Wednesday, September 16, 2020

ڦٽ ۾ هڏي ۽ ڪلو گوشت

ڦٽ ۾ هڏي ۽ ڪلو گوشت

ننڍڙي ڪھاڻي

محمد علي محمدي 



هڪ قاصائي جي پير ۾ هڏي چڀڻ سان، ڦٽ ٿي پيو. هو هڪ جراح وٽ وڃڻ لڳو. جراح روزانو پٽي ڪندو رهيو ۽ قاصائي، بدلي ۾ کيس هڪ ڪلو گوشت موڪليندو رهيو.

هڪ ڏهاڙي جراح موڪل تي هو.


قاصائي جراح جي دڪان تي ويو. جراح جي شاگرد پٽي ڪندي محسوس ڪيو ته ڦٽ ۾ ڌاري هڏي پيل آهي، جنھنڪري ڦٽ ڇٽي نه ٿو. هن ان واڌاري هڏيءَ ڪڍي، پٽي ڪري ڇڏي. جنھن سان، قاصائيءَ جي پير جي ڦٽ جا چونئرا وري ويا ۽ ڦٽ مورجي، ڇٽي ويو. قاصائيءَ، ٻئي ڏينھن کان، جراح وٽ پٽي ڪرائڻ لاءِ، وڃڻ ڇڏي ڏنو.

جراح سبب معلوم ڪرڻ واسطي، شاگرد کان قاصائيءَ جي نه اچڻ بابت پڇيو، جنھن کيس سڄي ماجرا ڪري ٻڌائي.

جراح، ماجرا ٻڌڻ بعد، ڏاڍو ڪاوڙيو.

”تو مون کي انڌو سمجھيو آهي؟ هڏي مون کي نظر نه پئي آئي. مان اھا نه پئي ڪڍي سگھيس؟“ پنهنجي شاگرد کي ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهايائيندي، سمجھائڻ واري نوع ۾ چوڻ لڳس؛ ”بيوقوف! تو سندس پير جي زخم مان هڏي نه ڪڍي! بلڪ منهنجي ٻچڙن جي واٽ مان، ڏهاڙيءَ وارو ڪلو گوشت جو ڪڍي ورتو.“

 

(محمد علي محمدي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان، ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي ترميم سان کنيل)

No comments:

Post a Comment