Wednesday, September 16, 2020

ڳاراڻو

ڳاراڻو

ڪھاڻي

محمددين راڄڙي



ھوءَ جڏھن ستن ڀائرن مٿان ڄائي ھئي ته ڄڻ گھر ۾ سُندر پري پئدا ٿئي ھئي. پڻھنس ۽ ماڻھنس جي چھري تي خوشي نه پئي ماپي..

”چوندي نه ھُئيمانءِ ته دودل پٽ صدورو ٿيندو؛ ڌيءَ آڻيندو.. ايئن ئي ٿيو.. ڄڻي ڏنيمانءِ نه ”ٻاگھل“..

ماڻھنس واتان ٻاگھل نالو ٻڌي، پڻھنس ڌيءَ کي ٻنڌڻن سوڌو کڻي، اکين جو آئينو ڪري بيٺو؛ ”ھيءَ ته ست-ڀِرائي آھي... ستن ڀائرن جي ڀيڻ.. منھنجي ڏاھي ڌيءُ ٿيندي. سُگھڙ سوڍي.. ڀاڳن ڀري ڌيءُ اسان جي.“


مڙسھنس جو چھرو خوشيءَ سان ڀريل ڏسي، ڀاڳل بي ساخته چئي ڏنو: ”ست-پُٽيتي ماءُ جو اڱڻ، ڀلي پٽن جي کٽن سان ڀريل ھجي. سَڀئي پٽ الله جي شيءِ، اکين جو ڍءُ.. منھنجي دل ڀريل، جھول سُکي، پر ماءُ جي سھيلي ڌيءُ ٿيندي آھي. ماءُ دل جو حوال ڌيءُ سان اوريندي آھي. پر، ڌيءُ پرايو ڌڻ.. ڪو نالو ته وٺي... ڪنھن کي ڏسڻ کان نه ڏيان..“

سوڀاري ڌيءُ جي پيشاني چُمندي چيو: ”شل ٻاگھل ڌيءَ وڏي ئي نه ٿئي.. ايئن ئي گُڏيءَ جيتري رھي. ڌيون وڏيون ٿيندي ئي پرائي گھر ھليون وينديون آھن. ڌيئن کانسواءِ گھرن جا اڱڻ، ٻُسا ٻسُا لڳندا آھن. ٺھيو ٺھيو نُھر به ته ڌيون ٿينديون ئي نه، ھاڻي ته خوش آھين نه، چوندو ھئين نه ڀاڳل! ھڪ ڌيءُ ڄڻي ڏي.“ ڀاڳل چھري تي اطيمنان جي سَرھائي وکيريندي چيو.

سوڀاري پيار ڀرين نظرن سان ڀاڳل ڏانھن منھن ڦيرائي ڏٺو..

ڀاڳل، فاتحانه مرڪ سان ڪنڌ کٽ جي ٻئي پاسي ورائي ڇڏيو...

سوڀاري ٻنڌڻن ۾ ٻڌل ڌيءُ، ماءُ جي سيرانديءَ سان سمھاريندي، ڪمري کان ٻاھر نڪري ويو..

ڀاڳل، پاسو ورائي ڌيءَ ڏانھن ڪندي، دل ۾ چيو؛ ”عورت اولاد ڄڻي مڙس جي دل فتح ڪندي آھي.. ٻاگھل جي پئدا ٿيڻ کانپوءِ مٽ مائٽ جي وات اھا ئي وائي ته: اصل کير پيءُ ڌي ڄڻي اٿس... سوڀاري جي ڌيءَ صدوري ڀاڳڀري آھي.. مڙس کي ڀاڳ جا لوٽا ھن، ڀاڳ ورائي ويو اٿس... نه دا نه ھاڻي سوڀارو خوش آ.. پٽن جا به ولھر اٿس پر ڌيءُ رنڱي ڇڏيس.. چوندا ناھن ڪنھن جي آئي ڀاڳ، ڪنھن جي ويئي ڀاڳ.“

ھوڏانھن ڳوٺ جي ماين اچي ڀاڳل کي کنيو.. ادي، آخر مڙس جي دل ورتئي.. راڻين جھڙي سھڻي ڌيءُ الله سائين بخشي ڏيئي.. ستن ڀائرن جي ڀيڻ آھي. ڀاڳوند ڀيڻ آھي... جنھن گھر ۾ ويندي سُڃو گھر سائو ڪري ڇڏيندي..

”اڙي ادي دعا ڪيوس گھر نصيبن جا آھن.. منھنجي ڌيءُ جيئندي رھي.. بس..“

”نه دي الله سائين ڀائرن جي آس ڏيکاريس.. آڍڙي ٻُڍڙي ٿيندي..ڀائرن جي ھٿن تي ميندي لائيندي، ڳيچ ڳائيندي...“

”اڙي ادي! ڀائرن کي ته ڄَڻ گُڏي ھٿ اچي ويئي آھي.. ھڪڙو لاھيندو ٿس ته ٻيو کڻڻ ۽ کيڏائڻ لاءِ تيار بيٺو ھوندو آھي. پڻھس! پيو گھور ويندو اٿس. بس ادي! رب جا ڀانڊا ڀريل آھن. ڏيڻ تي اچي ته جھول ٻچن سان ڀري ڇڏي.. منھنجو ته پڌر ڀري ڇڏيو اٿس.. ڪھڙا شڪرانا ڪري ڪھڙا ڪريان، ان مالڪ سائين جا.. بس ادي! دعا ڪجو ته منھنجي پيٽ گھروڙي ڌيءَ ناظرن جي نظر کان بچي.. ان جي ڄمڻ کانپوءِ سوڀاري جو ھٿ به سڌو اچي ٿيو آھي.. فصل ڦرڙي لک لھن ٿا پيا، واڙو مال سان به ڀرجي ويو آھي.. لسي مکڻ پنھنجو ٿي پيو آھي.. ادي ھاڪ ھوس به ڏاڍي ٿي ويئي آھي.. ڊڄان ٿي اچي نه وڃون ڪنھن ڏائڻ جي وات ۾..“

”ادي! الله جي ٿي.. جنھن مالڪ ڀانڊا ڀريا اٿئي، ان کي ٻاجھ پوندي.. سدائين سکي ھونديئن.. اسان جون ته ادي اکيون ٿڌيون.. سڄڻ ماڻھو سکيا ٿين.. دشمنن جي منھن ۾ ڌوڙ ھوندي.. زبان ڏنڀجي اھڙن ھانءُ ڪڍندڙن جي. ادي، الله اڃان گھڻو ڏيئي.. چو واٽي جي مِٽي کڻي، اوڙي پاڙي وارن جا نالا وٺي، ڌيءَ تان گُھوري باھ ۾ وجھندي ڪر.. شل نياڻي بد نظرن کان بچي.. چڱو ادي...“

پڻھنس ھجي يا ڀاءُ، جيڪو ميلي تي وڃي، شھر وڃي.. ٻاگھل لاءِ ڪو ٻانھيون وٺي اچي ته ڪو ڪپڙا.. ڌيءُ جو ڏاج کان پھريئن ڏاج جيترو سامان ويو گڏبو..

ٻاگھل ٻاروتڻ مان ٻرانگھون ڀريندي اچي جواني جي سرحد تي مس پھتي ته ايڏي ڏاھي ۽ سياڻي ٿي پيئي جو ماڻھنس اڪثر چوندي ھيس... ”ڇوڪري ڀلا تون منھنجي ماءُ ڪي؛  مان تنھنجي ماءُ..“

پڻھنس به زمين جو ڀانڊو اچي ھٿ تري تي رکندو ھُيس... ڀائر به پئسا پاءُ اچي ٻاگھل کان گھرندا ھا.. سموري گھر جي ھلي چلي ٻاگھل جي ھٿ.. پيءُ پيو پڇندس؛ امان او زمين جا ڪاغذ ڪاٿي... ڀائر پيا گھور ويندس...سموري گھر جو ڪاروھنوار ٻاگھل جي ھٿ... سموري گھر جي ڪنجي ٿي پيئي.. ٻاگھل کانسواءِ گھر ھلي ئي نه... ڀائرن جون شاديون ٿين ته مٽ مائٽ دانھن ئي نه ڪري سگھن: جيئن ڇوڪري کي الله سائين حُسن ڏنو آھي ايئن اخلاق.. جھڙي صورت، تھڙي سيرت... دا منھنجي ڌيءُ ناھي، ٻاگھل اٺون پٽ آ.. سوڀارو ڌيءُ جي تعريف ٻڌي.. اڪثر ايئن چئي ڏيندو ھو.. ھائو دا، نسورو ڀاڳ اٿئي..نياڻي جو منھن. ڀاڳ اٿئي جو قلعو قابو اٿئي دا.. باقي جوان مڙسن جو آسرو گھٽ.. اھا نياڻي ڄائي آھي ته مڇي ماني جھڙا ٿيا آھيون.. ماڻھنس به ويئي ٻاگھل جي ڏاج جون پيٽيون ڀريندي.. جيڪا رلھي، جيڪو ڀرت، گج، ٿانءُ ٿِپو، سون ويئي گڏائيندي... ”چوندا آھن نه ڌيءُ ڄائي سايو شروع ڪيو...“

ٻاگھل جا ڪيترا ئي رشتا ايندا رھيا... مٽ مائٽ ٻاگھل بدلي ٽي ٽي سڱ به کڻي آيا.. پر، سوڀاري جي ھڪ ئي وائي: تنھنجو پٽ منھنجي ڌيءَ جي مٽ ناھي.. ڪيئي پير، فقير مٽ مائٽ وٺي آيا... پر، سوڀارو مڃئي نه... ويندي ويندي مائٽ چڙي پونس.. ڌيءُ آخر اٿاريندي ڪي نه.. آخر ته شينھن ڪلھي چڙھندي... خدا جو بار ٿي.. سياڻو ٿي... ڌيءُ اٿار، بار ھلڪو ڪر...

سوڀاري کي لڳي بڇان... ڀلا تڪڙي ڪر، منھنجو پٽ به ڪنوار لھندو، ڪنوارن ڪڏھن ڀلا ڳوٺ ٻڌو آھي... سوڀارو به تڙي ڏي؛ جي دا گھوٽ ڪنوار لھندو ته منھنجي ڌيءُ به گھوٽ لھندي... ھلندو ٿي...“

”ڀيڻا جا شھزادي ڌيءَ ڄڻي ٿي... جو سموري ڳوٺ ۾ ڌيڻنس جي مٽ ڪنھن گھوٽ تي تنھنجي اک ئي نه ٿي ٻڏي...“

آخر ھڪ ڏينھن سندس پاڙي جو چڱو مڙس سوٽي سوٽ گھرام خان آڪھ سوڌو اچي گھر ويٺس: ”ادا سوڀارا! آھيان ته مان اٿي ويٺي وارو مڙس يار، چار ڏاڙھيون سلامي ھونديون آھن.. اڄ ڏينھن تائين الله ھٿ نه منجھايو آھي... پر يار اڄ تنھنجي اڱڻ تي پلئه اچي وڇايو آھي... گداگر سمجھين، مٽ سمجھين، منٿ سمجھين... ميڙ سمجھين، ھي ٻار ٻچا به آندا اٿم... منھنجي جھول خالي نه موٽائجانءِ...“

”اڙي ادا تو کي الله آندو آھي.. اسان جي ته اکين عيدان ڪيون آھن... الله جو ٿي... تنھنجي لاءِ لک عزتان..سر گُھرين تان، ڪنڌ تان لاھي ڏيانءِ.. تنھنجي لک عزت آھي.. تون حڪم ته ڪر.. ادا! پھريئن واعدو ڪر.. منھنجي لاڄ رکندي...“

”اڙي ادا! تون حڪم ڪري ته ڏس..“

”ادا! ٻاگھل جي ٻانھن سالار خان لاءِ وٺڻ آيو آھيان... منھنجو به اڪيلو پٽ آھي... جھڙي تنھنجي نياڻي، تھڙي منھنجي ٿي رھندي... بي مانو نه ڪجانءِ، چڱن جو ڄايل آھين.. سڻائي ورندي ڏجانءِ....“

سوڀاري ھڪ نظر ڀاڳل ڏانھن نھاريو... ھڪ نظر وڏن پٽن ڏانھن... ۽ ٻانھون جوڙي گھرام خان کي مخاطب ٿي چيائين: ”گھرام خان اڃان اکين ۾ ديد آھي...چڱن جي سڃاڻ آھي... ٻيو پاڻ اڃان ڪجھ ناھي ورھايو، منھنجي نياڻي به تنھنجي گھر سوکو ٽڪر کائيندي، وڏ گھراڻي جي ننھن ٿيندي، ائين به پاڻ ھڪو ڪجھ آھيون، ھڪ ئي رت آھي، وچ ۾ ويڇا پئجي ويا ھئا، جي ته وري به تو سڃاڻ ڪيئي آھي ۽ وڃايل رستي تي موٽي آيو آھين ته اسان به چڱن جا ڄايل آھيون، اک سڃاڻ آھي، کڻي بار ته وزني آھي.. پر ادا تنھنجو ۽ اسانجو ساڳيو گھر الله فرق نه ڪندو.. تو جھڙي جوان کي ڪيئن موٽايان، وڌيڪ ڪھڙي پارت ڪيائين..“

مٺاين جا ٽوڪرا کُلي ويا..

ھر ڪو چئي؛ وڏ گھراڻي ۾ ڇوڪري خوش ٿيندي...

گھرام خان جو به اڪيلو پٽ سموري تر جا مڱڻھار اچي مڱڻي ۽ پرڻي تي مِڙيا... مُلڪ سُر سنگيت ٿي ويو... ايڪڙن ۾ شاميانه لڳا... مُلڪ ڪانڍجي ويا... ڦنڊران ڪسجي ويون، ميلي جيڏي شادي، ٽي ڏينھن شادي ھلندي رھي.. طرحين طرحين طعام.. ماڻھن جي وات آڱريون... ھل ڀيڻا.. شادي ڪجي ايئن جيئن گھرام خان ڪئي.. اصل ٽين کڙڪائي ڇڏيائين.. ھل ڀيڻان مڙس تنھنجي رھائي.. شادي پھاڪو بڻجي ويئي.. مثال قائم ٿي ويا... آخر، ھڪ، ٻه ڇھ، ٻارنھن مھينا اچي ٿيا... چوندا آھن ته؛ ”سَس جون نگاھون؛ ننھن جي پيٽ ۾...“ سُس پس... وارث.. ھڪ سال، ٻه، ٽي... چار سال... علاج، تعويذ، ڦيڻا، پير فقير...پر، ھڪ خبر زال کي، ٻي مڙس کي.. راز...آخرڪار طعنا، مھڻا... ٻي شادي جو نالو ٻڌندي ئي ٻاگھل مجبور ٿي ٻاڦ ٻاھر ڪڍي... چاچي ٻيئن ته ڇا، ٽيئن ڀلي ست ڪنوارون پرڻائي پُٽ کي.... پر، وارث جو آسرو ئي لاھي ڇڏ...

سسڻھنس جو چھرو سواليه نشان.... آخر ڇو ٻاگھل.؟!! ھر ڪنوار نه ٻاگھل وانگي ٿڌيءَ مِٽي جي ٺھيل ھوندئي؛ نه ٻاگھل جھڙو ڀرم رکندئي..... ڇا جو ۽ ڪھڙو ڀرم ٻاگھل؟

”چاچي مِينھن جو ٿَڻ کِير ڇڏي وڃي ته سائو ٿي ويندو آھي؛ پر سُڪل، مئل ٿڻ سائو نه ٿيندو آھي“........!!؟“


No comments:

Post a Comment