کارُ ۽ مشين
ننڍڙي ڪهاڻي
انور ابڙو
ڪلهه:
”ادي کارُ چاڙهي
ٿئي ڇا؟“ حاجران چلهي تي چڙهيل ٽين جي وڏي دٻي کي ڏسندي، پنهنجي سئوٽِ ڪامُلِ کي
چيو.
”ها ادي، کار
چاڙهي ٿم. لٽا ۽ رلهيون ڏاڍيون ميريون ٿي ويون هيون، جهڙي گَپ. سو هَٽ تان کارُ نه
ملي ته جانڻ پُٽُ ڪلر ميڙي آيو. ان سان ڌوئان پئي.“ ڪامُلِ ٽين جي دٻي ۾ ڪڙهندڙ ڪپڙن
کي ڪاٺيءَ سان اُٿلائيندي پٿلائيندي چيو.
”ٻه لٽا
منهنجا به ان ۾ وجهي ڇڏ، مان گاهه ڪرڻ ٿي وڃان.“ حاجران منٿ ڪئي.
”ڏئي وڃ.“
اڄ:
”ادي اڄ مشين
لڳرائي ٿئي ڇا؟“ پاڙي ۾ رهندڙ نعمتِ، عظمت کي چيو، جيڪا گهر ۾ ڪم ڪندڙ مائي
شهزاديءَ کي واشنگ مشين ۾ ڪپڙا وجهڻ لاءِ هدايتون ڏيئي رهي هئي.
”ها ادي، اڄ
سنڊي آهي. مان هر سنڊي تي ڪپڙا واش ڪرائيندي آهيان،“ ائين چئي گهرڌياڻي عظمت، ڪم
واري شهزاديءَ کي چيو: ”شهزادي، وائيٽ ڪپڙا ڪلرڊ ڪپڙن کان الڳ ڪري بليچ سان واشنگ
مشين ۾ وجهجانءِ . پوءِ سڀئي ڪپڙا صرف سان ڌوئجانءِ.“
”جي ميڊم،
ائين ئي ڪيان ٿي،“ شهزاديءَ اڇا ۽ رنگين ڪپڙا الڳ الڳ ڪندي چيو.
ان بعد نعمتِ ۽
عظمت ٽي وي لائونج ۾ وڃي ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳيون.
(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي ۶ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
Post a Comment