Wednesday, September 16, 2020

پستي

پستي

ننڍڙي ڪھاڻي

سومرو شبير



رستم چوڪ تان جڏهن هوءَ چڙهي بيڪ سائيڊ تي ويٺي ته منهنجون نظرون هن جي چهري ۾ کپي ويون. هن، هٿ ۾ کنيل قرآن ڊرائيور کي ڏنو. ڊرائيور قرآن کي چميو ۽ اڳيان رکي ڇڏيو.

هن کي قرآن سان ڏسي، مون جيان سڀني جي چهرن تي تجسس هئو. مون کيس ڌيان ڏيئي ڏٺو. عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ هئي، نج ٻهراڙيءَ جي هئي، چهري تي گهاٽا گهنج هئس، اکين ۾ ارمانن جو ٽٽل آئينو مون چڱيءَ طرح چٽو ڏٺو.


درد جو ڪو حقيقي عڪس ٿي سگهي ٿو ته مون اهو هن جي چهري تي ڏٺو پئي. چهنڊڙيءَ جي هڪ لهر منهنجي سڄي وجود ۾ لهي ويئي هئي.

منهنجي ڀر سان ويٺل همراهه هن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته خبر پئي ته رن زال آهي.

هڪ ئي پٽ هئس جيڪو شهر ۾ ٿي رهيو. وٽس ٻيو نه گهر هئو نه گهاٽ، دربدر پئي گهاريائين. ڳوٺ کان پٽ سان ملڻ آئي هئي ۽ هاڻي واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ ويگن ۾ چڙهي هئي. مون کان رهيو نه ٿيو، مون کيس چيو؛

”ته پوءِ پٽ وٽ ڇو نه ٿي رهين؟“

هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ درد ۾ ٻڏل لفظن ۾ جواب ڏنو؛

”پٽ وٽ ئي رهڻ لاءِ آئي هئم... پر هن پاڻ وٽ رهڻ ئي نه ڏنو...“

مون کان ڇرڪ نڪري ويو.

”هتي پوليس ۾ صوبيدار آهي... هن کي قرآن ڏنم پر هن کي ترس نه آيو...“

هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو.

”ڌڪا ڏيئي گهر مان ڪڍيو....“

هن جي چهري جا گهنج، هن جي دردن جي تاريخ ٻڌائي رهيا هئا.

چيومانس؛ ”پنهنجي گاڏي ٿي، اڏي تي ڇڏي اچ... نه مڃيائين ابا... ڪرائي جيترا پئسا به نه ڏنائين...“

هڪ ٻيو ٿڌو ساهه ڀري روئڻهارڪي ٿي ويئي.

”بس ابا... پُڇڙي؛ بُڇڙي...!“

هن چوڻي ائين ٻڌائي ڄڻ سنڌ جي ڏاهن اها چوڻي هن کي ڏسي ئي ٺاهي هجي.

”بس ابا، ذري جو به رحم نه آيس، منهنجي ٻڍاپي تي... شل نه ڪنهن تي ٻڍاپو اچي... ٻڍاپو؛ ٻيو ٻالپو...“

مون ان چوڻيءَ کي چڱيءَ طرح سمجهيو ٿي. پوڙهي ۽ ٻار ۾ هڪ مماثلت ضرور هوندي آهي، ٻئي محتاج هوندا آهن.

”ڳوٺ ۾ ڪنهن وٽ رهندي آهين؟“ مون کانئس پڇيو.

”ڌيءَ اٿم...“ هن وري ٿڌو ساهه کنيو.

”مڙئي ٽڪر ڏيندي اٿم... پر ابا... ڄاٽو به نٿو سهي... بس ابا... ڄاٽا؛ ابتا ڏاٽا.“

هن جي چهري تي درد جون ريکائون صاف ڏسڻ ۾ ٿي آيون. سندس لفظ لفظ مان سچ بکيو پئي. سماج جي پستيءَ جون علامتون اسان جي اکين آڏو هيون. منهنجي اندر مان دانهن واڪو ڪيو. مان سماج جي پستيءَ تي ڏڪي ويو هئس....

(پنھنجي اخبار ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment