Tuesday, September 15, 2020

ڀيليل جواني

ڀيليل جواني

ننڍڙي ڪهاڻي

ارشاد ڪٽپر



هن جي ميرن ڪپڙن مان ٻهڪندڙ ڦوھ جواني ليئا پائي، رولو ڇوڪرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي هئي. ڪيترا ئي ڇوڪرا سندس لنگھڻ واري رستي تي کيس ڏسڻ ۽ ساڻس دوستي رکڻ لاءِ آتا هوندا هئا. روپا ڀيلڻ، شهر جي پاسي ۾ پنهنجن جھوپڙن ۾ رهندي هئي. هن جا ماءُ پيءُ روزانو شهر جي شاهي بازار ۾ پنڻ ايندا هئا ۽ روپا به ساڻن گڏ يا الڳ ٿي پنندي هئي. خاص طور جڏهن جوانيءَ جي در پهتي ته اڪيلي پنڻ نڪرندي هئي ۽ ماءُ پيءُ کان گھڻو ڪمائي ايندي هئي.


هوءَ منهنجي بازار کان پاسيري، دڪان تي به خيرات وٺڻ ايندي هئي. مان کيس بازار جي رواج موجب پنج يا ڏھ پيسا ڏيندو هئس. سڀ دڪاندار، فقيرن کي اھي ئي ڏيندا هئا.

ڪجھه ڏينهن کان پوءِ، هوءَ پهريان سڌو منهنجي دڪان تي اچي، ڪائونٽر اڳيان پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهندي هئي. پنج يا ڏھ پيسا ڪو نه وٺندي هئي. بلڪ چئين آنين گھرندي هئي. مون کي سندس اهو ضد، سمجهه ۾ ڪو نه ايندو هو.

هڪ ڏينهن جيئن ئي روپا آئي ته سندس پويان هڪ جوان لڳو آيو. روپا جي وڃڻ کان پوءِ، جوان چيو؛

”استاد! واه واه! روپا سڀ کان پهريان اوهان جي دڪان تي اچي ٿي. پوءِ ڀلا اسان بس ٿا ڪيون!“

مون کيس وراڻيو؛ ”ابا! اوهان کي پرتي! منهنجو واسطو ناهي.“

ائين چئي، مون جان ڇڏائي. ان کان پوءِ روپا به گھٽ ايندي هئي.

ڪجھه سالن کان پوءِ، هوءَ بازار ۾ مون کي نظر آئي. هڪ ٻار ڪڇ تي ۽ هڪ ساڻ ھئس. اکيون ڏرا ڏنل. منهن چٽيل ۽ گهنج. مون کي ڏسي بيٺي. مان، کيس گھڻو ڏسي نه سگھيس، جو سندس نظرون چئي رهيون هيون؛ ”ڇا ٿو ڏسين ڀيليل جوانيءَ کي!!!“

 

(ارشاد ڪٽپر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment