Tuesday, September 15, 2020

آرسي

آرسي

ننڍڙي ڪھاڻي

سومرو شبير



ڪمري مان ٻاھر نڪري ڏٺم ته زال رڌڻي ۾ مصروف ھئي. سري وڃي سندس ويجھو ٿيم ته ڏٺم ھوءَ پگھر ۾ ڇَلِ ھئي.

“اڄ ته ڏاڍي گرمي آھي!”

ان جملي تي ھن مڙي مون ڏي ڏسي چيو؛ “۽ اڄ ڪم به گھڻو آھي.”

”ھون.........“


ھون چوڻ تي، ھوءَ مڙي، مون سامھون ٿي بيٺي.

”پوء.. ھٿ ڇو نه ٿو ونڊائين! ڪرونا جي ڪري، سڄو ڏينھن گھر ۾ آھين! پر مجال آ جو گھر جو ڪو ڪم ڪرين.“

ھوءَ ٿورو چڙي پئي.

”پر من، مان ڪھڙو ڪم ڪري سگھان ٿو، مون کي ته ڪو ڪم اچي به نه ٿو!“

ھوءَ ذري گھٽ وڙھڻ تي لھي آئي.

”ڇو، اڳ ته ٻوڙ پچائيندو ھئين، ھاڻي پچائيندين ته ڇا تنھنجي شان ۾ ڪمي اچي ويندي.“

”نه يار! اھا ڳالھ نه آھي! ان کي ورھ گذري ويا آھن. ھاڻي لوڻ-مرچ ۾ ھيٺ-مٿانھين ٿي وڃي ته پوءِ؟“

مون آرسيءَ مان کيس جواب ڏنو.

”پوءِ ٿانءَ ئي کڻي ڌوءُ!“

ديڳڙيءَ ۾ چمچو گھمائيندي، ھن نئون حڪم صادر ڪيو.

”ان جو ته مون کي تجربو ڪونھي. ٿانءَ ڌوتا ته چوندينءَ ھفتو ھلندڙ ٿانون جو صابڻ، ھڪ ڏينھن ۾ کپائي ڇڏيئه!“

اھو ٻڌي، ھوءَ مون ڏانھن منھن ڪري بيٺي، ھڪ نگاھ سان مون کي جاچي چيو؛ ”ان جو مطلب؛ تون ڪنھن ڪم جو نه آھين، ڪو ڪم نه ڪندين؟“

”ڪندم نه!“

”ڇا ڪندين؟“

”تون ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پوندينءَ ته مان تو کي زور ڏيندم.“

اھو ٻڌي، ھن جي مک تي مرڪ تري آئي، مان کسڪي ويم.

 

(انڊيا جي سنڌي مئگزين “دي ھندواسي” جي صفحي ۱۰ ۾، ۰۶ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل) 

No comments:

Post a Comment