڙي نوڪري ڪري سگهن. پر انهن کي به سنڀاليندو ڪير، مون کان ئي هنن جي پوري پر گهور نٿي ٿئي، رڳو وڻ کي ئي جي پاڻي نه ملي ته سڪي سڙي ٿو وڃي. ڪنهن کي گتي پئي آهي جو هيءُ منهنجو گهنگهر گهلي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهندو. پوءِ هو پڪ پنڻ شروع ڪري ڏيندا، فقير ٿي پوندا، پوءِ هو رستن، گهٽين ۽ گهرن جي درن تي صدائون هڻندا، ليلائيندا، هرهڪ جي اڳيان هٿ ٽنگيندا. هيءُ مسواڙ وارو گهر به نيٺ خالي ڪري اٿڻو پوندن. منهنجي گهر واري وڃي منهنجي ڀاءُ وٽ رهندي، پر هنن جو گهر به سوڙهو آهي. مگر دل سا وڏي هجي باقي گهر سوڙهو هوندو ته ڇا ڪندو! منهنجي ڀاڄائي، بچي شل، سهي مونکي ئي ڪانه سو ٿي منهنجي زال کي پنهنجي گهر ۾ ترسائي. هن هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾، هن آسمان جي هيٺان، هنن کي ڪٿي مٿي لڪائڻ جي ڪا جاءِ به ملندي الائي نه. من ڪٿي مٿي جي ڇانوَ ڪري، ٻارن جي ماءُ ويهي رهي، پر هن پوڙهي ۽ پراڻي کوکي کي پڇندو ڪير؟ چڪلو به ته پوريءَ ريت ڪين وسائي سگهندي. منهنجي زال ۽ چڪلو! ٿو ٿو، هيءُ ڇا، ائين ڪو پنهنجي زال لاءِ سوچي به سگهندو! حيف هجي منهنجي زندگيءَ تي جو مرڻ کان پوءِ به اهڙا ڪلور ڪري. پرڪي ماڻهو ته جيئري ئي ائين ڪري رهيا آهن. چڪلي ۾ جي ويٺيون آهن تن سڀني جا مڙس ٿورو ئي مري ويا آهن. انهن کي به ته پيءُ، ماءُ، ڀيڻون ۽ ڀائر آهن. اهي به ته اسان وانگر ئي انسان آهن، پوءِ اهي ڇو اهڙي ذليل زندگي گذاري رهيون آهن. هنن جا گهر ٺهرائڻ وارا، هنن جا گماشتا ۽ دلال به ته هن ئي دنيا جا ماڻهو آهن. پر هٿ جون پنج ئي آڱريون هڪ جهڙيون ناهن، ۽ سڀئي انسان هڪ جهڙا ناهن. آءٌ هرگز اهڙو ڪين ٿيندس. آءٌ مقابلو ڪندس، دنيا جي ذري ذري سان لڙندس، وڙهندس، پنهنجي اولاد لاءِ، پنهنجي گهرواريءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري، پوءِ ئي مرندس. تنهن وچ ۾ موت ايندو ته موت کي به منهن ڏيندس، سندرو ٻڌي کيس ٻک وجهندس، پر آڻ ڪين مجيندس، آءٌ خود ملڪ الموت کي به موٽائي ڇڏيندس، موت، اڙي موت! آءٌ توکي نپوڙي، گهٽي گهٽي ماريندس، وڃ، ٽري وڃ منهنجي اکين کان، آءٌ اهڙي سٿري ڌر ناهيان. اڃان آءٌ جوان آهيان، ۽ جوان ئي رهندس.“

هن جي ذهن مان موت وارو خيال پڇ پائي وٺي ڀڳو، ۽ اهڙو ڀڳو جو گم ٿي ويو. هن وٽ جذبا، جوش ۽ همت، ڊوڙندا آيا. هن کي سينگاري پکاري، هٿ کان جهليندي، وڃي زندگيءَ جي بنهه محلات ۾ ويهاريائون. نوڪر چاڪر، ڌن دولت ۽ مان مرتبو، هن جي اڳيان ڦيريون پائي اچ وڃ ڪرڻ لڳا. هن جي زال، راڻي ٿي هن جي اڳيان آئي. هن جا ٻار شهزادن جي پوشاڪ پهري آيا. تندرستي نچڻ لڳي، ۽ خوشيءَ ٻٽا ٻٽا ٽهڪ ڏنا. حسن ۽ جوانيءَ حيا کان ڪنڌ کڻي هيٺ جهڪايو. شرميلي نگاهن چوريءَ چوريءَ گهورڻ شروع ڪيو. هڪ رنگين تصوير خيالن جي پردي تي چٽجڻ لڳي. فيروزي رئو، هيرن جواهرن سان جڙجي، آسمان تي ڇڪجڻ لڳو، هڪ نوراني خمار پکڙجي ويو هڪ ازلي سرور جو احساس پيدا ٿيو. دلفريب خوشبوءِ جي هٻڪار وڌندي وئي، ۽ زمين جنت بنجي وئي دنيا جي تختي تان غم، ڏک، دک ۽ درد، مصيبتون ۽ مشڪلاتون، هڪ هڪ ڪري سڀئي موڪلائي ويا. اتي سڀئي انسان راجا هئا، سڀئي ٻار شهزادا هئا ۽ سڀئي عورتون راڻيون هيون، ۽ سڀئي انسان هڪ جهڙا انسان هئا. اتي هيءَ هٿرادو هٺ وڏائي ۽ اوچ نيچائي ڪانه هئي. ڪنهن کي ڪنهن سان عداوت ڪانه هئي. پيار ۽ محبت جو راڄ هو. همدرديءَ جي حڪومت هئي. هر هڪ آزاد هو.

پاسائين پيل ٻار کنگهيو. ڪنڊ ۾ ستل زال ٿڌو شوڪارو ڀريو. انور جي خيالن جو سينگاريل محلات ڌوڏي سان ڌو اچي پٽ تي ڪريو. ڪرڻ سان اهو سارو رنگ محل چڪنا چور ٿي ويو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. هن جي چيلهه مان سور جون سوٽون اسرڻ لڳيون. هو پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳو، ڄڻ کيس ڪنهن ڏاڍي مار ڪڍي هئي. هن پاسو ورايو. هو اڃان جاڳي رهيو هو. ننڊ هن جي اکين ۾ اڃان آئي ڪان هئي. هن وري پاسو ورايو. هو ڪنهن لاءِ واجهائي رهيو هو. خبر ناهي ڇو ايترو انتظار ۽ اوسيڙو ڪري بيتاب لڇي پڇي رهيو هو. هن جي آسپاس خاموشي هئي، پر هن جي ذهن جي خاموش سمنڊ ۾ ڪو طوفان هلچل مچائي رهيو هو. گوڙ وڌڻ لڳو، ۽ زور شور سان ڌوڪيندو، کيس پنهنجي تيز رفتاريءَ جي هنج ۾ ويڙهي ۽ ريڙهي اڳتي وڌڻ لڳو، ۽ هو وري خيالن جي پهاڙ جيڏين لهرين ۾ لڙهي ويو. هو ترڻ جي ڪوشش ۾ ٻڏڻ لڳو، هن ٿاڦُڙا هڻڻ شروع ڪيا. هن ڪناري ڏانهن پهچڻ جو خيال ڪيو ته هڪ وڏيءَ وير هن کي وڪوڙي وري وڃي ساڳئي اوڙاهه ۾ اڇلايو. هو غوطا کائڻ لڳو. هن جو جسم ڪنهن ديو جي ٺهيل پينگهه ۾ هيٺ مٿي اڇلجڻ لڳو. هن جو وات ڦاٽي ويو. سمنڊ جو پاڻي هن جي نڙيءَ کان اندر وڃڻ لڳو. هن جون اکيون ڦوٽارجي ويون، هوش حواس جدا ٿي ويس، بي جان جسم وانگر هيٺ ڪرڻ لڳو. بي خبريءَ جي احساس هن کي ڇڪي ڇڪي، ڪاپار ڀر اڇلائي وڃي تري ۾ ڦٽو ڪيو.

ڪرڻ سان، چهنبدار ڪاٺين، چڀندڙ ڪنڊن ۽ نوڪدار پٿرن جي تيز زخمن هن کي پرڻ ڪري ڇڏيو. هو سجاڳ ٿي پيو.

هن زور ڪري اکيون کوليون، هو کٽ تي ليٽيو پيو هو. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو. هو اهڙين خودساخته سزائن تي هري مري ويو هو هن نماڻائيءَ سان مٿي نهاريو. سٻاجهي آسمان تي سدا چمڪندڙ تارا جهرمر لايو بيٺا هئا. هن ڪرموڙيا. آهستي آهستي اکيون پوري، تارن جي مٺي من موهيندڙ روشنائي پنهنجي ماڻڪين ۾ بند ڪئي. هن سمجهيو ته هن جي ٿڪل ٽٽل جسم تي ڪن ريشمي آڱرين، نازڪ گلن جي نفيس پنکڙين جي ورکا ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي، سون ۽ چانديءَ جي ڪا دز هئي جا هن جي مٿان آهستي آهستي ڄڻ ڇنڊجي رهي هئي. انهيءَ نوراني دز مان اوچتي هڪ اماڙي زون زان ڪري نڪتي دور اولهه ڏانهن هڪ تارو کڙيو ۽ کن ۾ غائب ٿي ويو. هن جي ذهن تي ائين ڪجهه اڇلجي اچي لڳو، دکندڙ ڪوئلن تي پئٽرول هارجي پيو، باهه جو ڀنڀٽ ڀڙڪو ڏيئي هن جي چوڌاري ڦهلجڻ لڳو، ۽ هو وري انهيءَ ڄڀيءَ جي لپيٽ ۾ لوساٽجي کامڻ ۽ سڙڻ لڳو. بي تاب ٿي هن وري پاسو اٿلايو.

هو اکيون کولي آسمان کي بي معنيٰ نگاهن سان تڪڻ لڳو. هن جي خيالن جو گهوڙو چئوپير زمين کان مٿي اڏامڻ لڳو، ڄڻ ته هن کي زمين تي پير هڻڻو ئي ڪونه هو. زمين تي ڄڻ ڪنهن ٽانڊا پٿاري ڇڏيا هئا. هوا جي واچوڙي وانگر هو پري پري آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳو. هو سڀئي حدون اورانگهي، گستاخي ڪري وڃي الله جي حضور ۾ پهتو. هو بي حيا ۽ بي ادب ٿي چوڻ لڳو، الله سائين، تون اتي ايترو پري، ستين آسمان کان به مٿي، ويٺو آهين. زمين وارن جون آهون دانهون تو تائين ڪينءَ پهچنديون. پر اڄ ته آءٌ تنهنجي اڳيان، تنهنجي ويجهو، بنهه آمهون سامهون آيو آهيان. ٻڌ تون ته رحم ڪندڙ آهين. آءٌ ڪٿان ۽ ڪيترو پنڌ ڪري تو تائين پهتو آهيان! توکي ٻڌڻو ئي پوندو، مونکي اجازت ڏي ته آءٌ پنهنجي زبان کوليان. هيءُ دنيا توئي ته ٺاهي آهي. هيءَ زمين ۽ آسمان توئي ته جوڙيا آهن. آدم کي به ته توئي خلقيو آهي. اي منهنجا مولا، توکان ٿو اڄ آءٌ پڇان، آخر هيءُ سمورو مانڊاڻ تو ڇا لاءِ منڊيو آهي؟ آدم کي سزا ڏيئي تو هرون ڀرون زمين تي ڇو لاٿو؟ تنهنجي دنياکي ته هن اڳ ۾ ئي دوزخ بنائي ڇڏيو آهي! ڪن ته پاڻ لاءِ وري هتي ئي بهشت بنائي ڇڏيا آهن! پوءِ تنهنجو دوزخ ۽ تنهنجو بهشت آخر ڪهڙي ڪم ايندو؟ انسان ته توکان سنڀاليو ئي ڪونه ٿو ٿئي! ڪي ته توکان تنهنجي خدائي به ڦريو، هتي خود خدا بنيا پيا گهمن! دنيادارن ته تنهنجي هيءَ دنيا توکان کسي، وڃي پنهنجي قبضي ڪئي آهي، ۽ جيئن ٿو کين وڻي تينءَ ٿا پيا پنهنجي دنيا کي هاڻي هلائين چلائين! تو وٽ هنن باقي ڇڏيو به ڇا آهي؟ تنهنجي دنيا ۾، تنهنجا هي رقيب، هي غاصب ايترو ظلم ڪن، ايترو انڌير مچائي وهن، ۽ تون اتي محشر جو توراڙو هٿ ۾ جهليو، ويٺو تماشو ڏسين! ڇا دنيا جا هي ننڍڙا خدا به تو خلقيا آهن؟ ۽ ڏس هو مفلس، ڪنگال، غريب، بکيا اگهاڙا ۽ بيمار اهي به ته توئي اپايا آهن. ايڏي امير پروري آخر ڇو؟ هڪڙن جا پنهنجا پيٽ به خالي، ته ٻين جا ڪتا به کايو پيو پيا الوليون ڪن! مون اياڻي کي جواب ته ڏي، اي ڄاڻڻهار! آءٌ هيتري بڪواس ڪري ويو آهيان. مونکي روڪ ته سهي. ڳالهائين ڇو نه ٿو؟ ڪين مون جاهل کي پنهنجي عظيم ماٺ سان ئي آڻ مڃائڻي اٿئي؟ تنهنجا راز آءٌ برابر ڪين ٿو ڄاڻان. تڏهن ته مون سج، چنڊ، هوا، باهه پاڻيءَ، وڻن ٽڻن، نانگ بلائن، ڍورن ڍڳن، فرشتن، ديوتائن ۽ پيغمبرن کي پوڄي پوڄي باقي اچي هاڻي تو هڪڙي جي عبادت جو سهارو جهليو آهي! ۽ انهن سڀني خود قربانين، تپشائن ۽ بندگين جو عيوضو؟ منهنجي صبر ۽ آزمائش جي به ڪا انتها هجي! هاڻي، ڏس هيءُ هتان جي دنيادارن جو ائٽم بم، هئڊروجن بم ۽ بلو بم! هاڻي، ڄاڻ ته هيءَ دنيا توکان به وئي ۽ هنن کان به وئي! آءٌ نه رهيس، ۽ تون رهئين، ان مان مونکي ڇا حاصل، ۽ مون مان توکي ڇا حاصل؟“

انور خيالي دنيا ۾ ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتو هو. هن جون اکيون ٽانڊن وانگر ٻري رهيون هيون هن جي پيشاني تپي لال ٿي وئي هئي. هن جي دل تي ڪو زور زور سان مترڪا هڻي رهيو هو. هن جو جسم گرم گرم سيخن سان ڏنڀجي رهيو هو. هو لڇڻ لڳو. هو ڦٿڪڻ لڳو. ڄڻ ته باهه جو وڏو مچ ٻريل هو جنهن تي هو ڪباب وانگر سيڪجي رهيو هو. هن جو جسم سڙڻ ۽ کامڻ لڳو. هن پاسو ورايو. پري پري کان، بنهه پڙاڏي طور هن جي تاڙين چڙهيل ڪنن ۾ هڪ غير مانوس آواز ٻڌڻ ۾ آيو. صاف ڪو چئي رهيو هو. بس ڪر، بيهودا، پاڳل، ڪهڙي بڪ بڪ پيو ڪرين. تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي. تون چريو ٿي ويو آهين. تون هاڻي بنهه وحشي حيوان ٿي پيو آهين!“ آواز هيبت ناڪ هو. انور جي دماغ تي دهشت ڇائنجي وئي، ن جو بدن، هن جا هٿ ۽ پير، سقرات جي آخري وقت وانگر، ڏڪي ڏڪي سيٽجڻ لڳا، ۽ سيٽجي سيٽجي ساڻا ٿي ويا. هن جي اکين جا تارا مٿي اکين جي کوپن ۾ لڪي ويا. هن جا چپ آهستي آهستي ڦرڪڻ لڳا. هن شايد ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. هو وڦلڻ لڳو، ضعيف زبان مان ”توبهه توبهه“ جا اکر نڪتا، ۽ عين انهيءَ مهل هن جو ڪنڌ لڙڪي، ڪري پيو. هن جي وات مان ٿوري گگ وهي اچي وهاڻي کي لڳي. شايد، شايد هن کي ننڊ اچي وئي هئي.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲-۱۹۵۵ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment