Tuesday, September 15, 2020

لڏ به ڏي، لڏاڻي به ڏي

لڏ به ڏي، لڏاڻي به ڏي

ننڍڙي ڪھاڻي

علي محمد درد سولنگي



فيسبڪ ميسينجر تي ميسيج آيو: ”ادا! ھيٺ ڏنل ايڊريس تي، ڪتاب جي عنايت ڪندا!“ ھيٺان ايڊريس به لکيل ھئي.

ورنديءَ ۾ پبلشر جو نالو لکي، کيس ميسيج ڪيم: ”ادا ڪتاب جنھن ڇپايو آھي، ان جي اسٽال تان ملندو. آئون ڪتاب گھر جي ايڊريس ھيٺ لکان ٿو.“

کيس ايڊريس سميت، مسيج موڪليم.


موٽ ۾، مسينجر تي، ٺڪ ورندي آئي: ”اھو پبلشر ايڏو ڀلو ڪونھي جو پنھنجي خرچ تي ڪتاب ڇپرائي. خاص ضرورت ڪا نه ھئي. بس سوچيوسين؛ لائبرريءَ ۾ رکجي. ان لاءِ مسيج ڪيوسين.“

ميسيج پڙھي مرڪي پيس.

 

(علي محمد درد سولنگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي رکيل/کنيل)

No comments:

Post a Comment