Wednesday, September 16, 2020

ڪهاڻيءَ جو جاري سفر

ڪهاڻيءَ جو جاري سفر

اڀياس: مھتاب اڪبر راشدي



ڪتاب: طوفان ۾ ڪَکائون گھَرُ

ليکڪ: محمد علي پٺاڻ

چوڻ لاءِ ته هميشه اهو چئبو آهي ته؛ ”زندگي هڪ ڪهاڻي آهي.“ ڇو ته زندگي ڪڏهن به بيهي ڪو نه ٿي، هلندي ٿي رهي. ڪڏهن تڪڙي، ڪڏهن سست. ان ۾ ڪيترا ئي موڙ ٿا اچن. ڏکيا پنڌ پيچرا به ان جو حصو آهن ته مقصد جي حصول جي وچ ۾ الائي ڪيتريون ڏکيائيون به ڏسڻيون ٿيون پون. انهن کي پار ڪرڻ جي جتن مان وري ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون جڙي ٿيون وڃن. ان ۾ انسان جو انسان سان واسطو، انساني رويا، انساني جذبات و احساسات. ان جو اظهار........ ان جو بيان. انهن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ جا سڀني جا جداگانه طريقه ۽ نظريه. مطلب ته هڪ اڻ کٽندڙ سفر آهي، جيڪو جاري آهي.



پر اسان ادب جي جنهن صنف ”ڪهاڻي“ جو ذڪر ٿا ڪريون، تنهن جي ڪهاڻي به پراڻي آهي. ڪهاڻي ”ٻڌائڻ“ جي فن کان وٺي ڪهاڻي ”لکڻ“ جي هنر تائين به وڏا داستان ۽ دستاويز موجود آهن جن ۾ گذريل دور کان وٺي موجوده زماني تائين به تبصرن ۽ تجزين جو سلسلو سڄي دنيا ۾ جاري ساري آهي. اڄوڪي دور ۾ ٽيڪنالاجي جي نَوَنِ  ۽ مُيسر ذريعن جي ڪري، دنيا ڄڻ ته سڀني جي پهچ ۾ اچي وئي آهي. ڪتابن جون ڀريون توهان جي سيل فون ۾ موجود آهن ۽ توهان جي هڪ آڱر جي ڇُهاءَ جون منتظر آهن. پل کن ۾ جيڪو ڪجھ به پڙهڻ چاهيو سو موجود هوندو.


هر ٻولي، هر زبان جو ادب ترجمي جي سهولت سان موجود آهي. ايڏي وڏي ادبي کيتر ۾ سنڌي ادب به پنهنجي شانَ مانَ سان پنهنجي جاءِ والاريون پيو اچي. سنڌ جي تحقيق نگارن جڏهن کان سنڌي ادب ۾ سرجڻ واري سنڌي ڪهاڻي جا 1914ع کان وٺي پيرا کنيا آهن ۽ لال چند امر ڏني جي ”حُر مکي جا“، کان اهو سفر شروع ٿيو آهي. سو اڄ 2020ع تائين جاري آهي. ان عرصي ۾ ڪيترائي ڪهاڻيءَ جا تخليقڪار پيدا ٿيا. هنن پنهنجي خوبصورت تحريرن سان ادب جي ميدان ۾ ان وقت جي مروجه اسلوبن تحت لکيو ۽ پاڻ مڃرايو ۽ سندن نالو ان سفر جي راهگذارن ۾ شامل ٿيندو ويو. هر ٽهيءَ پنهنجي دور ۽ گذريل دور جي ڪهاڻيڪارن کي پڙهيو ۽ سندن پورهيي جو قدر به ڪيو ۽ سندن لکڻين کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. جن تحريرن ۾ دَمُ هيو سي اڄ به ڳاڻاپي ۾ اچن پيون ۽ انهن جا سرجڻهار. سنڌي ادب ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪا آهن ۽ سندن ذڪر کان بغير سنڌي ڪهاڻيءَ تي تبصرو ۽ تجزيو مڪمل نه ٿو سمجھيو وڃي.

اهڙي طرح موجوده دور ۾ به ڪهاڻيءَ جو سفر جاري آهي. ڪهاڻي لکجي پئي . ڇپجي پئي ۽ پڙهجي پئي. ادب جي افق تي روز ڪئين ستارا اڀرن ٿا ۽ پنهنجي تخليق جي جوت پکيڙن ٿا. اهڙي ئي ماحول ۾ ادب سان دلچسپي رکندڙن مان ڪير اهڙو هوندو جيڪو محمد علي پٺاڻ کان کان واقف نه هوندو.

1974ع کان ٻارن لاءِ ڪهاڻين لکڻ کان شروعات ڪرڻ وارو محمد علي پٺاڻ جو قلم نه صرف بيٺو ناهي، بلڪه سندس رفتار اڳي کان به اڳري آهي. ان وچ ۾، ادب جي هر صنف ۾ هو طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي، شاعري، ناول، ڪَوِتا ناول، آتم ڪٿائون، ٽيلي ويزن جا ڊراما، مضمون نگاري، تجزيا نگاري......... مطلب ته ادب جي شايد ئي ڪا صنف هجي، جيڪا پٺاڻ صاحب جي قلم کان بچي نڪتي هجي. اهو سڀ ممڪن تڏهين ٿو ٿئي جڏهين، قلمڪار پنهنجي قلم ۽ تخليق سان جنون جي حد تائين واڳيل هجي. اهو جنون ئي ته نظر اچي ٿو، انهن سڀني ڪتابن جي صورت ۾ جيڪي ستر جي ڏهاڪي کانپوءِ هن مهل تائين پڙهندڙن جي هٿن ۾ لڳاتار پهچندا رهن ٿا.

هتي اسان خصوصن ذڪر، ڪهاڻيءَ جو ئي ڪنداسين، جنهن تي محمد علي پٺاڻ، ڪهاڻيءَ جي روايتي اسلوب سان شروعات ڪري مڃتا ماڻي ۽ پوءِ ادب جي انهيءَ صنف جي مختلف گھاڙيٽن ۾ طبع آزمائي ڪري، پنهنجي لاءِ هڪ ٻي شناخت به ٺاهي آهي.

مختصر ڪهاڻي ۽ پوءِ بنهه مختصر ڪهاڻي لکڻ ڪو ايترو سولو ڪم ناهي. روايتي ڪهاڻي پنج ڏهه صفحا ته ٿيندي ئي آهي پر ”طوفان ۾ ڪَکائون گھَرُ“ ۾ گڏ ڪيل ننڍڙيون ڪهاڻيون ڀلي ته سوا صفحي تي مشتمل هجن ، پر ان سوا يا ڏيڍ صفحي جي اندر زندگيءَ جا الائي ڪيترا معاملا ۽ مسئله ڪَرُ کنيو بيٺا آهن. ان ۾ اهڙا واقعا ۽ احساس پنهان آهن، جيڪي هڪ سوچيندڙ دماغ، تيز مشاهدي ۽ حساس دل واري جي قلم مان ئي نڪري سگھن ٿا.

”پهرين فرصت ۾“ جي عنوان هيٺ ڪهاڻي جي پڄاڻي ”ٿاڻي“ جي ڪلچر کي ايتري سادگي پر ڀرپور نموني واضح ڪيو آهي جو، جيڪڏهن ڊي ايس پي صاحب اچڻ ۾ ٿوري دير ڪري ها ته، محرم عليءَ جي خاطر توازه ۾ مٿس ٻه چار لٺيون ۽ ڪجھ موچڙن جو وسڪارو به ٿي سگھيو پئي. ”ڪير پڇندن“ ۾ وري رٽائرمينٽ کانپوءِ پينشن شروع ڪرائڻ واري عذاب مان گذرڻ واري جي ڪٿا آهي. ”کائي چَڙههُ ڪندس“ ته اڄوڪي سنڌ جي تصوير آهي. جنهن ۾ ڍَءُ ڪري ”ڪمائڻ“ جو طريقو پنڻ کي بنايو ويو آهي. ”مان اَڇي“، ان عذاب تان پردو ٿي کڻي، جنهن ۾ عياش پٽن کي اجائي ڦوشر ۾ ڪيل قتل کان بچائڻ لاءِ پنهنجي کير جهڙين ڀاڄين نياڻن کي ”ڪاري“ ڪري ماريو ٿو وڃي.

”وڃي علاج ڪراءِ“ ۾ اهو شڪي مڙس ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو اوڙي پاڙي جي هر مرد تي زال کي شڪ ڪرڻ جي تهمت هڻڻ ۽ طنز ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري، پر سندس اصليت تڏهين ٿي واضح ٿئي، جڏهن هو پنهنجي زال کي بازار محض ان ڪري نه ٿو وٺي وڃي ته، ”جي ڪنهن دڪاندار سان ٺهي وڃي ته ڇا ڪندوسانس سائين“......... وارو سوال سندس دماغ ۾ موجود آهي.

”پهڻ ۽ پيچرو“ انهن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پنهنجو پيٽ ڪٽي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ تائين ته پڄائين ٿا، پر سرڪار جي سفارشي ۽ رشوت واري ڪاروبار سبب نوڪرين کان محروم ٿي، اوڙي پاڙي جي گند ڪچري کڻڻ جو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿا ٿين.

اِهي ڪيترائي بيشمار سماجي مسئلا آهن، جيڪي انهن مختصر ڪهاڻين جي صورت ۾ موجود آهن. پر جتي ان کان علاوه جهڙي طرح عام طرح سان معاشري ۾ جهڙو ظلم روا آهي، تن کي ته تمام پُر اثر نموني بيان ڪيوويو آهي، تنهن سان گڏوگڏ انسان جي اندر ۾ موجود چڱائي، سماج کي بهتر بنائڻ واري انفرادي ۽ اجتماعي مثبت روين تي مشتمل ڪهاڻيون به موجود آهن، جيڪي پڙهندڙن کي مايوسيءَ مان ڪڍي، چڱي عمل تي آماده ڪن ٿيون. انهن ۾ ”تيسين قرب ڪيو“، ”سنئين واٽ“ جهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز هوندي به ان کي مثبت نموني منهن ڏيڻ واري سوچ ۽ ”سنئين واٽ“ ۾ خاندان ۾ زوري شادي ڪرائڻ خلاف ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ آهي چڱو ٿيو جو ڇوڪري شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ نه ته سندن وڏن لاڏن ۾ پليل ڇوڪري سڄي عمر پئي ڀوڳي ها. ”فيصلو“ ۾ اهو ٻڌايل آهي ته عشق ۾ انڌي گھوڙي تي سوار نه ٿِجي، پر ڪو وڏو ڪا چڱي صلاح ڏئي ته غور ڪرڻ ۽ ان متعلق اصل حقيقت معلوم ڪري فيصلي بدلائڻ ۾ هرج ڪونهي، جو ائين ڪرڻ سان پوري زندگيءَ جي پڇتاءَ کان ڇوڪرين جو بچڻ بهتر آهي. ”طوفان ۾ ڪَکائون گھَرُ“ پڙهڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو ته، محمد علي پٺاڻ جي پنهنجي سماج جي سوچ جي بدلجندڙ هر پهلو تي نظر آهي. هو روايتن جو امين ضرور آهي، پر سندس سوچ ترقي پسند ۽ اتساهيندڙ آهي. هو عورتن جي انسان هئڻ جي ناتي، سندن حقن جي تحفظ جو حامي آهي ۽ هر ان عمل جي نندا ٿو ڪري جيڪي عورتن کي تڪليف پهچائينديون هجن. هو هر قسم جي منفي ۽ انتها پسند سوچ جي مخالفت، ”رسو“، ”اڪيلڙو ڏيئو“، ”انڌو عشق“، ”ٻه نمبر دوائون“ ۽ ”ڪاپي“ جهڙين موثر ڪهاڻين جي صورت ۾ ڪري ٿو.

اڄوڪي دور ۾ جتي ماڻهن مان پڙهڻ جو شوق ختم ٿيندو ٿو وڃي، اتي محمد علي پٺاڻ جي، ادب ۾ ننڍي / مختصر ڪهاڻي جي وصف کي هٿي وٺرائي ان ۾ تسلسل سان لکڻ واري عمل جتي سندس ان خوبيءَ کي واضح ڪيو آهي ته وڏي کان وڏي ۽ ڏکي کان ڏکئي موضوع کي به سادن سلوڻن لفظن ۽ اظهار سان انتهائي موثر نموني پيش ڪري سگھجي ٿو. ڪهاڻيون پنهنجي اندر ايتري دلچسپي رکن ٿيون جو هڪ کان پوءِ ٻي پڙهندي پڙهندي هڪ ئي ويهڪ ۾ سڄو ڪتاب پورو ٿي وڃي ٿو. يعني هن زماني ۾، ماڻهو ڪتاب نه پڙهڻ لاءِ ”وقت“ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائيندا آهن، تن لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ بهترين لکڻي جي صورت ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ انساني احساس ۽ سماجي مسئلا، مثبت ۽ منفي صورتن ۽ لاڙن ۾ انتهائي خوبصورت اظهار جي شڪل ۾ موجود آهن. 

 

(۱۶ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي عوامي آواز ۾ شايع ٿيل)

No comments:

Post a Comment