Friday, September 18, 2020

سُک جو دُڪان

سُک جو دُڪان

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو



چيائين؛ ”تو چڱو نه ڪيو.“

”ڇا ڪيم؟“ منهنجي نماڻائي، هُن کي نظر نه آئي.

”تون ايترو رک رکاءُ ڇو ٿو ڪرين؟“

”اهو منهنجي وجود ۾ شامل آهي.“


”تون ٻاهرين دنيا کي ڇو نٿو سمجهين؟“

”ضرورت ئي ناهي.“

”ته پوءِ پنهنجي ٻچڙن جون ضرورتون ڪيئن پُوريون ڪندين؟“

”مان اِن سوال تي سوچڻ نه پئي چاهيو. سوچيندي دماغ ۾ سُيون چُڀن ٿيون.“

”اهو ته حقيقت کان فرار آهي.“

”شايد ائين ئي زندگي گذري وڃي.“

”ڇا اها رڳو تو اڪيلي جي زندگي آهي؟“

”نه.... اها منهنجي به ناهي.... جي منهنجي هجي ها ته مان پنهنجي مرضيءَ سان نه گذاريان ها؟“

”جي ٻين جي آهي ته پوءِ ٻين جو خيال رکُ.“

”۽ پنهنجو؟“

”ان طرح پنهنجو؛ پاڻهي خيال رکجي ويندئي.“

 ”ٺيڪ آهي.... مان وڃان هاڻي؟“

”ڪاڏي ويندين؟“

”ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن ويندس.“

”تو کي پنهنجي هر روز جي به منزل جي ڪا خبر ناهي؟“

”نه... مون ائين ئي هينئر تائين زندگي گذاري آهي.“

”تڏهن ئي ته تون بي سمتي جي سفر ڪري پريشان رهين ٿو.“

”منهنجي پريشاني پراڻي ضرور آهي، پر هاڻي اِن ۽ مون هڪٻئي سان سمجهوتو ڪري ورتو آهي.“

”تڏهن ئي ته زندگيءَ ۾ مارَ ٿو کائين.“

”پيٽ ڀري ماني کائڻ جڏهن وسَ ۾ ناهي هوندو ته، بک سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي.“

”غلط... بک مِٽائڻ لاءِ هٿَ پيرَ هڻڻ گهرجن.“

”هٿَن پيرن ۾ هاڻي اُها طاقت رهي ئي ناهي، جيڪا جوانيءَ ۾ هئي. پيرَ پنڌ کي نه ڏسندا هئا ۽ هَٿ پورهيو ڪندي ٿڪبا نه هئا.“

”ته معنيٰ هاڻي تون ٿڪجي پيو آهين؟“

”شايد...“

”پڪ نه اٿئي؟“

”آهي به، نه به آهي.“

”تو کي پاڻ تي ڀروسو ڇو نه آهي.“

”شايد ٿڪجي پيو آهيان، انڪري...“

”ته پورو ٿورو آرام ڪر...“

”ٿورو آرام مون کي پسند ناهي... بس آرام ڪبو ته گهڻو ڪبو.“

”تون منهنجي سمجهه کان زور ٿي ويو آهين.“

”مان پاڻ ئي نٿو سمجهي سگهان پاڻ کي ته تون ڀل منهنجو ننڍپڻ جو دوست هجين، پر تون مون کي ڪيئن سمجهي سگهندين؟“

”تنهنجي ههڙي حالت ڏسي، مان ڏاڍو پريشان ٿي ويو آهيان.“

”تو کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي. مان پنهنجي پريشانيءَ کي سنڀالي سگهان ٿو.“

”جيڪا تنهنجي مرضي، پر هڪڙي ڳالهه چوانءِ؟“

”چئه...“

”زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سِکُ.“

پيارُ ته سُکُ سان جڙيل آهي.“

”پر سُک ائين گهرَ ويٺِي ته نه ملندئي؟“

”ها، تون صحيح آهين.... پر ٻاهر به ڪٿي وڃان؟ ڪو دڪان آهي سُک جو جتان اِهو ملي سگهي؟“

”ها هڪڙو دڪان آهي، اُتي تون ويندين ته اهو تو کي ملي پوندو.“

”ڪهڙو آ؟ ڪٿي آ؟“

”تو کي ورثي ۾ جيڪي ٻهَ ٻارا زمين جا مليا آهن نه، سي وڃي پاڻَ کيڙِ... مٽي ماءُ آهي... اها تو کي بک تي نه ويهاريندي.... بس تون گهرِ نه ويههُ.“

ڳالهه ڀلي هئي. مان گهران نڪري ٻنيءَ تي ويس.... مِٽيءَ منهنجي آجيان ڪئي... مون ڪوڏر کنئي ۽ سُڪل ٻاري ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ ڀرسان وهندڙ واهيءَ جو ڳنڍو کوليم.... زمين آلي ٿي، منهنجون آليون اکيون سُڪي پيون.

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان  ۱۷ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment