Wednesday, September 16, 2020

بھادر ڇوڪري

بھادر ڇوڪري

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي ”ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ۽ مضمون“ ڪتاب جو اڀياس

وحيدمحسن 



ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم، اديب ۽ اسڪالر آهي جنهن تحقيق جي ميدان ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. پر ھن جي لکڻ جي شروعات، ٻاراڻي ادب سان ٿي ھئي، جنهن ۾ ان ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ۽ مضمون به لکيا ھئا. اھو سندس ٻاروتڻ جو دؤر هو ۽ ان دؤر جي گھرج مطابق ان جون ادبي ڪاوشون ماھوار رسالي گل ڦل ۾ به شايع ٿيون جيڪي ھاڻوڪي دؤر ۾ به اوتريون ئي اھميت جي حامل آهن.

”بھادر ڇوڪري“ ۾ مختصر ٻارهن ڪھاڻيون، چار مضمون، مزاحيا خبرون ۽ غلام مصطفى حيدر سان ڳالھ ٻولھ شامل آهي.




ڪھاڻي: ”جھرڪيءَ جو ٻچڙو“ ۾ جيڪي احساس ڊاڪٽر ڪمال تخليق ڪيا آهن ان جي پڙهڻ کانپوءِ دل ۾ بي انتھا احساس جنم وٺن ٿا. ھڪ جھرڪيءَ جو معصوم ٻچڙو شرارتي ٻارن ھٿان مري وڃي ٿو. ھي ڪھاڻي مڪمل طور تي سبق آموز ڪھاڻي آهي جنهن ۾ جھرڪي پنهنجي ٻچڙي کي آکيري ۾ رھڻ جي نصيحت ڪري ٿي، پر بي سمجھ ٻچڙي کان اھا نصيحت وسري وڃي ٿي. ھو آکيري مان ھيٺ لھي ٿو ۽ شرارتي ٻارن جي ور چڙهي زندگي وڃائي ويھي ٿو ۽ سندس ماءُ جھرڪي روئي ٿي آخر ۾ ڪھاڻيڪار سبق آموز نصيحت ڪري ٿو.

ڪھاڻي: “ساڙيلو ڀولو” ھيءَ ڪھاڻي ٻارن لاء انوکي آهي. جنهن ۾ ھڪ وڻ تي ڦوسيءَ جو آکيرو آهي ۽ ان وڻ تي ھڪ ڀولو به رھندو ھو. مينهن ۾ ڀولو سيءَ جي ڪري ڏڪي رهيو ھو ۽ ڦوسي وڻ جي جھڳٽي ۾ آکيرو ٺاهيو ھو ۽ خوش لڳي پئي ھئي. جنهن ڀولي کي نصيحت ڪئي ته تون به وڻ تي پنهنجي بچاءَ لاءِ گهر ٺاهين ھا ته ھن وقت آرام سان ويٺو ھجين ھا. اھڙي نصيحت ڀولي کي نه وڻي ۽ ڪاوڙ ۾ ڦوسيءَ جو آکيرو ڊاھي ڇڏيائين. سو ڪاوڙ ۽ ساڙ ٻئي کي نقصان ته پھچائي ٿو پر ان کي پاڻ ڪجھ حاصل نٿو ٿئي. اھڙي  قسم جي نصيحت ھن ڪھاڻي مان ملي ٿي.

ڪھاڻي: “ڏاھو ٻار“ ھڪ فرمانبردار پٽ جي ڪھاڻي آهي جنهن ۾ ٻار پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪري ٿو ۽ دعائون حاصل ڪري ٿو ۽ اھو ٻار وڏو ٿي ڊاڪٽر بڻجي ٿو ۽ سدورا ٻار دعائون حاصل ڪندا آهن سٺي ڪھاڻي آهي جنهن مان گھريلو زندگي جو سھڻو تاثر ملي ٿو!

ڪھاڻي: ”سچار ڇوڪر ۾ سچ جي اھميت کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي ۽ حاڪم نالي ڇوڪري پنهنجي ماء جي نصيحت تي عمل ڪندي استاد سان سڇ ڳالھايو ته ھن رستي مان ٽيھ روپيا  ۽ سوني منڊي لڌي آهي ڪھاڻي جي آخر ۾ ڪھاڻيڪار خوبصورت شاعراڻي سٽ ڏني آهي ته:

سچ چوڻ سان ملندو پيار،

ڪڏهن ٿيندس ڪين خوار.

ڪھاڻي: “بھادر ڇوڪري“ جيڪا ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي آهي جنهن ۾ ھڪ ھاري جي ڌيءَ علم جي طاقت سان ۽ پنهنجي جرئت سان  ظالم وڏيري جون اکيون کولي ڇڏي ٿي ۽ وڏيرو پنهنجي پٽ کي پڙھائڻ لاء شھر جي اسڪول ۾ پڙھائي ٿو ۽ ڳوٺ ۾ به اسڪول کولرائي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي پنهنجو تاثر ڇڏي ٿي.

ھن ڪتاب ۾ ٻيون ڪھاڻيون ھڪ ڏينهن جي ڳالھ، حرڪتي ٻار، شرارت، منو پيٽي، چوريءَ جي سزا، امڙ ۽ آخري ڪھاڻي “نوشيروان بادشاھ وارو فيصلو“ شامل آهن انهيءَ ڪھاڻي مان عبرت حاصل ٿئي ٿي، جيڪا پراڻي دؤر جي زندگي جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻي آهي. مجموعي طور ھن ڪتاب ۾ جيڪي ڪھاڻيون شامل آهن، اھي ٻارن جي وندر ورونھن ۽ تربيت لاء ڪارگر آهن ۽ ٻئي حصي ۾ مضمون ڏنا ويا آهن جيڪي ٻارن ۾ لکڻ جو جذبو پيدا ڪندا. سٺي ڪاوش تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي واڌايون.

ھي ڪتاب ۴۸ صفحن تي ڦھليل آهي جنهن کي سرھاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ، سنسار پبليڪيشنس اينڊ پرنٽرس ڪراچي کان آگسٽ ۲۰۲۰ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ھن ڪتاب جو ملھ ۱۴۰ روپيا رکيو ويو آهي پاڻ به پڙھو پنهنجن ٻارن کي به اھو ڪتاب پڙھائيو جنهن سان انهن جي سھڻي تربيت ٿيندي.

 

(وحيدمحسن جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)




No comments:

Post a Comment