Friday, September 18, 2020

ناد وارو امر لغاري ۽ ڪردار

ناد وارو امر لغاري ۽ ڪردار

عبدالله نظاماڻي



مان جڏهن اماوس رات ۾ ادب جي آسمان تي نظر وجهندو آهيان ته چمڪندڙ تارن ۾ هڪ روشن تارو ڪهاڻيڪار امر لغاري به لڳندو آهي. سندس ڪهاڻيون اڪثر ڪري سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ ٻڌندو رهندو آهيان. منهنجي هٿ ۾ امر لغاري جو ڪتاب “ناد وارو” آهي. جيڪو آڪٽوبر ۲۰۱۵ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو.

هن ڪتاب ۾ ڪل سترهن ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ منوج ڪمار ۽ بيڪ ٽائيٽل منظور ملاح جو لکيل آهي.




ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “نادوارو” آهي. جيڪا سماج ۾ معاشي تبديلي کي ظاهر ڪري ٿي. هن ڪهاڻي ۾ احمد جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو ڍڳن جا کر ۽ گهوڙن سنب ڇلي، روزي ڪمائي ٿو. معاشري ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي پر احمد کي ڪل ئي نه ٿي پوي. ڍڳن جي جاء تي ٽريڪٽر، ٽانگن جي جاء تي رڪشا اچي وڃن ٿا پر احمد انهي ڌنڌي ۾ رڌل.

احمد کي تڏهن خبر پوي ٿي جڏهن سماج تبديل ٿي وڃي ٿو. هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿو رهي، بس رهي ٿي، پريشاني، مايوسي ۽ لڙڪ. جيڪو ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

“جوڻس ۽ وڏي ڌي پريشاني منجهان روئڻ لڳيون. ننڍڙي مومل به پريشان ٿي وئي ته آخر گهر ڀاتين ٿيو ڇا هي!!؟

جو سڀ پيا روئين. هو هلڪڙا هلڪڙا قدم کڻندي، پڻس وٽ پهتي. پنهنجو ننڍڙو هٿ وڍيل مڇين ٿي رکيائين. جيڪي هن کي عجيب پراسرار پئي لڳيون. احمد جيئن مومل جي آڱرين جي ڇهاءَ کي محسوس ڪيائين ته کڻي ڇاتي سان لاتائينس.

مومل جي منهن ۾ تڪيندي بس ايترو چيائين. “امان تون هلي کيڏ، الله ڀلي ڪندو. بابهين کي ڪجهه ناهي ٿيو، بس هن پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪجهه دير ڪري ڇڏي آهي. هي انهي ڪوتاهي جا لڙڪ آهن.”

هي ڪهاڻي رڳو پيغام نٿي ڇڏي پر انهي ڌنڌي ۽ ناد کي به امر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي نئين نسل کي شايد ئي خبر هجي. احمد جو منفرد ڪردار هن ڪهاڻيءَ جو ماحول وڌيڪ سگهارو ڪري ٿو.

هن ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي “فوجيءَ جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک ڪيئن ڦاٿو” جي عنوان سان آهي. هي ڪهاڻي سماج ۾ ٿيندڙ عورتن سان ظلم کي وائکو ڪري ٿي. اهڙيون عورتون جيڪي ورهين تائين انتظار ڪن ٿيون ۽ گڏيل خاندان ۾ رهن ٿيون. جنهن جا مرد پري ڪم تي ويل هجن ۽ گهر ۾ جوان ڀائر ڇڏي وڃن ۽ سس جو رويو به ٺيڪ نه هجي، جيڪي پنهنجن جي هٿان ئي جنسي حوس جو شڪار ٿين جبر ۽  ڏاڍ برداشت ڪن ۽ مارجي وڃن.

هي ڪهاڻي به هڪ اهڙي عورت جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار مارل جو آهي. جيڪا گهر جي ڪم ڪار کان ويندي، مال جو واڙ به هوءَ سنڀالي ٿي. سڄو بار مارل جي مٿان اهو سندس  مڙس جو پهريون ۽ آخري سبق هو. سهري جي مرڻ کان پوءِ گهر جو ڌڻي وڏو ڏير.

مارل جيڪو ڪم ڪري، ڏير اڳيان اڳيان. پوءِ ته ڏير مڙس ٿي ويهي رهيو. هوءَ مڙس، سس ۽ وڏي ڏير جي ظلم هيٺ. هڪ  ڊائلاگ آهي؛ “ابا مارينس ته نه پاڙو ڇا چوندو.؟؟”

جنهن سماج ۾ پٽ پيارا هوندا آهن. ننهن کي ڌي نه سمجھيو وڃي. اهڙي سماج ۾ مارل جهڙا ڪردار ظلم جي ور چڙهي ويندا آهن. مارل جهڙيون ناريون  ماءُ سان پنهنجو حال اورينديون آهن ته هوءَ به خاموش رهڻ جي تاڪيد ڪنديون آهن. انهن کي خوف هوندو آهي. ٻن خاندانن جي ٽٽڻ  جو، مردن جي مرڻ جو. مارل جهڙي ناري روز جيئي ۽ روز مري. هوءَ روز جنسي حوس جو شڪار ٿئي ٿي.

جيڪو هن ڊائلاگ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

“پوءِ انڌي رک نٿي ڪرين؟؟” هڪڙي زائفان ڄاڻندي به ڇيڙڻ چاهيس.

“اڙي ڪو  وقت ويلو هجي ته رک ڪيان!!”

شادي ٿيڻ کان پوءِ مارل جون خوشيون ختم ٿي ويون هيون پر ٻارن به خوشي ڪو نه ڏٺي. جيڪو انهن لفظن  مان ظاهر ٿئي ٿو.

“جوڻس پاڪي کنيل مٿو ڏسي هڪ لڱي سوچ ۾ پئجي وئي. جيئن جيئن ٿي ٻارن پيءُ کي ڏٺو. تيئن تيئن ٿي کل ڇٽن. پهريون ڀيرو ٻار پيءُ کي ڏسي ايترو کليا هئا.

ائين لڳو ڄڻ صدين کان پوءِ سندس گهر ۾ ڄڻ خوشي موٽي هئي.”

هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڏيکاريو آهي ته اها عورت گهرجي ڪم ڪار کان ويندي، مال کي به سنڀالي ٿي، جنسي حوس جو شڪار به ٿئي ٿي. موٽ ۾ ملي  ٿي، مار، دڙڪا ۽ رسوائي. هوءَ مڙس هٿان قتل ٿي وڃي ٿي. فوجي ڳجهن ادارن جو فائدو وٺندي، مولوي ۽ پوليس سان ملي ڪري، قتل کي خودڪشي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو.

ڪهاڻي جي پڇاڙيء ۾ فوجي کي اڌ فٽ جي ڏاڙهي ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ پاڙيوارن کي هر وقت ڏاڙهيءَ ۾ ڪک ڦاٿل نظر اچي ٿو. اهو علامتي ڪک مارل جي قتل جي يادگيري ڏياري ٿو.

ليکڪ هن ڪهاڻي ۾ ڪردارن کان ويندي موضوع سان خوب نڀاءُ ڪيو آهي. ٻولي جي خوبصورتي ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ سهڻو بنائي ٿي.

هن ڪتاب ٽيئن ڪهاڻي “گهڙي سوا جي انارڪلي” جي عنوان سان آهي.

هيءَ ڪهاڻي فرسٽ پرسن ۾ لکيل آهي. هي ڪهاڻي ان ڪردار جي آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. اهو ڪردار گرم ساهن جي موسيقي ۽لذت مان اسريل آهي. هو هڪ ٻئي وجود سان جڙيل آهي. ٻاهر جيڪو وهي واپري ٿو. انهي کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. هن جو ميزبان جنهن جو پارٽنر جيڪي حرڪتون ڪري ٿو، هن کي  ان تي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ هو پاڻ کي هڪ عذاب ۾ محسوس ڪري ٿو. هو جڏهن مرداڻي نالن تي بحث ڪن ٿا ته اهي هن کي نٿا وڻن. هي ڪهاڻي انهن روين کي ظاهر ڪري ٿي. جنهن ۾ اسان جو سماج ڌيءُ جي اولاد کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جيڪڏهن پارٽنر نالن تي ڳالهائين ته به اهي مرداڻا جيڪڏهن همراه ڀاڄائي سان ڳالهائي ته ڪردار کي مذڪر ڪري پيش ڪري. مطلب ته گنجائش صرف پٽ لاءِ آهي. ڪهاڻي جي اينڊ ۾ هوءَ  قتل ڪئي وڃي ٿي. هو بيان ڪري ٿو.

“پوءِ ڪنهن مهل ميزبان جي وجود جي نيم بيهوشيءَ واري صورتحال ۾ پاڻ کي ٿوهر جي هٿن ۾ محسوس ڪيو. مونکي ڏسندي، هن جا ڀرون تاڻجي ويا. هن جي آڱرين ۾ سختي اچي وئي. مون پل کن لاءِ نئين ماحول کي محسوس ڪيو پر پوءِ ساهه ۾ گهٽ محسوس ڪئي. ٿوهر جي ڪنڊن جهڙا هٿ منهنجي ڳچي ۾ کپي ويا پوءِ هن جي منهن تي ڪاوڙ، ملال ۽ ٻيون ڪيئي تلخيون آڏيري ول جيئن پکڙجنديون پئي ويون. مون ته دنيا ۾ اچي اڃا پهرين رڙ به نه ڪئي ته ڪو منهنجي پتڪڙن چپن تي مرڪ به نه ڏسي سگهيو.

افسوس دنيا ۾ مونکي ڏهن منٽن لاءِ به نه سٺوويو. !!”

هي ڪهاڻي انهن روين جي اپٽار ڪري ٿي، جيڪي ڇوڪريءَ يا عورت کي برداشت نه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪهاڻي سهڻين تشبيهن سان همڪنار آهي. جيڪا ڳالهه ڪهاڻيءَ کي اثرائتو ۽ خوبصورت بنائي ٿي.

هر ڪنهن وڌي، ڪونج کي هٿن ۾ کڻي، ان جي ڳچيءَ، پرن ۽ ڪنڌ کي پيار وچان چميون ڏنيون، ڪو به اهڙو نه هو، ائين ڪونج کي پري کان ڏسي سکڻو موٽي وڃي ها. هر ڪنهن ائين چميو ٿي. ڄڻ ته ڪونج نه پر بيحد پيارو ۽ مصعوم ٻارڙو هو جو مائٽن کان وڇڙي وري لڀي پيو هو. مٿيون سٽون ڪتاب جي چوٿين ڪهاڻي “ڪونج” مان ورتل آهن. هي ڪهاڻي پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ ڀلوڙ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار پريل جو آھي. جيڪو هڪ شڪاري آھي. جنهن سڄي عمر مصعوم پکين جا ساھ نپوڙي ڪڍيا آھن. ھن کي ڪو به پڇتاء نه آھي. جنهن جو اندازو هن مڪالمن مان ڪري سگھجي ٿو.

“تو واري ڀيڻ آھي نه صبحي، خبر اٿئي ڇا ٿي چوي؟ چوي ٿي تو سڄي عمر پرايا ساھ ورتا آھن، گگدامن جو وارو وريو آھي.”

“ڀلاءِ کانئس پڇ شڪار ڪرڻ کان خدا ڪو جھليو آهي ڇا؟ آڙي تتر يا ڪنهن تلور جي جان وٺڻ سان ماڻھن جا ٻار مرن ها ته اڄ اسان سڀ بي اولاد ھجون ها!”

هنکي ٿريشر جي، زون زون ڳيرن جي گھو گھو من ماندو ٿئي ڪيو. هن جي اندر جي شڪاري کي جڳايو ٿئي. ڪهاڻيءَ ۾ شڪاري ڪيئن نه منصوبا بندي سان شڪار ڏانهن وڌي ٿو ۽ پنهنجو شڪار ڪري ٿو. ان کي ليکڪ سهڻي انداز سان پش ڪيو آھي. هو جڏهن زخمي ڪونج کي گھر کڻي اچي ٿو ته ماڻهن جو ميڙ گھر ۾ گڏ ٿي وڃي ٿو. جڏهن هو ڪونج کي حلال ڪري ٿو ته ماڻهو نفرت ڀريل نگاهن سان ڏانهنس ڏسن ٿا. هن کي ڪونج تي ڪو به رحم نٿو اچي. ڪهاڻيءَ جي ٽريٽمنٽ اهڙي آھي جو ليکڪ قاريءَ کي گڏ وٺي هلي ٿو. ڪھاڻيءَ جي ٻولي، ماحول ۽ منظر نگاري مطلب ته هر لحاظ کان ڪهاڻي ڀرپور اثر ڇڏي ٿي.

هن ڪتاب جي پنجين ڪهاڻي “اڀ ۾ رڙيون“ هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي چوٽياريون ڊيم کان پوءِ جيڪا مکي جي علائقي ۾ ماحولياتي تباهي آئي، انهي کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي.

هڪ مڪالمي ۾ ليکڪ هن طرح بيان ڪري ٿو.

“ تنهنجي بابي جي يادگيريء ۾ اتي هنج لهندا هئا پر اها تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن هنن ڍنڍن ۾ تازو پاڻي وهندو هو ۽ چوڌاري لڪ هوندي هئي. انهن ۾ گٽر ڪو نه وهندا هئا، نه ماڻهن جا گونهن، نه ڪارخانن جا زهر شامل هوندا هئا نه فصلن جا!!

هي ڪهاڻي نه رڳو مکيءَ جي تباهي کي بيان ڪري ٿي پر سنڌ ۾ جيڪا ماحولياتي تباهي اچي پئي. ان کي ليکڪ سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. اهو درد اسان هيٺئين مڪالمي مان محسوس ڪري سگهون ٿا.

“پکي، جانور، مڇيون ۽ ماڻهو هڪڙو ڪٽنب اٿئي پٽ” ڪاڪي مرگهه هوڙهي کي رڇن ڏانهن هاڪاريندي چيو؛ “ڍنڍون، درياءَ ۽ سمنڊ انهن جا گهرو وسيلا آهن. جي تباهيءَ جي ور چڙهي ويا ته گهر ڀاتين کي به ڪير ڪو نه بچائي سگهندو. اهي مري ويندا، ختم ٿي ويندا. اها ڳالهه سڀني کي سمجھه ۾ اچڻ کپي. تو مون سڀني کي.”

ھن ڪهاڻيءَ ۾ ماحول جي تباهي جو ذميوار ماحولياتي تنظمين، مختلف اين جي اوز ۽ شهري ماڻهن کي قرار ڏي ٿو ۽ انهن جي قول ۽ فعل کي ليکڪ وائکو ڪيو آهي ۽ انهن تي هن ڪهاڻيءَ ۾ سٺي تنقيد ڪيل آهي. ليکڪ هن مڪالمي ۾ انهن جو اڇو منهن ڪيو آهي.

“انهن ويچارن کي هتي جي وڻن، جانور ۽ پکين کي بچائڻ جو وڏو اونو آهي. هي هتان جو پاڻي نٿا پين پر جن پکين جانورن کي بچائڻ نڪتا آهن، سي انهن ڍنڍن جو پاڻي پين ٿا. هي انهن ڍنڍن ۽ دٻن کي زهريلو سڏين ٿا پر انهن کي زهريلو بنائڻ وارا شهري ماڻهو خد آهن. اهي شهري ماڻهو شهر جو سمورو گند ۽ گٽرن جو منهن ڍنڍن ڏانهن ڪيو آهي پر پٽ اهي پاڻ اچي تبليغ ڪندا ته ڍنڍون خراب نه ڪيو، ٿيلهيون استعمال نه ڪيو!!

انهن ۾ڪپڙا نه ڌوئو!! انهن ۾ تيل ۽ پيٽرول نه هاريو پر اهي ٿيلهيون، بوتلون  ۽ ٻيو گند پاڻ اڇلائي هليا ويندا.”

هن ڪهاڻيءَ ۾ شهرين ۽ اين جي اوز کانسواء مسجد جي ملي تي به  ليکڪ تنقيد ڪري ٿو. ملو جيڪو ٻي دنيا جي ڳالهه ڪري ٿو، جهڙو ملي جو هن دنيا سان واسطو نه آهي. هيٺئين مڪالمي ۾ ليکڪ لکيو آهي ته؛

“ملي کي سوچڻو پوندو” ڪاڪي مرگهه چيو.

“ملو ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق نه آهي!!”

وڌيڪ لکي ٿو؛ ”ملو ڪجهه به چوي پر پاڻي ماءُ آهي، جنميندڙ آهي ۽ زندگيءَ جو ڌڻي آهي پر جي هن کان انڪار ڪندو ته پنهنجو سر وڃائيندو.“

ھن ڪهاڻيءَ ۾ ماحول جي تباهيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڪاڪي مرگهه جو آهي، جيڪو هن ماحول ۾ ڄائو نپنو ۽ جوان ٿيو. تنهن کي ماحول کان ويندي پکين سان بي انتها پيار آهي. اهو پيار پنهنجي پٽ اڪو ۾ به منتقل ڪري ٿو. اهو پيءُ پٽ جو فطرت سان پيار ڪهاڻي کي وڌيڪ خوبصورت ڪري ٿو. ڪاڪي مرگهه کي نه رڳو انهن پکين سان پيار آهي پر هن کي انهن جو الڪو به آهي. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ شڪاري پکين تي فائرنگ ڪن ٿا، ليکڪ ڪاڪي مرگهه جي ڪيفيت کي هيئن بيان ڪري ٿو.

“ڪاڪي مرگهه کي الائي ڇا ٿيو جو هنن ٺڪائن تي پنهنجو اڪو بولاٽيون کائيندي نظر آيو.”

مرگهه انهن کي پٽي ٿو. جيڪو هيئن بيان ڪيل آهي.

“مالڪ ڪو انڌو ڪرين !!” ڪاڪي مرگهه جي واتان نڪتو.

“مسين ڍنڍن جي رونق وري هئي. اها به سٺي ڪو نه ٿين !! اکين کان ته انڌا آهن پر دلئون به انڌا آهن.”

مٿئين مڪالمن ۾ شڪارين لاءِ پارائتو به آهي ۽ انهي سان گڏ ڪاڪي مرگهه جي دلي ڪيفيت محسوس ڪري سگهجي ٿي.

ليکڪ جو ڳوڙهو مشاهدو ۽ مطالعو ڪهاڻيءَ جي منظر نگاري ۽ ٻولي ڪهاڻيءَ کي شروع کان پڇاڙي تائين خوبصورت ۽ سگهارو ڪري ٿي.

 هن ڪتاب جي ڇهين ڪهاڻي “بلبل سائينء جو ڪتبو”

ھي ڪهاڻي پرواني جي ڪردار جي چوڦير گهمي ٿي. جنهن کي خفت ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليو آهي. هن کي زال جي مرڻ کان پوءِ پٽن بار سمجھي نظر انداز ڪري ڇڏيو. پوڙهي ٿيڻ ڪري، هو اڪيلائي جو شڪار هو.

ليکڪ لکي ٿو.

 “اهڙي صورتحال ۾ مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين، عام خلق طرفان عطا ٿيل ڌڪار محبت جو مريض بڻائي ڇڏيو هو. جنهن آسيس وٺڻ خاطر وتندو ولين ۽ بزرگن جون چائونٺون چمندو.”

بربلن جي خفت جي جاء تي ڪڪڙن ۽ ڍڳن جاءِ ورتي هئي پر ٿورن خفتين ۾ اهو شوق باقي هو. بربلن جي بازي ڏسڻ هن تي پئسا رکڻ جو شوق باقي هو. جنهن پرواني جي هڪ هٽي ٽوڙي ته هو مايوس ٿي ويو. اڳتي هلي پرواني سکيو ته رڳو پکين کي تڪليفون ڏيڻ ۾ مزو ناهي هوندو پر اصل مزو انهن کي آزاد ڪرڻ ۾ آهي.

هن ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته مايوسي ڪجهه به نه آهي. هڪ اهڙو شخص جنهن کي اولاد بار سمجھي ۽ سندس خفت تي ڪو ڳالهائڻ پسند نه ڪري اهو پنهنجي خفت کي هٿي ڏي. بربلن مٿان ٿيندڙ ظلم ختم ڪرائي ۽ پنهنجو اصول ٺاهي ته جيڪو بازي هارائيندو، اهو بربلي کي آزاد ڪندو. اهو نقطو ڪهاڻيءَ کي خوبصورت بنائي ٿو. اهڙي ويڙهه جنهن ۾ جيڪو هارائي، اهو بازي کٽي وڃي. جيڪو کٽي اهو بازي هارائي وڃي. ڪهاڻيءَ جا هي جملا ڏاڍا سهڻا آهن.

“هار ۾ هن جي جيت هئي. اهو هن جي زندگيء جو ڪلائمڪس هو. شروع ۾ شڪاري، آخر ۾ رکوال يا جواني ۾ ماري پيريءَ ۾ راکو.”

پروانو اڳتي هلي بلبل سائينء جا نالي سان مشهور ٿيو. جنهن جي باس پکين کي آزاد ڪرڻ جهڙو فڪر سٺو تاثر ڇڏي ٿو. ليکڪ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڪهاڻيءَ جو ماحول ۽ ٻولي ڏاڍي سٺي آهي. هن ڪتاب جي ستين ڪهاڻي “هجرتن جي موسم” جي عنوان سان آھي. هي ڪهاڻي اهڙي خاندان جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪو ٿر جي ڏڪار مان بيزار ٿي، پيٽ جي باھ وسائڻ خاطر ٿر جي علائقي مان هجرت ڪري، مکيءَ جي علائقي ۾ اچي ٿو. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڪاڪي سوڀاري جو آهي. ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ ڏيکاريل آھي ته سوڀاري جي گھر ۾ ننهن ٻه جاڙا ٻار ڄڻي ٿي ۽ اھي راتو رات مري وڃن ٿا. نه روڄ نه راڙو. ڳوٺ جي ماڻھن ۾ بيچيني، نيٺ ھڪ عورت راز ڳولي لهي ٿي. ڪاڪي سوڀاري جي معاشي حالت انتهائي خراب ڏيکاريل آهي. ماڻھو جڏهن تعزيت لاءِ هن وٽ وڃن ٿا ته ڪجھ سامان به کڻي وڃن ٿا. ڪاڪو ماڻهن سان پنهنجي درد ڪٿا بيان ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته “ٿر ۾ امداد جام اچي ٿي پر هر گھر لاءِ سيڌو سامان اچي ٿو پر اهو غريبن کي نٿو ملي. سرڪار گھر گھر لاءِ سال ڀر جو ان گيھ موڪليندي آهي پر اهو اسان تائين نٿو پھچي. سيٺيون، سومرا، ارباب ۽ لاٽ ڍويو، ڀانڊا ڀرين ۽ فلورملن ۾ ان اٽو ڪري کپائين.” هو امداد جو آسرو نٿا ڪن. سنڌ لڏي اچن ٿا. ڪاڪو پٽ کي چوي ٿو. “هل ته سنڌ ھلون، سنڌ ۾ پاڻيء جون نديون آهن، واھ آھن، ٻيلا آهن ۽ ساوا گاھ آهن. هل ته هلي اتي پڙاء ڪيون.” هو ناري جي باري ۾ چئي ٿو. “ڪجھ سال اڳ نارو اسان جو ننگھ هو. اسان جي پناھ گاھ به پاڻي جي ڍنڍ اسان جو آخري سهارو هئي پر اڄ ته اسان کي نارو به ٿر جيئن کائڻ ٿو اچي. نه اٿس پاڻي، نه چراگاھ، نه ان جو کرو، نه وري ڳاھ. مشينون ئي مشينون آهن. مڪڙ جيئن سڀ ڪجھ ڳڙڪائينديون ٿيون وڃن.”

هي ڪهاڻي نه رڳو ڪاڪي سوڀاري جي درد ڪٿا بيان ڪري ٿي، انهي سان گڏوگڏ ٿر جيئيان سنڌ جي سرسبز علائقن جي تباهي ڏيکاريل آھي. جڏهن پاڻي سڪي وڃن ڍنڍون ۽ واھ ويران ٿي وڃن مزدورن جي جاء تي مشينون ڪم ڪن ته ڪاڪي سوڀاري جھڙا ڪردار پنڻ تي مجبور ٿيندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڪھاڻيءَ جو سٺو ماحول جوڙيو آهي ۽ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

ڪتاب جي ڪهاڻي “ڌراڙ کٿوري” اٺين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ کٿوري کي حوصلي مان نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي. کٿوريء جي غير معمولي حالت ۾ چاچي ۽ چاچيء جو پريشان ٿيڻ حقيقي آهي. ڇهن سالن ۾ ماءُ جي ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ  انهي شخص کان سندس خوف، اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهڙا ماڻهو جيڪي رشتي ۾ ويجها هوندا آهن ۽ اهي ننڍن ٻارن سان جنسي حرڪتون ڪن ٿا ۽ ان ڪردار کان کٿوريء جو ڊڄڻ حقيقي آهي. هن جي خيالن ۾ ڏاڙهي واري جو اچڻ، هن جي نفسياتي دٻاءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ڪهاڻي ۾ چاچيءَ جو پيار، ڪهاڻيءَ کي اڃا سگهارو ڪري ٿو.

ٻڪرار جيڪو کٿوريء جو سوٽ پڻ آهي. ٻڪرار جي پيرن مان ڌراڙ کٿوريء جو خوشبو جي علامت چاچيء سمجھي وڃي ٿي. هڪ عورت ڪنهن ڇوڪريءَ ۾ جوان ٿيڻ جي علامتن کي سمجھي سگهي ٿي. جيڪو ڪهاڻيءَ جو مثبت پاسو آھي.  هي ڪهاڻي سٺو اثر ڇڏي ٿي.

“سرابن جي ڦلواڙي“ هن ڪتاب جي نائين ڪهاڻي آهي. هي هڪ دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي انهن ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪي پاڻي جي صورت ۾ نسورو زهر واپرائي رهيا آهن. ذهني پيڙاء منجهان گذري رهيا آهن. سندن پيارا اکين اڳيان جيئرا لاش آهن. اهو درد اسان انهن سٽن مان محسوس ڪري سگهون ٿا.

“پاڻي پيئندس”

مون چيو “پاڻي!!”

ڪراڙي الائي ڇو حيرت وچان ڀڻڪيو. پوءِ پاسي ۾ رکيل هڪ تيل جي گهگهيء ڏانهن ڏسندي چيائين.” پاڻي ته ٻچا ان جو آهي، پاڻي کوڙ کوهه ڀريا پيا آهن پر اٿن الائي ڇا؟ نه اڃ ٿا لاهين نه وري رت ٿا ٺاهين !!”

هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪراڙيء جو ڪردار زندگيء جي گهاڻي ۾ پيڙهجي پيو. ڪراڙيء جي ڀوڳنا جو درد هن مڪالمي مان محسوس ڪري سگهجي پيو.

“مونسان ته ڪربلا ٿيل آهي، پٽ.”

 اکين ۾ آب آڻيندي چيو

“ پر ڌڻي طرفان آھي ڇا ڪريان!”

جنهن جو اولاد اڳ سڪي هڏائون پڃرو ٿي ويو هجي، جنهن جو پٽ ويهين سالن کان زندھ لاش هجي ۽ هڪ هنڌ پيو هجي ته انهي ماءُ جي درد جي ڪٿ نٿي ڪري سگھجي. ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ، اين جي او ۽ سياستدانن کي پڌرو ڪيو آهي. هو ڪوڙا واعدا ۽ وچن ڪن ٿا. پنهنجي رشورت ۽ پراجيڪٽ خاطر، غريبن ۽ مسڪينن جي مجبورين کي وڪڻيو ڇڏين. هٺيون سٽيون اهڙن ماڻهون لاءِ آهن.

“ڀلي ٻيو هجين.”

پوڙهيء جي اکين ۾ رت تري آيو.

“ تون اهو ناهين جو هفتو اڳ، اسان وٽ آيو هو ۽ منهنجي ٻچن جا ڦوٽا ڪڍي ويو هو.”

مون ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. “تون اهو ناهين جو وڏي گاڏيء ۾ چڙهي آيو هو ۽ چيو هئائين، هو انهن کي کڻي ويندو ۽ انهن جو علاج ڪرائيندو. تون اهو ناهين، جنهن چيو هو ته هو هن ٿر جي جر کي مٺو ڪري ڇڏيندو ۽ ان مان زهر ڪڍي ماکيء ڀري ڇڏيندو!”

ليکڪ ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن ڌوڪيبازن کي ڪراڙيء جي مڪالمن ۾ ظاهر ڪيو آهي. هٺين مڪالمن ۾ لکي ٿو “صورتون توهان سڀني جون هڪ جهڙيون آھن. ڳالهيون سڀ ساڳيون ٿا ڪريو لاکا هجو يا لالچند، اسان وٽ سڀ صاحب بنجي ٿا اچو. هڪ ڀيرو اچي، اسان جا کوھ مٺا ٿا ڪري وڃو. مئلن کي جيئاري، اسان جي جھوپن ٻاهريان گاڏين جي ويلن جا نشان ڇڏي هليا ٿا وڃو، اعتبار لاءِ سرابن جئين وري وري دوکي ڏيڻ لاءِ!”

ڪهاڻي ۾ لاکي جو ڪردار  جيڪو خد ڪهاڻي بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪيمرا ۾ خوبصورت منظر ۽ سهڻا عڪس بند ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو ٿر جو درد آھي پر سڄي سنڌ جو درد هن ڪهاڻيءَ ۾ سمايل آهي. سڄي سنڌ جا ماڻھوء پاڻي عيوض زهر پيا پيئن. سڄي سنڌ ۾ مختلف مرض مختلف صورتن ۾ ظاھر پيا ٿين. پر خطي جا واڳ ڌڻي اڄ به سرابن جي ڦلواڙي جيئيان دوکا پيا ڏين.

 “روپلو” هن ڪتاب جي ڏهين ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ چرميءَ مڙس جي مرڻ کان پوءِ، ڏيرن جي ظلم کان بچڻ لاءِ اسلام قبول ڪري حليمان ٿي پوي ٿي. مائٽن ۾ ڇڏيل ٻارن کان رشتو ٽوڙي ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ متڀيد کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ملين ۽ اچي ذات جي هندو ۾ ڪو به فرق ناهي. ٺڪر، راڻي ۽ مسجد جي ملين جي نظر ۾ روپلو يا ان جهڙا انسان پليت آهن. جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي هي ڪهاڻي به پنهنجو سٺو پيغام ڇڏي ٿي.

هن ڪتاب جي هي يارهين ڪهاڻي آهي جنهن جو عنوان “راڌا ۽ ڪمني_هڪ ننڍڙي پيار ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي ڪمني جي ڪردار جي چوڦير گهمي ٿي. ڪمني جيڪو هيٺئين طبقي سان تعلق رکي ٿو. هو ابن ڏاڏن کان هارپي جو ڪم ڪري ٿو. هو هڪ سنڌي شادي شده اوڏڻ سان پيچ اڙائي ويهي ٿو ۽ هن کي مسلمان ڪري شادي ڪري  ٿو. پيار جا جام اوتي ٿو پر هيٺئين طبقي هئڻ ڪري وهانء هلي نٿو سگهي. اوڏ پوليس جو ڇاپو هڻائي راڌا کي وٺي وڃن ٿا. هو عشق جي ناڪامي کان پوءِ مستانو ٿي وڃي ٿو. چمٽو کڻي ڪلام به ڳائي ٿو. نيٺ پنهنجي محبوب کي ڳولي لهي ٿو. جڏهن اوڏ هڪ ڀت ٺاهڻ اچن ٿا ته هو هڪ وڻ هيٺيان ويهي راڌا کي مٽي ڍوئيندي ڏسي ٿو ۽ مٽيء جا ڳوڙها آڇي ٿو. جيڪي هنن جي ڪم جا ناهن. اوڏ سمجھن ٿا ته هن ۾ ڪو اوتار لٿو آهي. هڪ ڏينهن جڏهن راڌا جي ٻار کي بخار ٿئي ٿو ته هوءَ ٻار کي ڦيڻي رکائڻ لاءِ وٽس کڻي اچي ٿي. هو ٻار کي ڦيڻو به رکي ٿو ۽ محبوب جو ديدار به پسي ٿو. هن جو ڳالهائڻ بيهي وڃي ٿو. جڏهن ڀت ٺهي وڃي ٿي ته اوڏ لڏو کڻي وڃن ٿا. ڪافلي ۾ راڌا جي پويان هو مستانو به آهي، جيتوڻيڪ وار وڏا اٿس پر ڪپڙا صاف سٿرا پهريل اٿس. هي ڪهاڻي به پنهنجو سٺو اثر ڇڏي ٿي. هن ڪتاب جي ٻارهين ڪهاڻي”سيگل سمنڊ ۽ گيتا” آهي، هي هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سيگل ۽ گيتا جي پيار کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي انهن جذبن تي ٻڌل آهي. جيڪي هو هڪٻئي لاءِ رکن ٿا. گيتا جون ميارون به آهن ته سيگل کي هن جو احساس به آهي. ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سگهجي ٿو ته اهڙا لفظ ڪٿان آڻجن، جو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪجي. ڪهاڻيءَ جي ٻولي تمام گهڻي خوبصورت آهي. مڪالما به دل کي ڇهندڙ آهن. ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.

“مون نٿي ڄاتو ته محبت چانڊوڪيءَ جو سفر آهي ۽ جنهن کي مستقل روشني گهرجي. مان ان سفر ۾ پوئتي ضرور هٽيو آهيان پر پنهنجي قدمن کي روشني جي رستن کان  الڳ ڪري نه سگهيو آهيان. مون تو کي وساريو نه آهي گيتا!! توسان گهاريل گهڙين کان وڌ مان وڌ تو بابت سوچيندو رهيو آهيان. تنهنجي تمنا ڪندو رهيو آهيان، منهنجي ظاهريء خاموشي کي بيوفائي ڪوٺي نه ٿي سگهين.!!”

هيءَ ڪهاڻي پيار جي احساس ۽ خوبصورت ٻوليءَ جي ڪري تمام سٺو اثر ڇڏي ٿي.

هيءَ، هن ڪتاب جي تيرهين ڪهاڻي آهي، جنهن جو عنوان “روپ_ کيت”

هيءَ ڪهاڻي انيڪ ڪهاڻين کي جنم ڏي ٿي. ڪهاڻيءَ کي جوڙيندڙ اهو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جي شروعات محبوب جي خط سان ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ يونيورسٽي ۾ انهن ڪامريڊن جو ذڪر به آهي. جن سيپٽمبر ۾ به امتحان ملتوي ڪرائي ڇڏيا.

اسٽوري ۾ پيءُ جي به ڪهاڻي آهي، جنهن کي هو سهڻي انداز سان بيان ڪري ٿو. پڻس جي بيماريءَ کان ويندي، هن جي رومانس کي به خوب نڀائي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ به استاد سڀاڳي جي به پنهنجي هڪ ڪهاڻي آهي. جنهن کي هو بڙ جي ڇانو سان ڀيٽي ٿو. سڀاڳو واقعي شاگردن ۽ بيواهن لاءِ ڇپر ڇانو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو هي هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. هن ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڪردار مٺان جو به آهي. جنهن جو سڀاڳي کي سدائين فڪر رهندو آهي. مٺان ٽن مردن کان طلاق وٺي چوٿين جي تلاش ۾ آهي. ٽن مردن مان هن کي لوڌ ٻارن جي آهي. هن ڪردار سان ليکڪ خوب نڀاء ڪيو آهي. مائي مٺان شاديءَ کي مذهبي رنگ ۾ نٿي ڏسي پر هوءَ حياتيات ۾ تلاش ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ روپا جو ڪردار به آهي. جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪندڙ سان بيحد پيار ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي به اثر ڇڏيندڙ آهي. امر لغاري سڀني ڪردارن ۽ ڪهاڻين کي موتين جي هار جيان پوئي هڪ خوبصورت ڪهاڻيءَ جو رنگ ڏنو آهي.

هن ڪتاب جي چوڏهين ڪهاڻي “گول گول گوگول “ آهي.

هي ڪهاڻي به پنهنجي لحاظ کان تمام سٺي ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي سونيءَ ۽ هڪ نوجوان جي ارد گرد گهمي ٿي. جيڪو ڪهاڻيءَ کي بيان ڪري ٿو. سونيءَ کي فطرت پسند ڏيکاريل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ وڻن ۽ پکين جو ذڪر به ڪهاڻيءَ کي حسين بنائي ٿو. سونيءَ کي فطرت سان پيار ورثي ۾ مليو آهي. جنهن جواندازو هن مڪالمي مان ڪري سگهجي ٿو.

“اهي سڀ پکي بابا جا دوست آهن. اڄ هو هتي نه آهي ته توسان ملايان ها. هو رات ڏينهن انهن جي سيوا ڪندو آهي.”

هن ڪهاڻيءَ ۾ درياءَ جي تباهي کي قتل سمجھي ٿو ۽ شهيدن سان ڀيٽي ٿو. لکي ٿو؛

“درياءَ اڄ جو سنڌو درياءَ نه هو. جنهن جي قتل جون خبرون شهيدن جيان پڙهندا آهيون. تڏهن درياءَ دولهي دريا خان جهڙو هو. هوشو، هيمون ۽ هالار جهڙو هو ۽ سورهيه بادشاه جي للڪار جهڙو هو.”

ڪهاڻيءَ جو ٽائيٽل گول گول گوگول هڪ علامتي فروٽ جو نالو آهي. جيڪو سونيءَ هن کي چکائي ٿي. سونيءَ ۽ نوجوان جي ميلاپ کي ليکڪ  سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ تشبيهون، استعارا ڏاڍا سهڻا آهن. ڪهاڻيءَ جي ٻولي، منظرنگاري ۽ ڪردار نگاري ڪهاڻيءَ کي حسين بنائي ڇڏيو آهي ۽ پڙهندڙ تي اثر ڇڏي ٿي.

هن ڪتاب جي پندرهين ڪهاڻي “ليزبين” آهي. جيڪا هڪ مشرقي پيءُ جيڪو ٽن سالن کان ٻاهر آهي. جنهن کي زال ٻئي ٻار ڄڻڻ کان انڪار ڪري ٿي ۽ پنهنجو آپريشن ڪرائي ڇڏي ٿي. هن کي ان جو پڇتاء آهي ته هن پنهنجي نسل جي لڙي عورت واري پاسي ڪري ڇڏي آهي. ڇو جو هن کي بس هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي. ٻاهر هوندي هن کي سدائين الڪو رهي ٿو. ڇوڪريءَ تي ماءُ جو اثر آهي، هوءَ ماڊلنگ ڪري ٿي. هن جون جيڪي خبرون اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون. سندس پيءُ جي پريشاني جو باعث ٿين ٿيون. هوءَ جڏهن نفسيات جي پروفيسر جيڪو سندس دوست به آهي. اهو چئي ٿو ته؛

“ارتقا جي اڪيلائي تي نظر رک، ڏسينس ڪير ڪير ٿو ملڻ اچي ۽ هن جو ساڻس ڪهڙو تعلق آهي.”

ان معاملي تي زال سٺي موٽ نٿي ڏي. هن کي اخبار جي هن خبر؛ ”ارتقا ڪراچي ۾ عورتن جو روحاني سينٽر کوليو آهي.“ وڌيڪ پريشاني ڪري ٿي. تصديق ڪرڻ لاءِ هو ڪراچي ۾ جگري يار کي چيو ته هن کي اها خبر وٺي ڏي ته موٽ ۾ هو ٻڌائي ٿو ته؛ ”تنهنجو گهر عورت فائونڊيشن لڳو پيو آهي.”

هو جڏهن اوچتو بنا ٻڌائڻ جي گهر اچي ٿو ۽ زال کان آڏي پڇا ڪري ٿو.

جيڪا زال کي نٿي وڻي. زال چئيس ٿي؛ ”هتي مرد جي داخلا بند آهي.“

“منهنجي به.”

“ظاهر آهي تون به هڪ مرد آهين.”

“تو کي ڪنهن چيو ته مان مرد آهيان”

“ڇو!!”زال حيران ٿيندي ڏانهس ڏٺو.

“جيڪو ماڻهو ٽن سالن کان ولايت ۾ ويٺو آهي ۽ زال سان نه مليو آهي. اهوڪهڙي منهن سان مرد آهي.”

“پوءِ به تنهنجو ماس، تنهنجي حاڪميت ۽  تنهنجو ضابطو اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته تون مرد آهين!!”

مٿيان مڪالما معني خيز آهن. هو ڪافي پڙهيل ڳڙهيل هوندي جيڪو سالن کان ٻاهر آهي پر هن جي سوچ مٿانهين آهي. هن جا خيال پراڻا آهن. ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي ۾اربيل ۽ ارتقا لوساٽيل چهرن سان سامهون ٿيون ته هن کي پروفيسر سڊني جي اها ڳالهه ياد آئي ته

“تنهنجي ڇوڪريءَ ليزبين آهي. هو ڪڏهن به مرد ۾ دلچسپي نه رکي سگهندي. ان جو مطلب سمجھين ٿو ته ڇا آهي تنهنجو خاندان پنهنجو موت پاڻ مري ويو آهي.”

ڪهاڻي اهو تاثر ڇڏي ٿي ته ماڻهو ڪيڏو به پڙهيل ۽ جديد ڇو نه هجي پر جي رشتن ۾ رابطي جي کوٽ هوندي ۽ هڪ ٻئي جو احترام  نه هوندو ته اهو نتيجو نڪرندو. جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ بيان ٿيل آهي. ليکڪ پنهنجي پيغام ڏيڻ ۾ پوري طرح ڪامياب ويو آهي.

“هن اسڪول ۾ اسان ڏهن ماڻهن جو اسٽاف آهي. ٻه سو کن ٻار آهن، پنج استاد ويزا تي ويل آهن ۽ چئن کي هفتن جي ڇوٽ مليل آهي. ائين هڪ استاد کي مهيني ۾ فقط هڪ هفتو پڙهائڻو پوي ٿو. اهڙي طرح استاد ٻارن کي به پڙهائين ته ٻني ٻارو ۽ ننڍڙو ڪاروبار به ڪن. اوهين چاهيو ته ائين ڪري سگهو ٿا. ويزا تي وڃڻ وارو صاحب کي هڪ لڏون ٿو کارائي. مهيني ۾ هفتو يا هڪ ڏينهن وارو هڪ لڏون.”

مٿيون سٽون ڪهاڻي “پر ڪٽيل ڀوت“ مان ورتل آهن. جيڪا ڪتاب جي سورهين ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي گهوسٽ استاد تي لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڪردار پنهنجي وارتا بيان ڪري ٿو. هو اهو ٻڌائي ٿو ته ائين نه هن کي ٺڪيدارن اهو عمل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جيڪو هن مڪالمي ۾ ظاهر آهي.

“تو کي ٽنڊو آدم ان ڪري ڪو نه موڪليو اٿئون ته اتي ويهي پڙهاءِ. صاحب کي سندس آفيس مان ايم پي اي جي اوطاق جا خرچ به ڀرڻا آهن.”

مٿئين جملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته استاد کي خراب ڪرڻ وارا، هتي جا ڀوتار ۽ آفيسر آهن. استادن کي ڀوت ٿي گم ٿي وڃڻ لاءِ اهي ئي ٺيڪيدار مجبور ڪندا آهن. اهو ڏينهن هجي يا سالن لاءِ، پڇاڻو آهي ڪو نه جنهن سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ليکڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ انهي نا سور کي ظاهر ڪيو آهي. هي سٺو اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي.

”ڌرتي منهنجو آسمان“ ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي. هي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي. جيڪا ۹/۱۱ کان پوءِ، آمريڪا ۽ افغانستان جي جنگ ٿي ۽اسان وٽ جيڪا طالبانن کي هٿي ڏني وئي ۽ ماڻهن جذبن کي اڀاريو ويو، هي ڪهاڻي ان پسمنظر ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ علي سلام جيڪو ملو آهي. اهو جنهن انداز سان پنهنجي تقرير ڪري ماڻهن کي ورغلائي ۽ ڀڙڪائي ٿو، جهڙو سڄي دين اسلام جو ٺيڪو هن جي مٿان هجي. ان جو اثر پري پري تائين پهچي ٿو. عورتون ۽ مرد هن مان متاثر آهن. جڏهن ڪو نوجوان افغانستان مان زنده موٽي ٿو ته هن جا مائٽ خوش ٿيڻ بدران روئن ٿا ۽ جڏهن ڪو لاش اچي ٿو ته خوش ٿين ٿا ۽ مبارڪون وصول ڪن ٿا. اتي جنهن کي ملو خادو جي نالي سان سڏي ٿو. اهو ئي سندس پٽ جيڪو اسٽوريءَ ۾ بيان  ڪيل آهي. اهي ٻئي پيءُ پٽ ڳالهين کي سمجھن ٿا ۽ جڏهن ڪو نوجوان سلامت موٽي ٿو ته هو خوشي جو اظهار ڪن ٿا. جڏهن لاش اچي ٿو ته هو غمگين ٿين ٿا. پيءُ پٽ کي هدايت ڪري ٿو ته تون ملي جي ڳالهين تي نه اچجان. ان جي راء ۾ ڪو وطن لاءِ وڙهي ان کي کڻي شهيد چئجي پر هتي ته مسلمان مسلمان سان پيو وڙهي. وڙهڻ واري کي خبر نه آهي ته هو دشمن سان وڙهي ٿو يا پنهنجي پاڻ سان. ليکڪ ڪهاڻيءَ ۾ ماحول، ٻولي ۽ ڪردارن سان سٺو نڀاء ڪيو آهي. ڪهاڻي سٺو پيغام ڇڏي ٿي.

امر لغاري هن ڪتاب جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن کان ويندي ماحول منظر نگاريء سان سٺو نڀاء ڪيو آهي. ڪتاب جي ٻولي تمام سٺي آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺي جاء والاريندو.

No comments:

Post a Comment