Friday, September 18, 2020

اُميد جو ڪرڻو

اُميد جو ڪرڻو

ننڍڙي ڪھاڻي

محمد علي پٺاڻ



خاموشي، بند گهر مان نڪرڻ لڳي ٿي. ديوارون اکيون کڻي حيرت مان هن ڏانهن تڪين ٿيون. انهن جا ڪن اُپڙا ٿي وڃن ٿا. ڇِتِ ھن کي ڪجهه چوڻ چاهي ٿي. پر اوڏي مھل ئي ھن جا لفظ گونگا ٿي وڃن ٿا. وڏي اَذيت ۽ بي-وسيءَ جي حالت ۾ اھي اتان آخر ۾ پاڻ ڇڏين ٿا ۽ ھڪدم فرش تي ڪري، پنھنجا مٿا ڦاڙي مري وڃن ٿا.


ھوءَ اھو سڀ ڪجهه ڏسندي ۽ شدت سان ان ڏک جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي به بيھي نٿي. گهر جا دَرَ کولي نڪرڻ بجاءِ ان جي ھڪ طاق جي وِٿيءَ مان پاسيري ٿي، آھستي آھستي پاڻ سوري ٻاهر نڪري اچي ٿي. پھرين نظر ھڪ پيرسن عورت تي پويس ٿي. جيڪا وڏيون وڏيون رڙيون ۽ رانڀاٽ ڪندي چئي رهي آهي؛ ”او اسان جي گهر ۾ ھن لاڪ ڊائون ۽ بيروزگاريءَ ۾ بک جو راڪاس ٻه ماڻهو ماري چڪو آهي. باقي چار بچيا آھيون. انهن کي بچايو. مانيءَ ڳڀو ڏيو... “

رستي تان گذرندڙ ماڻهو ھن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ايندا ويندا رهن ٿا. ڪو به ھن جي دانهنِ ۽ روڄ راڙي جو ازالو نه ٿو ڪري. نه ئي اوسي پاسي جي گهرن مان ڪو دَرُ کلي ٿو ۽ ڪنهن ھٿ مان ڪا ماني ھن جي کاڏيءَ تي ھٿ رکي، آٿت ڏيندي صبر جي تلقين ڪريس ٿي! خاموشيءَ جو اندر، اھو منظر ڏسي وڍجي پوي ٿو. ھوءَ تيزيءَ سان اتان اڳتي وڌي وڃي ٿي.

روڊ جي ٻئي پاسي ھڪ اٺن سالن جي ڇوڪريءَ کي ڇولن جو ٿالهه مٿي تي کنيل ڏسي ٿي. هوءَ وڏي واڪي ھوڪو ڏيندي چوندي رهي ٿي؛ “ڇولا وٺو...  ڇولا وٺو..”

ھڪ ماسڪ پھريل شخص ھن جي اڳيان اچي ٿو. ڪڙڪيدار آواز ۾ چويس ٿو؛ “ڇوري ھَلُ ھِتان. ڏسين نه ٿي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرسُ آ. پاڻ سان گڏ ٻين کي به موت ڏيندينءَ ڇا؟ وڃ گهر! ھَلُ، ھَلُ ھتان! شاباس. ڀڄ.”

“منهنجي امان بيمار آ. بابو مري ويو آ. ٽي ننڍا ڀائر آھن. ماني ۽ دوائن جا پئسا ڏيندين ڪاڪا، ته پوءِ وڃان گهر ۽ نه کپايان ڇولا...”

“وڃي کَڏَ ۾ پَئُه...“

خاموشي اھو سفاڪانه جملو ٻڌي ڳڀا ڳڀا ٿي پوي ٿي ۽ حيران ٿي ڏسي ٿي ته اھو شخص ان ڇوڪريءَ کي ڪجهه به نه ڏيندي، وڏيون وڏيون وکون کڻي اڳتي وڌي وڃي ٿو. اھو رستو ڇڏي خاموشي ٻئي رستي ڏانهن پاڻ کي ڌڪي وڃي ٿي.

ٻه ڊاڪٽر پاڻ ۾ ڳالھائيندا اتان گذرن ٿا. ھڪ چوي ٿو؛ ” ادا، امان ۽ سڀ گهر ڀاتي منٿون ٿا ڪن، ته ڊيوٽي نه ڪر. اثر رسوخ ھلائي موڪل وٺ. ڇو ته ڪيترا ڊاڪٽر ان مُئي ڪورونا ماريا آهن... “

“اسان ھن جنگ جا سپاهي آھيون ڀائو،” ٻيو ڊاڪٽر وراڻيس ٿو؛ ”جي اسان ھٿيار ڦٽا ڪري، ميدان ڇڏي ڀڄندا سين، ته انسانيت جي خدمت وارو اسان جو کنيل حلف اسانکي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيھاري بڇڙو ڪندو. انڪري پنهنجي فرض ادائيگيءَ سان مڙس ماڻهو ٿي مُنهن ڏي ۽ غداري نه ڪر. مالڪ سڻائي ڪندو. اھا اميد رکي ٻيو سڀ وساري ھَلُ. تون وقت جو ھيرو آن. ھونئن به موت کي جتي اچڻو ھوندو، ايندو، ڪو روڪيندس ڇا.”

ھمٿ جي جوت خاموشيءَ جي اکين ۾ خاص چَمَڪَ آڻي ٿي. ھوءَ ٿورو اڳتي وڌي ٿي ته سامھون ”احساس پروگرام“ جا پئسا وٺندڙ عورتن جي رش ڏسي ڪاوڙ اچيس ٿي. ڇو ته انهن جي وچ ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ نه ڪو فاصلو آهي، نه ئي ڪنهن کي ماسڪ پھريل آهن. ھڪ ڀرسان گذرندڙ ماڻهوءَ جو اوچتو ان وقت ان منظرنامي تي اھو تبصرو ڪنين پويس ٿو؛ ”سرڪار جي اتي ته ڪا به روڪ ٽوڪ ناهي. باقي زور آهي لاڪ ڊائون تي. جو صحت لاءِ نه ايتري بجيٽ رکڻ ڪڏهن ضروري سمجھي ٿئون، نه اسپتالون ٺاھيون ٿئون، ته اھڙي وبائي قھر ۾ ان سان مُنهن ڏئي سگهن. نه ڪو ٻاھرين ملڪن وانگر ڪا ھيلٿ انشورنس پاليسي جوڙي سگهيا ھَنِ، جنهن مان ملڪ جو ھر فرد صحت جي حوالي سان بي فڪر ھجي...  

اھو ٻڌي ٻه وکون مس اڳيان ھلي ٿي، ته ھڪ موٽر سائيڪل تي ٻن نوجوانن کي اسپيڊ ۾ آڏو ايندي ڏسي ٿي. جيڪي ھن جي ڀرسان پھچن ٿا ته تيز بريڪ سان اچانڪ موٽر سائيڪل بيهي رهي ٿي. پوءِ ھن جون اکيون پسن ٿيون ته پويان ويٺل جي وَرَ مان پستول نڪري ٿو. کانئن اڳيان ويندڙ ھڪ اڌ وھي شخص انهن کي ڏسي ھڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. ان کان اڳ جو ھو ڪجهه چوي، ھڪ گولي ھن جي سيني ۾ پيوست ٿي وڃي ٿي. “ابا ڙي... “ جي رڙ سان ھو روڊ تي ڪري ٿو. ٻه فائر ٻيا به مٿس ٿي وڃن ٿا. روڊ تي رت جو دُٻو ٺھڻ کان اڳ پويان ويٺل نوجوان چوي ٿو؛ ”ڪارو مري ويو. نڪ ڌوپي ويو. مبارڪون. ھاڻي نڪر تڪڙو... “

ڪجهه ماڻهو اھو ڪجھه بي حِس و حرڪت ٿي ڏسن ٿا. ڪو به انھن کي پڪڙڻ لاءِ اڳتي نه ٿو وڌي. ھو ڪِڪِ ھڻي موٽر سائيڪل ڊوڙائي، موڙ مُڙي ٻي گهٽيءَ ۾ ھليا وڃن ٿا ته ھڪ ڪراڙو پوءِ چوي ٿو؛ “موت جي ڏھڪاءَ واري موسم ۾ به جھالت جي رسم پوري ڪرڻ کان نٿا مُڙن ۽ نڪ، رت سان رڱي سرخرو ٿيڻ وسرين ئي نٿو... “

خاموشي، ٺھي ويل رت جي دُٻي ڏانهن ڏسي ٻه ڳوڙها رت جا ڳاڙي، ٻئي دڳ تي ھلڻ لڳي ٿي. ٻه اڌ دروازا کليل. جن مان مُنڍيون ڪڍي ٻه عورتون بيٺل نظر اچن ٿيون. ھڪ جو آواز ڪَنِ پويس ٿو؛ سرڪار طرفان مليل راشن ته عملدار ۽ انهن جا واٺا کائي ويا. اسانکي ڪجهه به نه مليو ڀيڻ... “

“خداءِ پُڄندن. اسان غريب پِٽِڻَ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهئونِ... “

خاموشيءَ جي اندر مان به انهن لاءِ پاراتو چيرجي نڪري ٿو. ھوءَ اتان تڪڙو اڳتي وڌي وري نئون رستو وٺي ٿي.

رستي جي پاسي تي بيٺل ھڪ شخص ٻئي سان مخاطب آھي؛ ”خبر ناهي ڪورونا جي موت لاءِ ويڪسين الائي ڪڏھن ٺھندي...  

“دنيا جا سائنسدان لڳا پيا آهن ادا، جلد دنيا تان ان خوني وبا جي مصيبت ٽرندي..”

“لڳي ٿو ڪجهه نه ٿيندو. اھا اجائي اميد آهي... “

“اميد تي ئي ته جھان تڳي ٿو. اھو ئي ته آخري ھٿيار آهي ماڻهوءَ وٽ. دل نه لاھِ...  

خاموشيءَ جي دل ان جملي سان باغ بهار ٿي وڃي ٿي. ھوءَ اطمينان جو ساھُ کڻي گهر جي چؤديواريءَ ڏانهن موٽڻ لڳي ٿي.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ۾ ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment