Wednesday, September 16, 2020

آزاديءَ جو خواب

آزاديءَ جو خواب

ڪهاڻي

رزاق سهتو



جيل جو سي ڪلاس هئو. بلب جي جھيڻي روشني هئي. جنهن جي ڇانوري ۾ جوان ڳڀرو قيدي، گوڏن ۾ ڪنڌ هنيون، گھري سوچ ۾ ٻڏل هئو. جسماني رمانڊ تي هئو. ٽارچر سيل مان موٽيو هئو. سندس هڏ هڏ، ڏکي رهيو هئو. ڪنڌ مٿي ڪري چريو پريو ته دٻيل آهه نڪري ويس. جسم کي هٿن جي سهاري سان سمهاري ڇڏيائين. رات ماحول کي وڌيڪ خوفناڪ ۽ ڀيانڪ ڪري ڇڏيو هئو. سندن وارڊ جي در تي ويٺل سپاهين ننڊ ۾ جھوٽا پئي کاڌا. جيل ۾ خاموشي هئي. بي جان بلب وارڊن ۾ هلڪي روشني سان ٻري رهيا هئا. رات جي راڪاس، ڪارا چنبا کوڙيا ته هو ڊپ جي چادر ۾ ويڙهجي ويو. چِيٽ اڀري، سانت ڦٽجي پئي. ڪنهن نه ڄاتو؛ چيٽَ، ماڻهوءَ جي ھئي يا جانور جي هئي. ماڻهوءَ مٿان ماڻهو، ڳرو پئجي ويو آهي. جياپي جا دڳ، ڌوڙ ٿي ويا آهن. رکي رکي سپاهين جي گھمڻ ڦرڻ سان، سندن بوٽ جي کڙين جا آواز پئي آيا. سندن کڙيون، زمين تي نه پر قيدين جي دلين تي رکيون پئي ويون. دليون ڦٿڪي نئين ڪرب ۾ بدلجي ٿي ويون. قيدين جي رڳ رڳ ۾ ڊپ لهي ويو هئو.


هي قيدي سوچي پيو؛ ”بندي خاني ۾ ٽارچر سهندي مري ويس ته گھر وارن جي ڪير سار لهندو؟ والدين جا ته ارمان اڌورا رهجي ويندا.“ جوان قيديءَ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سوچن جي واچوڙي ۾ ڦيراٽيون پائڻ لڳو. سوچ جو دائرو جيل جي بند وارڊ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو. هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿي ويندو. پوءِ گھر... ها گھر.

گھر جي ٻاهران بيٺو هو. گھر ته منهنجو ئي آهي.

سندس قدم گهر جي ٻاهرين در جي چانئٺ تي پهچي وڃن ٿا. گھر ۾ قدم رکڻ کان پهريائين نظر ڦيرائي ٿو. نظرون ماحول جو چؤڦير جائزو وٺن ٿيون. ٻاهران ايڏي ويراني ڇو آهي. هن پاسي گھاٽو وڻ هيو. ان جي گھاٽي ڇانءَ ۾ ڪي گھڙيون ويهي گهر وارن سان ڪچهريون ڪندو هيس. هاڻي وڻ ڪيڏانهن ويو. وڻ شايد وڍي ڇڏيائون. وڻ جي ڇانو ۾ ويهي مون سان گڏ نوري ڪچهري ڪندي هئي. مونکي ڏاڍي چڱڙي لڳندي هئي. هڪ جيڏا هياسين. وڻ جو ڏار هيٺ، نميل هوندو هئو. ان ۾ رسو ٻڌي، پينگھ ٺاهي، زور زور سان لوڏا کائيندو هيس. مون کي لڏندي ڏسي، نوري به پنهجي گهر مان ڊوڙي ايندي هئي. ڪجھ ڪڇڻ کانسواءِ ڪنڌ جھڪائي، سامهون بيهي رهندي هئي. سندس دل ۾ خواهش جاڳندي هئي ته جيڪر مان به لوڏا کاوان. پر نوريءَ واري نماڻائي ۽ لڄ کيس ڪجھ ڪڇڻ کان مجبور ڪري وجھندي هئي. مان ڄاڻي واڻي کانئس ڪجھ به پڇندو ڪو نه هيس ۽ الڀولو ٿي لڏندو رهندو هيس. نوريءَ جون نماڻيون اکيون مون کي گھورينديون رهنديون هيون. سندس نهار، اندر ۾ لهندي ويندي هئي. هن جو اهڙو ڏسڻ، مجبور ڪري وجھندو هيو.

چوندو هيس؛ “نوري پينگھ تي لوڏا کائيندينءَ!”

هوءَ جواب ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي هئي. پوءِ کيس پينگھ تي ويهاري، ڏاڍيان لوڏا ڏيندو هيس. هوءَ لڏندي خوش ٿي کلندي هئي. هن جي کلڻ سان منهنجي دل کي ڏاڍو سڪون ملندو هيو. ڪڏهن هوءَ ۽ مان ويهي اڪيلائيءَ ۾ ڪچهري ڪندا هياسين. هن کي اڪثر شڪايت هوندي هئي ته؛ ”شهر وڃي ٿو ته ايڏا ڏينهن ڇو ٿو لائين. دير سان ڇو ٿو واپس اچين؟“ مان کيس سمجھائيندو هيس؛ ”چري مان پڙهي رهيو آهيان! ڏيهاڙي گھر واپس ايندس ته پڙهائي ڪا نه ٿي سگھندي. تنهنڪري دير دير سان ڳوٺ ايندو آهيان.“

نوري ڏاڍي وڻندڙ ۽ پنهنجائپ واري انداز ۾ چوندي هئي؛ “پڙهڻ سٺي ڳالهه آهي. پر اسان ڇوڪرين جي نصيبن ۾ لکيو پڙهيو آهي ئي ڪو نه.”

مان کلي چوندو هيس؛ ”چري ان ۾ نصيب جي ڪهڙي ڳالهه آهي! هن سماج جي جوڙجڪ اسان ماڻهن ئي هٿ ٺوڪي بڻائي آهي. اول ته ڇوڪرين کي پڙهائبو ڪو نه. ٻيو وري ڇوڪرين جي پڙهڻ لاءِ ڪو به جوڳو بندوبست ڪو نه آهي. شهر جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙيءَ ۾ تعليم جون سهولتون بلڪل نه هجڻ جي برابر آهن. تنهن ڪري هتان جون ڇوڪريون تعليم جهڙي زيور کان محروم رهجيو وڃن. نوري دلگير نه ٿي مان تو کي ضرور پڙهائيندس.“

هوءَ ڇرڪي ويندي هئي؛ ”سچ! تون پڙهائيندين. مان به دل لائي پڙهنديس.“

اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، دل ۾ سوچيندو هيس؛ ”تو کي ڪهڙي ڪل ته نوري مان جنهن منزل جو مسافر آهيان اها ڪيڏي نه ڪٺن آهي. جنهن جي راهه ۾ ڪنڊا ئي ڪنڊا ۽ درد ئي درد آهن. ڏونگر ڏورڻا پوندا آهن. هيءَ، ڌرتيءَ جي وارسيءَ جي ويڙهه آهي. تون انتظار ڪري ٿڪجي پونديءَ ۽ منهن موڙي ڇڏيندينءَ.“

مان سمجھان ٿو ته نم جو وڻ اما جن وڍرائي ڇڏيو آهي. وڻ جي ڪٽجي وڃڻ ڪري ان پاسي واري ڪنڊ ويران پئي لڳي. هاڻي مون کي گھر ۾ داخل ٿيڻ گھرجي. پهريائين در کڙڪايان. هيترن ڏينهن پڄاڻان آزاد ٿي ويو آهيان. اوچتو جيڪڏهن امان جن ڏٺو ته خوشيءَ وچان کيس ڪجھ ٿي نه پوي. ماءُ جي ممتا جاڳي پوندي ته هوءَ پاڻ کي سنڀالي ڪا نه سگھندي. سٺو آهي ته در کڙڪايان. نه! ائين ئي گھر ۾ داخل ٿو ٿيان.

هو گھر ۾ داخل ٿيو. سامهون ويٺل ماءُ جي نظر هن تي پئي. ماءُ ڊوڙي اڳتي وڌي. هو به وڌيو. ماءُ جي ممتا جاڳي پئي. ماءُ ڀاڪر پائي هٿن ۽ ڳلن تي چميون ڏنس، ڳراٽڙيون پائڻ لڳس؛ ”منهنجا پنهل پٽ، مان صدقي وڃان گھور ٿيان پنهنجي پٽڙي تان، تنهنجي ماءُ تو تان صدقي، آزاد ٿي آئين. سُڌ به ڪا نه ڏنئي. آزاد! آزاد! آزاد ڪير؟ آزاد سنڌ آزاد! مان آزاد.“ اهڙا لفظ قيديءَ جي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳا. قيدي ڇرڪ ڀريو. آزادي آزادي ڪندي اٿي کڙو ٿيو. پاسي ۾ ستل قيدين کي جاڳ ٿي. ”خير ته آهي آزاديءَ جو خواب ڏٺئي ڇا؟؟!“ هو وائڙ ٿي ويو هئو. ڄڻ کيس ڪنهن ماءُ جي ڀاڪر مان ڇڪي ڪڍيو هجي. اڌ چريائپ واري انداز۾ چوڻ لڳو.

”امان! امان!“ هيڏي هوڏي ڏسي ٿو. ٻيا قيدي کيس سمهاري ڇڏين ٿا. پر سندس من ٿانيڪو ڪونهي. چاهي ٿو؛ جيڪر رڙيون ڪيان. چيٽون ڪيان. ”مان بي ڏوهي آهيان. مان بي ڏوهي آهيان. مون کي آزاد ڪيو. مون کي آزاد ڪيو. مون کي امان پڪاري پئي. ڀاءُ، ڀيڻ سارين پيا.“ پر چپ ٿي ڪري پنهنجي جذبن کي قابوءَ ۾ آڻڻ لڳو. ليٽڻ جي ڪوشش ڪيائين. اکيون ٻوٽي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر سَندس سَنڌُ سَنڌُ ڏکي رهيو هئو.

سوچي ٿو؛ ”هينئر گهڻو ٽائيم ٿيو هوندو. مان سمجھان ٿو رات جو پويون پهر آهي. مون کي هاڻي سمهڻ گھرجي. صبح خبر نه آهي ڪهڙين مصيبتن مان گذرڻو پوي. اَسر جي ٿڌڙي هوا تي آزاد ماحول ۾ ماڻهو گھري ننڊ ۾ ستل هوندا. پکي پکڻ، جيت جڻيا، سڀ ننڊ ۾ ستل. آزادي ڪيڏ نه امر آهي. خوش قسمت آهن، اهي جيڪي پنهنجي گهرن ۾ سڪون جي ننڊ سمهن ٿا.“

ڳڀرو قيديءَ جي اندر جو آواز اڀري ٿو؛ “تون همٿ ٿو هارين جانيئڙا. پتنگ بڻجي پاڻ کي آزاديءَ جي شمع ۾ جلڻ کان پير پوئتي ٿو سورين. عشق زندهه آباد جو وچن وساري ويٺين ڇا. عاشق پتنگ جيئن آڳ اجهائيندا آهن. پاڻ ساڙي ٻين کي روشنيءَ جي راهه ڏيکاريندا آهن. تو جوان جوڌي کي اهو وڙُ ڪين سونهي. آڳ جو آڙاهه ڏسي پوئتي پير ٿو ڪرين. قيد کان ٻاهر جي آزاديءَ لئي هِرکين ٿو. چريا! اهي غلاميءَ جي ننڊ ۾ غرق آهن. ڌرتيءَ جو مَانُ مٿانهون ڪندڙ سر جو سانگو لاهي، موت قبولي ڌرتيءَ کي رت جو ريج ڏئي حق سچ جو فصل پوکي ويا. هي شاهه عنايت شهيد، هيمون، هوشو، دودو، بلاول جهڙا حق جي راهه جا مسافر هئا. ڇا تون انهن جي راهه تي هلندي ڪائنر ٿي پوئتي پير ڪندين. جن ڌرتيءَ ماءُ سان دغا ڪئي، مظلوم ماروئڙن جي لاشن کي اورانگھي وڃي شاهي تخت تي ويٺا. انهن جو حشر ڪهڙو ٿيو. انهن جي قبرن مٿان ڪانوَ ڪان ڪان پيا ڪن. پر سچ جا پانڌيئڙا حق جي راهه تي هلڻ وارا، پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ويا. پر جھڪڻ ڪين سکيا. انهن جي قبرن مٿان گل ڇٽي، شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو ٿو وڃي. مان به ڌرتيءَ جي آزادي خاطر پيو وڙهان. ڌرتيءَ کي ورهاڱي کان بچاءَ جي ويڙهه پيو وڙهان. مسڪين ماروئڙن جي حقن جي ڳالهه پيو ڪيان. انگ اگھاڙن، پيٽ بکين انسانن جي ڳالهه پيو ڪريان. منهنجي راهه حق جي راههَ، منهنجي راهه سچ جي راهه آهي.

هو بهادر قيدي هئو. سندس سوچ سمنڊ جهڙي عميق، ارادا ڪارونجھر جيان اندر ۾ اڀريا بيٺا هئا. تڏهن به سندس ماءُ جا لڙڪ کيس پريشان ڪندا هئا. ماءُ ۽ اولاد جو رشتو ئي اهڙو آهي. دنيا ۾ بي لوث پيار ماءُ جو ئي پيار آهي.

رات پَلوَ آجا ڪيا. باک ڦٽي پئي. سج جا ڪرڻا نئين سر ڌرتيءَ کي چمڻ لڳا. سج اڀري سڌو ٿيو. جيل ۾  معمول جا فرض شروع ٿي ويا. چوطرف چرپر ٿي وئي. پنهنجي هر ڪنهن ذميداري سنڀالي ورتي. جوان، رات جي اوجاڳي ڪري ننڊ ۾ هئو. سندس ساٿي قيدي اٿي، ڏيهاڙيءَ جي ڪرت سان لڳي ويا هئا. قيديءَ کي ڪو ئي جاڳائي رهيو هئو.

اٿ! ملاقات آئي ٿي.“

”توهان ته منهنجي ملاقات تي بندش هڻي ڇڏي آهي.“

 سپاهيءَ جو رکو آواز گونجيو؛ ”هل! اجائي آڪڙ ٿو ڏيکارين. صاحب گھرايو ٿي.“

اٿيو. سپاهيءَ سان گڏ هلڻ لڳو. جيل جي اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ پهتو. جتي سندس ڀاءُ ويٺو هئو. ناميارو وڪيل به موجود هيو. ڀاءُ کي ڏسندي ئي سندس دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي.

“ادا خير ته آهي امان سانئڻ ته ٺيڪ آهي. رات کيس خواب ۾ ڏٺو هيم. پريشان پئي لڳي.”

ڀاڻس سڏڪا ڀرڻ لڳو. ٻئي ڀائر ڀاڪرين پئجي ويا. ڀاڪر کان الڳ ٿيا ته سندس ڀاءُ ڪنڌ هيٺ ڪري ڏکياري لهجي ۾ چيو ته؛ “منهنجا قيدي ڀاءُ! امڙ اسان کي ڇڏي وئي. جدا ٿي وئي. دعائن جا در بند ٿي ويا، ڀائو!“

 قيديءَ جي اکين اڳيان انڌارو اچي ويو. حواس جواب ڏئي ويس. بس روئندو رهيو.

ڀاڻس ٻڌايس ته؛ ادا! امان تو کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي. ساريندي هئي. چوندي هئي ته منهنجي ٻچڙي کي گھرايو. مان ان جو آخري ديدار ڪيان. ان جي مٿي کي چمي ڏيان. پيار ڪيان. ڳلي لايان، سيني سان لايان، پر ادا اسان بيوس هياسين ڪجھ ڪين ڪري سگھياسين. تنهنجي تصوير کي آخري وقت ۾ چمندي، سيني سان لڳايائين. سندس اکين مان ڳوڙها پئي ڳڙيا. هر وقت تنهنجي تصوير سيرانديءَ کان پيل هوندي هئس.”

وڪيل ڳالهايو؛ “مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته تو کي پيرول تي رهائي ملي، پر ڊڪٽيٽر جو دور آهي. سمورا انساني حقوق معطل آهن. تو کي ماءُ جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي اجازت ڪا نه ملي. اهو ئي اوهان کي ٻڌائڻ آيا آهيون.”

قيديءَ جو منهن هيڊو ٿي ويو.

 

(نڪورَ ڪهاڻي.... ۱۸ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي فيسبڪ وال تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment